سکر/خيرپور(نمائندن وٽان) ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي سنڌ دشمن ڪئنال اڏڻ، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ ڌرڻو ڏهين ڏينهن به جاري رهيو. حيدرآباد بار جي اليڪشن هجڻ سبب وڪيلن جي ڪور ڪميٽيءَ جو اجلاس نه ٿي سگهيو. اڄ آچر ڏينهن اجلاس ۾ ريلوي ٽريڪ بند ڪرڻ سميت ٻين تجويزن تي غور ويچار ڪرڻ بعد آئينده جي حڪمت عملي جوڙي ويندي. ڌرڻي کي خطاب ڪندي وڪيل اڳواڻ عامر نواز وڙائچ چيو ته ميڊيا جا ماڻهو پڇن ٿا ڌرڻو ڪڏهن ختم ٿيندو مان کين چوان ٿو ڌرڻو يا ته اسان جي لاشن تي ختم ٿيندو يا ڪئنالن جي منسوخي واري نوٽيفڪيشن تي ختم ٿيندو، ڪئنالن جي منسوخي جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ تائين ڌرڻو ختم نه ڪنداسين، اسان ڪنهن به ڪانفرنس يا سي سي آءِ کي نٿا مڃون، جان هلي وڃي پر هڪ ته ڇا اڌ ڪئنال ٺهڻ نه ڏينداسين. سنڌوءَ جو سنڌ صوبي تي نالو آهي ۽ سنڌ جي سڃاڻپ آهي. سنڌو ختم ٿيندو ته سنڌين جي شناخت ئي ختم ٿي ويندي. عامر نواز وڙائچ. تفصيل موجب ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي سنڌوءِ تي تڪراري نوان ڪئنال اڏڻ، ڪارپوريٽ فارمنگ، 26 هين آئيني ترميم ۽ پيڪا ايڪٽ خلاف وڪيل اڳواڻ عامر نواز وڙائچ، بئريسٽر سرفراز ميتلو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ڌرڻو 10 ڏينهن به جاري آهي. پوري سنڌ مان سياسي، سماجي، مذهبي، ادبي، سول سوسائٽي، استادن، شاگردن، اديبن، شاعرن، فنڪارن توڙي مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڌرڻي کي خطاب ڪندي وڪيل اڳواڻ عامر نواز وڙائچ چيو ته اسان ڪنهن لالچ نه پر ڌرتي ماءُ جي حفاظت لاءِ ويٺا آهيون. پوري سنڌ جي رهواسين کي اپيل ڪندس ته اوهان به نڪرو، اڄ ڌرتي کي اوهان جي ضرورت آهي. هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير مراد شاهه چيو اسان سان نه مليا. وفاقي ۽ صوبائي وفد جو هڪڙو وقت هيو، سينيئر وڪيل پ پ اڳواڻن سيد خورشيد شاهه ۽ نثار احمد کهڙو سان ملاقات ڪئي، ٻئي وفد مون سان ملاقات ڪئي هڪ وقت ۾ هڪ سان ئي ملي سگهجي ٿو. اهو به ٻڌايو ويو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي حوالي سان پيپلز پارٽي ڪهڙو قدم کنيو آهي. زمينن جي الاٽيمينٽ کي به ڪينسل ڪيو وڃي. عامر نوز وڙائچ چيو ته ڪالهه لکن جي تعداد ۾ ماڻهو ڌرڻي ۾ پهتا، گرمي آهي پر مون کي ناهي ٿيندي ڇو جو مان پنهجي درياءَ سنڌ کي بچائڻ لاءِ بيٺو آهيان، سنڌوءَ جو سنڌ صوبي تي نالو آهي ۽ سنڌ جي سڃاڻپ آهي. سنڌو ختم ٿيندو ته سنڌين جي شناخت ئي ختم ٿي ويندي، اوهان کي درياءَ جي لاءِ وڙهڻو پوندو، هي ڪئنالز اسان ڪنهن به صورت ۾ منظور نه ڪنداسين. ڪئنالز رد ڪرڻ جو فوري نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي، جان ڏيڻ لاءِ تيار آهيون پر هڪ ڇا اڌ ڪئنال ڏيڻ لاءِ به تيار ناهيون، گهوٽڪي جي رهواسڻ پٽ جي قاتلن جي گفتاري لاءِ ڌرڻي م پهتي عامر وڙائچ پاران قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو، ڪئنال