ٽالهي رپورٽ (ن پ ا) ٽالهي ويجھو ڳوٺ خير محمد لغاري تعلقو جھڏو جي رهواسين پاران برساتي پاڻي جي ڇنڍڻ کي لٽي بااثرن پاران مبينا طور روڊ ٺهرائڻ خلاف ڪنري جهڏو مين روڊ ڀرسان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي انھي سلسلي ۾ احتجاج ۾ شريڪ رهواسين لعل خان لغاري، غلام محمد لغاري، اڪبر لغاري، پهلاج ڪولهي، رامچندر ڀيل ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ديهه ڪڙيا تپو ڪنڊياري تعلقو ڪنري ضلعو عمرڪوٽ ۽ ديهه 356، ديهه 342 تپو آهوري تعلقو جهڏو ضلعو مير پور خاص جي ٻن ضلعن جي ڪراس تي انگريزن جي دور کان برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ ڇنڊڻ ٺاهي وئي هئي جنهن کي هتان جا بااثر انهي ڇڍڻ کي لٽي مٿان روڊ ٺهرائڻ جي ڪوششن ۾ آهن، روڊ ڪڍڻ سان برساتي پاڻي جي ڇنڊڻ بند ٿي ويندي، جنهن سبب برساتن دوران ڪيترا ئي ڳوٺ ۽ ڀرپاسي جا علائقا برساتي پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويندا، جنهن سبب مالي توڙي جاني نقصان پڻ ٿي سگهي ٿو، هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڇنڍڻ جي بحالي لاءِ اسان جو ڪيس سيشن ڪورٽ ۾ پڻ هلندڙ آهي، هنن اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري، ڊي سي عمرڪوٽ، اسسٽنٽ ڪمشنر جهڏو، ڊي سي ميرپورخاص سميت لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي انگريز وقت کان قائم ڪيل برساتي پاڻي جي نيڪال کي بحال ڪيو وڃي ته جيئن مالي توڙي جاني نقصان ٿيڻ کان بچي سگهجي.