مٺي(رپورٽر) ٿرپارڪر جي جهن پوليس هٿان چوري جي 8 مهينا پراڻي ڪيس ۾ نالو ايڊ ڪري گرفتار ڪيل ٽنڊوباگو پريس ڪلب جي صدر، ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنهنجي اخبار جي رپورٽر انور عباسي کي  پوليس آزاد ڪري ڇڏيو، جهن پوليس گرفتار صحافي انور عباسي کان چوري واقعي جي ڪابه ثابتي يا رڪوري نه ملڻ ۽ فريادي جي مطمئن ٿي وڃڻ کانپوءِ کيس جاچ دوران 169 سي پي آر سي تحت ڪيس مان آجو ڪري ڇڏيو، ڪيس جي آءِ او صحافي وٽان لڳل الزام جي ڪابه ثابتي نه هجڻ ڪري پنهنجا اختيار استعمال ڪندي کيس آزاد ڪيو، صحافي کي 3 ڏينهن اڳ جهن ٿاڻي جي ايس ايچ او هاشم سومرو ٽنڊي باگي مان گرفتار ڪري جهن ٿاڻي گرفتاري ظاهر ڪئي هئي، ايس ايچ او موجب اسان ڪابه ثابتي نه گذرڻ ۽ فريادي کي اعتماد ۾ وٺڻ بعد صحافي کي آزاد ڪريون ٿا ۽ کيس رليز ڪرڻ واري رپورٽ اڄ لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪنداسين، هوڏانهن صحافي جي گرفتاري کانپوءِ صحافين جي احتجاج سبب ڪيس جي آءِ او سان گڏوگڏ ايس اس پي ٿرپارڪر عديل ميمڻ فريادي، گرفتار صحافي ۽ لاڳاپيل پوليس آفيسرن کي روبرو گهرائي خود تحقيقات ڪئي، جنهن ۾ صحافي بيڏوهي ثابت ٿيو، جنهن کانپوءِ ايس ايس پي قانوني گهرجون پوريون ڪري کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو، هوڏانهن صحافي انور عباسي کي آزادي بعد عوامي پريس ڪلب مٺي تي آندو ويو، جتي بدين ۽ ٿرپارڪر ضلعن جي صحافين ممتاز نهڙيو، مهرالدين مري، شفيع جوڻيجو، عبدالوهاب پٺاڻ، عطا نهڙيو، سليم ميمڻ،  لجپت آگراڻي، سومار راهمون ۽ ٻين پاران آجيان ڪئي وئي.