نئون ڪوٽ (رپورٽ: پيار علي نهڙي) نئون ڪوٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول جي هاسٽلز جو لوهه وڪرو ڪرڻ بابت پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي خبر جو انتظاميا نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي، ميرپورخاص تعليم کاتو ۽ ضلعي انتظاميا جي سجاڳ ٿيڻ تي  اسڪول انتظاميا ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي، خبر موجب نئون ڪوٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول جي هاسٽلز جو لوهه غيرقانوني وڪرو ڪرڻ واري خبر ٽائيم نيوز تي نشر ۽ پنهنجي اخبار ۾ شايع ٿيڻ بعد ڊائريڪٽر تعليم سيڪنڊري ۽ ھائير سيڪنڊري ميرپورخاص محمد اقبال ڪنڀار ۽ ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص رشيد مسعود معاملي جو نوٽيس وٺي ماتحت آفيسرن کي ڌار ڌار جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، ان حوالي سان ٽائيم نيوز سان رابطو ڪرڻ دوران ڊائريڪٽر تعليم ميرپورخاص محمد اقبال ڪنڀار ٻڌايو ته ٽائيم نيوز جي خبر بعد مون کي ان معاملي جي ڄاڻ ملي، جنهن تي مون فورن ڊي اي او سيڪنڊري ۽ ھائير سيڪنڊري ميرپورخاص طاهر سليم  کي خط لکي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، جيڪو جاچ ڪري جلد رپورٽ پيش ڪندو، ٻئي پاسي ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص رشيد مسعود موجب لوهه واري معاملي جي جاچ لاءِ مون اسسٽنٽ ڪمشنر جھڏو کي جاچ جو حڪم ڏنو آهي، جيڪو جلدي معاملي جي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪندو، ياد رهي ته مھينو اڳ نئون ڪوٽ جي هائير سيڪنڊري اسڪول جي هاسٽلز جي بلڊنگ ڊاٺي وئي جنهن بعد ڪجھ ڏينھن اڳ ڳجهه ڳوهه ۾ اسڪول انتظاميا پاران بنا آڪشن جي هزارين سرون ۽ لکين رپين جو قيمتي لوهه بنا آڪشن جي وڪرو ڪيو، وڪري بعد لوهه جون گاڏيون ڀري ڪٻاڙين کي ڏيڻ واريون ويڊيوز پڻ سامهون آيون هيون، جنهن جي خبر ٽائيم نيوز تي نشر ٿيڻ بعد ضلعي انتظاميا ۽ تعليم کاتي حرڪت ۾ اچي معاملي جو نوٽيس ورتو جنهن  بعد اسڪول انتظاميا ۾ ٿرٿلو مچي ويو، ذريعن موجب معاملي کي لئي مٽي ڪرڻ لاءِ اسڪول انتظاميا پاران ڊڪ ڊوڙ پڻ شروع ڪري ڏني وئي آهي.