ٻچن جي پارت اٿوَ : قمبر ۾ بيروزگار پيءُ ٻار ۽ زال ساهرين ڇڏي پاڻ ساڙي آپگهات ڪري ڇڏيو

0
17
ٻچن جي پارت اٿوَ : قمبر ۾ بيروزگار پيءُ ٻار ۽ زال ساهرين ڇڏي پاڻ ساڙي آپگهات ڪري ڇڏيو
ٻچن جي پارت اٿوَ : قمبر ۾ بيروزگار پيءُ ٻار ۽ زال ساهرين ڇڏي پاڻ ساڙي آپگهات ڪري ڇڏيو

قمبر(رپورٽ: عبدالرحيم منگي) قمبر جي علي خان پاڙي ۾ بيروزگاري کان تنگ اچي 28 سالن جي نوجوان محمد نواز ڪنڀر پاڻ مٿان پيٽرول هاري باھه ڏني ڇڏي، نوجوان کي وارث اسپتال کڻائي آيا، لاڙڪاڻي اسپتال ۾ نوجوان دم ڏئي ڇڏيو، فوتي نوجوان جي ڀاءُ شاهنواز ڪنڀر جو چوڻ هيو ته ڀاءُ اٽي جي پيسائي واري چڪي تي مزدوري ڪندو هو، ڪجھه ڏينھن کان ڪم نه ملڻ سبب  بيروزگار هو، غربت کان تنگ اچي هن آپگهات ڪيو آهي. فوتي کي 3 ٻارن جو اولاد هو.

نواز ڪنڀر تغاري به کنئي، ريڙهي تي فروٽ به وڪرو ڪري چڪو

قمبر: بيروزگاري سبب خودڪشي ڪندڙ نوجوان محمد نواز ڪنڀر کي 3 ڌيئرن جو اولاد آهي، پاڻ ۾ ٻه ڀائر هيا، سندس  ٻيو ڀاءُ گڏھ گاڏو هلائيندو آهي، اهو به شادي شده آهي، سندن والد فوت ٿي چڪو آهي، پيرسن ماءُ  اٿن. نواز ڪنڀر   ڪراچي به ڪجهه وقت مزدوري ڪئي، واپس موٽي آيو، تغاري جي مزدوري به ڪايائين، ريڙهي تي فروٽ به وڪرو ڪيو، ڏيڍ سال کان اٽي جي پيسائي واري چڪي تي ڪم ڪندو هيو، پوءِ بيروزگاري ٿي ويو. جنهن سبب پريشان رهندو هيو، زال کي ٻارن سميت ساهرن جي گهر ڇڏي آيو، جنهن بعد واپس گهر ۾ اچي پاڻ کي باھه ڏئي زندگي جو انت آندو.