حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد حددخلين خلاف داخل درخواستن جي ٻڌڻي دوران غير حاضر رهڻ تي ايڇ ايم سي جي ميونسپل ڪمشنر جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪندي کيس گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ٻڌڻي جسٽس ذوالفقار احمد خان ۽ جسٽس محمد جيسر ڪئي. عدالت ميونسپل ڪمشنر بابت پڇا ڪئي ته عملدار آگاهي ڏني ته ميونسپل ڪمشنر محمد علي شيخ جي بدلي ٿي وئي آهي. عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رمارڪس ڏنا ته ميونسپل ڪمشنر جي بدلي ٿي آهي ته پوءِ اسان به بدلي ڪرائي وڃو ڇا؟ جسٽس ذوالفقار احمد خان رمارڪس ڏيندي چيو ته هونئن آفيسر پوسٽنگ نه ملڻ تي دانهون ڪندا رهن ٿا، جڏهن کين پوسٽنگ ملڻ بعد ڪم جو چيو ويندو آهي ته هو بدلي ڪرائي ٿا وڃن. عدالت ميونسپل ڪمشنر جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ايس ايس پي کي حڪم ڏنو ته ايندڙ ٻڌڻي تي کيس گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. ڊپٽي ڪمشنر عدالت کي آگاهي ڏني ته ميونسپل ڪمشنر بدلي ٿيڻ بعد ٻيو ميونسپل ڪمشنر زاهد خواجه مقرر ٿيو آهي جڏهن ته ايڇ ايم سي جو سمورو ڪاروهنوار هلائيندڙ ايڊمنسٽريٽر صفدر ٻگهيو به شهر ۾ موجود آهي پر اهو به عدالت ۾ پيش نه ٿيو آهي. تنهن تي عدالت پوليس کي پابند بڻايو ته انهن ٻنهي عملدارن جي حاضري کي به يقيني بڻايو وڃي. رستن تي لڳل فنڊن بابت رپورٽ تي جسٽس سليم جيسر رمارڪس ڏنا ته حيسڪو ڪهڙي قانون تحت سنڌ سرڪار کان فنڊ جو مطالبو پئي ڪري؟ ٿنڀن بابت حيسڪو ڪنهن کان اجازت ورتي هئي؟ ان تي عملدار جواب نه ڏئي سگھيا. عدالت حيسڪو وارو معاملو حل ڪرڻ لاءِ ڪمشنر حيدرآباد جي سربراهي ۾ نيپرا انرجي ڊپارٽمينٽ، حيسڪو چيف، ميونسپل ڪمشنر ۽ ضلعي انتظاميا تي مشتمل 6 رڪني ڪميٽي جوڙيندي ڪمشنر کي حڪم ڏنو ته 15 ڏينهن ۾ معاملو حل ڪري رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وڃي. ڊي سي عدالت کي آگاهي ڏني ته ڪمرشل علائقن مان هيستائين لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو حددخليون هٽايون ويون آهن جڏهن اينٽي انڪروچمينٽ سيل جو عملو سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. عدالت ايس ايس پي کي ٻيهر پابند بڻايو ته آپريشن بعد ٻيهر علائقن ۾ قبضو ڪري ڪاروبار ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪري. ايس بي سي اي ۽ ايڇ ايم سي عملدارن خلاف ڪارروائي بابت عدالت نيب کي حڪم ڏنو ته هو مهيني اندر معاملي جي جاچ ڪري رپورٽ جمع ڪرائي وڃي. ٻڌڻي 13 اپريل تائين ملتوي ڪئي وئي.