اسان جي ماڻهن جا عجيب رويا آهن رات جي ٽائيم اڪثر گهٽين ۾ موبائيل جي لائيٽ يا ٽارچ سڌي ٻاري هلندا آهن ۽ سامهون ايندڙ جو ڪو به خيال ناهن ڪندا ته ٽارچ جي روشني لڳڻ سان اڳيان ايندڙ انسان جي اکين ۾ روشني لڳڻ سان نظر ناهي پوندي ڪٿي رستي ۾ اڳيان ڪا گپ چڪ، نالي يا گٽر ته ناهي تنهن ڪري سامهون ايندڙ شخص هڪدم روڪجي ويندو آهي ۽ ان شخص طرفان اخلاقي طور ان ٽارچ ٻاريندڙ شخص کي روشني هيٺ ڪرڻ جو چئبو آهي ته همراهه ڪاوڙ مان سيٽجي ويندو آهي ڄڻ کيس ڪو ڌڪ هڻي ڪڍيو هجي تنهن ڪري ٽارج ٻاريندڙ هر ان شخص کي سامهون ايندڙ شخص جو خاص خيال ڪرڻ کپي،  اونداهي ۾ موبائيل لائيٽ يا ٽارچ لائيٽ جي روشني لڳڻ سان سامهون شخص جي نظر ناهي پوندي تنهن ڪري ٽارچ جي روشني هيٺ ڪري هلجي، جيئن سامهون ايندڙ جي اکين ۾ روشني نه لڳي يا روشني لڳڻ سان کيس ڪا تڪليف نه رسي منهنجو سمورن انهن دوستن کي اهو عرض آهي ته رات جي ٽائيم گهٽين ۾ ان ڳالھه جو خاص خيال رکو ته اهو هڪ بهترين عمل هوندو…. (فيس بوڪ تان ورتل)