سجاول (رپورٽ: رياض ميمڻ) ٽائون ڪاميٽي سجاول جي ٽائون آفيسر ديدار شاھ کي 15 ڏينهن اڳ لوڪل گورنمينٽ سيڪريٽري پاران برسات ايمرجنسي دوران غفلت جي الزام ۾ معطل ڪيو ويو هو. جنھن کي پندرهن ڏينھن گذرڻ باوجود اڃان تائين نئون ٽائون آفيسر مقرر نه ٿي سگھيو آھي. جنھن ڪري ٽائون ڪاميٽي سجاول جي سوين ملازمن جون پگهارون هن مهيني جاري نه ٿي سگهيون آهن ۽ ٽائون ملازم سخت پريشاني جو شڪار ٿي ويا آهن. ان سلسلي ۾ ٽائون ملازمن جو چوڻ آهي ته هو قرض تي گهر لاءِ راشن وٺندا آهن، هن مهيني دڪاندارن کي قرض ادا نه ڪري سگهيا آھيون، ان ڪري دڪاندارن راشن ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو آهي. جڏھن ته ٻين ضرورتن جي پورائي لاءِ پڻ سخت پريشان آھيون. ان کان علاوه ٽائون آفيسر مقرر نه ٿيڻ سبب شهرين کي پيدائش جا سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جو سلسلو پڻ بند ٿي ويو آهي. هلندڙ مهيني اسڪولن ۾ بورڊ جي امتحانن لاءِ انرولمينٽ فارم ڀرڻ لاءِ نادرا جو فارم ٺھرائڻ لاءِ پيدائش جي سرٽيفڪيٽ کي لازمي قرار ڏيڻ سبب سوين شاگردن جو سال ضايع ٿيڻ جو خدشو پڻ آهي، جنهن ڪري شاگردن جي والدين ۾ سخت پريشاني ڇانيل آھي. شهرين ۽ ٽائون ڪاميٽي جي ملازمن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته جلد کان جلد سجاول ۾ ٽائون آفيسر مقرر ڪري ملازمن کي پگهارون جاري ڪيون وڃن ۽ شھرين کي سندن ٻارن جا پيدائشي سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا وڃن. ٻئي پاسي ٽائون ڪاميٽي چيئرمين آفتاب شاھ شيرازي رابطو ڪرڻ تي چيو ته ٽائون آفيسر مقرر نه ٿيڻ سبب مسئلا پيدا ٿيا آهن. ٽائون آفيسر جي مقرري کانپوءِ شهرين کي درپيش مسئلا حل ٿي ويندا ۽ ملازمن پگهارون پڻ جاري ٿي وينديون.