لنڊن(م ڊ) دنيا جي امير ترين شخص ۽ ايڪس (ٽوئيٽر) جي مالڪ ايلون مسڪ خبردار ڪيو آهي ته اسرائيل ۽ حماس سوڌو يوڪرين ۽ روس جنگ سبب انسانيت امڪاني ٽين عالمي جنگ جي ويجهو پهچي وئي آهي. ايڪس تي لائيو آڊيو چيٽ دوران ايلون مسلڪ چيو ته ٽين عالمي جنگ کي ٽارڻ هن وقت سڀ کان اهم ترين مسئلو آهي.
هن چيو ته ٽين عالمي جنگ انسانيت لاءِ اهڙو خطرو آهي جنهن مان اسان شايد ڪڏهن به اڀري نه سگھنداسين.هن وڌيڪ چيو ته اسرائيل ۽ حماس جي جنگ ڪهڙي پاسي وڌي رهي آهي؟ ڇا ٽين عالمي جنگ ڏانهن وڌي رهي آهي؟ سندس چوڻ هو ته ٽين عالمي جنگ کان بچڻ اسان جي پهرين ترجيح هجڻ گھرجي،پهرين عالمي جنگ ۾ به هڪ خطي جو تڪرار عالمي جنگ جو سبب بڻجي ويو هو، ائين هڪ ڀيرو وري ان وقت ٿي سگھي ٿو جڏهن معاملا قابو کان ٻاهر ٿي ويندا. ايلون مسلڪ چيو ته اسان جي علم کان اڳ ئي اسان تمام وڏي عالمي تڪرار کي منهن ڏئي سگھون ٿا جنهن سبب ٿيندڙ تباهي پهرين يا ٻين عالمي جنگ کان وڌيڪ هوندي.