ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) گھرو وزير ضياءِ الحسن لنجار چيو آهي ته منهنجي گهرو وزارت سنڀالڻ کان اڳ عورتاڻي آواز تي هرکجيل 70 کان وڌيڪ شهري ڌاڙيلن وٽ يرغمال هئا، جڏهن ته هن وقت ڌاڙيلن وٽ رڳو 3 شهري يرغمال آهن، هن چيو ته ٻٻرلوءِ ڌرڻي وارن خلاف انتقامي ڪارروائي طور ڪو ڪيس داخل ناهي ٿيو. هن چيو ته ايپيڪس ڪاميٽي ۾ سندس مطالبي تي سنڌ پوليس کي وڌيڪ 4 بڪتر بند گاڏيون فراهم ڪيون ويون آهن، جڏهن ته پوليس کي جديد هٿيار به فراهم ڪيا پيا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ميٽروپوليٽن شهر آهي انهي باوجود شهر ۾ ڏوهن ۽ ٽريفڪ حادثن ۾ گهٽتائي ٿي آهي.