ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ضلعي جي شھر ڦلھڏيون ۽ سانگھڙ جي شھر کپرو وچ ۾ قائم ڳوٺ ڪنچاري جي رھواسڻ ڪولھي برادريءَ جي ماڻھن زميندار جي مبينا طور تشدد سبب فوت ٿي ويل عورت 30 سالن جي پاري ڪولھي جو لاش ميرپورخاص پريس  ڪلب اڳيان رکي احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي الزام لڳائيندي فوتڻ جي مڙس رامسنگھه چيو ته سندس 10 سالن جو پٽ ڀيمراج حد جي زميندار روشن مڱرئي وٽ ٻڪريون چاريندو ھو، جيڪو صبح جي ٽائم ٿورو دير سان ٻڪريون چارڻ لاءِ پھتو تھ زميندار مٿس تشدد ڪيو، جنھن کي ڇڏائڻ لاءِ سندس امڙ وئي ته زميندار مٿس ڏنڊن سان تشدد ڪيو ۽ بعد ۾ زھريلي دوا پياري، ھن وڌيڪ چيو ته ھو پنھنجي زال جي زندگي بچائڻ لاءِ کيس سول اسپتال حيدرآباد کڻائي ويا، جتي ھوءَ فوت ٿي وئي. ھن چيو ته ھو ڦلڏھيون ٿاڻي تي پڻ ويا پر پوليس سندن ڪيس وٺڻ لاءِ تيار ناھي، جنھن ڪري مجبور ٿي ھنن لاش رکي ڌرڻو ھنيو آھي. ھنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آھي، ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري کين انصاف فراھم ڪيو وڃي.

نينگر مون وٽ آيو ئي ناهي ته آئون تشدد ڪيئن ڪندس، قرض ڦٻائڻ لاءِ ڊرامو ڪيو پيو وڃي: زميندار

ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ڦلهڏيون ٿاڻي جي حد ڪڻڇاري جي ڳوٺ روشن منڱريو ۾ پاري ڪولهي جي مبينا قتل واري واقعي جي الزام هيٺ آيل زميندار ۽ يونين ڪائونسل جي وائيس چيئرمين روشن منڱريو ۽ سندس ڀاءَ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان جي هاري رامسنگھه جو پٽ مون وٽ ٻڪريون چاريندو هو جيڪو نه آيو ته کيس گهران سڏ ڪرايو ته هن جواب ڏنو ته مون کي پنهنجي ماءُ منع ڪئي آهي جنهن بعد آئون ڪم تي نٿو اچي سگهان، جڏهن هو آيو هي ناهي ته آئون تشدد ڪيئن ڪندس، هن چيو ته رامسنگھه جي گهرواري پاري ڪولهي ۽ رامسنگھه ۾ گهريلو معامرن تي جهيڙو هلندڙ هيو، جنهن کان تنگ ٿي هن پيل زهريلي دوا پي خودڪشي ڪئي آهي جنهن جو الزام منهنجي مٿان لڳايو پيو وڃي، جڏهن ته دوا پيئڻ بعد اتان جي ڳوٺاڻن ۽ سندس مڙس سول اسپتال کپرو پهچايو جتان کيس ميرپورخاص سول اسپتال اندو جتي عورت پارو فوت ٿي وئي،هن چيو ته رامسنگھه ۽ هن جي مائٽن تي منهنجو 5 کان 7 لک روپيا قرض آهي جيڪو ھاڻي هو ڦٻائڻ خاطر ڪوڙو ڊرامون رچائي رهيا آهي، هن ڊي آئي جي ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص کان مطالبو ڪيو ته معاملي جي شفاف جاچ ڪري انصاف ڪيو وڃي.