لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ بکايل پورهيت مدد لاءِ بينر کڻي نڪري پيو، وچ روڊ تي نٽهڻ اس ۾ مالي سهائتا لاءِ پڪارون. خبر موجب شهر جي چانڊڪا اسپتال روڊ تي بيروزگار پورهيت صدام علي مالي مدد لاءِ صدائون هنيون، ان موقعي تي پورهيت ميڊيا آڏو دانهون ڪيون ته ڪيترن ئي ڏينهن کان بيروزگاري سبب سندس گهر ڀاتي بک تي آهن، کين کائڻ پيئڻ جو سامان ناهي، معصوم ٻچا لنگهڻ ڪاٽي رهيا آهن، خدارا مالي مدد ڪري راشن مهيا ڪيو وڃي، هن چيو ته سنڌ حڪومت جي ڪورونا وائرس سبب لڳايل لاڪ ڊائون کانپوءِ بي روزگاري توڙي مهانگائي سبب هو سخت پريشان آهي، هن چيو ته مزدوري نه ٿي ملي، مجبور ٿي پني رهيو آهيان، خدارا مالي مدد ڪري سامان مهيا ڪيو وڃي.