رٿا خلاف ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي وڪيلن طرفان لڳايل ڌرڻي کي ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ وڌيڪ چيو آهي ته ڪئنالن جي منسوخي جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ تائين ڌرڻو ختم نه ڪنداسين، اسان ڪنهن ب ڪانفرنس يا سي سي آءِ کي نٿا مڃون. ھن چيو ته نئون ديرو ۾ پوليس قومي ڪارڪنن تي لاٺي چارج ڪئي آهي انهن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ ٺاهڻ نه ڏينداسين، نوٽيفڪيشن کان سواءِ واپس نه وينداسين. ھن چيو ته سنڌو درياهه تي ڪئنال اڏڻ سنڌ کي تباهه ڪرڻ جي سازش آهي، موئن جو دڙو پاڻيءَ جي ڪري تباهه ٿيو پر درياهه کسيو ويو ته سڄي سنڌ موئن جو دڙو بڻجي ويندي. ھن چيو ته سمورن سنڌين کي درياهه بچائڻ لاءِ گهرن مان نڪرڻو پوندو، مان هتي موجود ماڻهن جي جستجو ۽ جذبو ڏسان پيو، ڌرڻي ۾ موجود عورتن ۽ معصوم ٻارڙن کي، سلام آهي انهن کي جيڪي پنهنجو درياهه بچائڻ لاءِ اسان جي جدوجهد ۾ شامل ٿيا آهن. هن چيو ته ميڊيا جا ماڻهو پڇن ٿا ڌرڻو ڪڏهن ختم ٿيندو مان کين چوان ٿو ڌرڻو يا ته اسان جي لاشن تي ختم ٿيندو يا ڪئنالن جي منسوخي واري نوٽيفڪيشن تي ختم ٿيندو، ھن چيو ته انڊيا کي به سنڌ جي پاڻيءَ تي قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين، هي جدوجهد سنڌو ماڻهن جي ساهه ۽ سندن ايندڙ نسل جي مستقبل جي جدوجهد آهي تنهنڪري انهن کي پنهنجي گهرن مان نڪري هن جدوجهد ۾ شامل ٿيڻو پوندو. ڌرڻي کي ڪراچي هاءِ ڪورٽ بار جي صدر بئريسٽر سرفراز ميتلو، ڪميٽيءَ جي ڪوآرڊينيٽر رحمان ڪورائي، نورالهدي شاهه، امر سنڌو، حسين مسرت سميت ٻين نامور اديبن، شاعرن، مختلف سياسي، سماجي مذهبي توڙي سول سوسائٽيءَ جي اڳواڻن شرڪت ڪري سنڌوءِ جي مالڪي جو وچن ڪيو. ڌرڻي ۾ گهوٽڪي جي رهواسڻ پٽ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڌرڻي م پهتي عامر وڙائچ پاران قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو. هوڏانهن وڪيلن پاران وفاقي حڪومت کي ٽيون ڀيرو 48 ڪلاڪن وارو وقت ڪالهه ختم ٿي ويو. پر سينيئر وڪيل جعفر شاهه مطابق حيدرآباد بار جي اليڪشن هجڻ سبب ڪور ڪميٽيءَ جا اڳواڻ اُتي هئا. اِن ڪري اجلاس نه ٿي سگهيو. اڄ اجلاس ڪوٺايو ويندو جنهن ۾ آئينده جي حڪمت عملي جو پريس ڪانفرنس ذريعي اعلان ڪيو ويندو. واض رهي ته وڪيلن پاران ڪئنالن وارو منصوبو رد نه ٿيڻ جي صورت ۾ ريلوي ٽريڪ بلاڪ ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.
سکر/روهڙي(نمائندن وٽان) جميت علماءَ اسلام پاران علامه راشد محمود سومرو جي اڳواڻيءَ ۾ روهڙي انٽرچينج تي ڌرڻو، سنڌ پنجاب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ بلاڪ، 2 مئي تائين سنڌ دشمن ڪئنال رد ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيڻ جي صورت ۾ 5 مئي تي پورٽ قاسم ۽ 6 مئي تي ڪي ٽي بند ڪرڻ جو اعلان. روهڙي موٽروي انٽرچيج تي جميعت علماءِ اسلام سنڌ دشمن ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ ڌرڻو هنيو ويو، جنهن ۾ هزارين ڪارڪنن پران شرڪت ڪئي وئي. ، وفاق ۽ پ پ جي ڳٺ جوڙ نامنظور، سنڌو سڪائڻ جي سازش، سنڌوءِ تي ڌاڙو، سنڌ جي وسلين تي ڌاڙو نامنظور جي زوردار نعريبازي ڪئي وئي. جميعت علماءِ اسلام سنڌ جي سيڪريٽري جنرل علامه راشد محمود سومرو ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته سڀ کان پهريان قبل اول آهي جي ڳالهه ڪرڻ چاهيان ٿو، جڏهن 72 اسلامي ملڪن جا فوجي ستل آهن ته سکر ۾ مولانا فضل الرحمان جا ڪارڪن اسرائيل مٿان لعنتون وجهي رهيا اهن. سنڌ جي ڪيس کي درياءِ سنڌ جي ڪيس سان گڏ ڪري قبل اول جي جنگ وڙهنداسين. مودي قاتل ۽ موذي مرض وانگر آهي، جيڪڏهن موذي مرض وانگر آيو ته اُن کي ڪچلي اُڇلائي ڇڏينداسين. راشد محمود سومرو چيو ته بلاول ڀٽو زرداري هڪڙو ڏينهن اڳ سرڪاري مشينريءَ جو استعمال ڪيو. وزيرن ۽ مشيرن جو جلسو فقط پئسي جو جلسو هيو. جي يو آءِ ڪالهه گهوٽڪي ۾ ۽ اڄ روهڙيءَ ۾ ڌرڻو هنيو آهي. عوام سرڪاري مشينري واري جلسي کي ناڪام بڻائي ملين مارچ منقعد ڪيو آهي. عوام سنڌو درياءِ تي قبضي سان گڏ پ پ کي به رد ڪري ڇڏيو آهي. دنيا اوهان کي ڏسي رهي آهي. اهو قبضو اقتدار تي هجي يا سنڌو درياءِ تي. اسان انهن کي جُتي جي نوڪ تي رکون ٿا. هن چيو ته مخالف چون پيا ته اوهان جذباتي تقرير ڪيو ٿا، جيڪا بغاوت جي زمري ۾ اچي ٿو، تہ پوءِ ٻڌي ڇڏيو غريبن مسڪينن، هارين، جزيرن، معدني وسيلن جي جنگ وڙهڻ وارو غدار ناهي بلڪه حب الوطن آهي. پاڪستان هڪ صوبي جو نالو ناهي، پاڪستان کي مضبوط ڏسڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته سنڌ، بلوچستان، ڪي پي جا معدني وسيلا کسي ملڪ کي ڪمزور ڪري رهيا آهيون، مهرباني ڪري پنهنجا فيصلا واپس وٺو. سنڌو درياهه تي نظر وجهو ته چائنا ڪابل مان اچي ٿو ڪشمير مان وهي اچي ٿو، جڏهن دريا سنڌ ۾ اچي ٿو ته زمين ۽ سنڌ برابر ٿي وڃن ٿا. علامه راشد محمود سومرو چيو ته سنڌو پنجاب لاءِ نه پر سنڌ لاءِ آهي، ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ واري اڏامي رهي آهي ڊيلٽا تباهه ٿي رهيو آهي، ڪراچي کان بدين تائين ڀت کڻڻ لاءِ چيو وڃي ٿو، مٺو پاڻي نه اچڻ سبب سمنڊ سڄو علائقو ڳڙڪائي ويندو، اسان وٽ پيئڻ لاءِ پاڻي ناهي تہ پوءِ سمنڊ لاءِ پاڻي ڪٿان آڻيون. هن چيو ته قمبر شهدادڪوٽ ۾ ميت کي غسل ڏيڻ لاءِ پاڻي موجود ناهي. هي وڌيڪ ڪئنالن جي چڪر ۾ آهن طاقتور ماڻهن جون زمينون آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ کي سڪايو پيو وڃي، وزير اعظم ۽ بلاول ڀٽو زرداري ڪئينالن جي ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن هن وقت تائين ڇو جاري ناهي ڪيو. هن چيو ته ڪئنالن وارو ڪم بند ڪرائڻ کي ساراهيون ٿا پر اهو سڀ ڪافي ناهي، ڪئنال رد ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن فوري طور تي جاري ڪيو وڃي. جيڪڏهن 2 مئي تائين نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو ويو ته پوءِ دمادم مست قلندر ٿيندو. پوءِ وفاق ۽ سنڌ ۾ حڪومت ڪندڙ پنهنجي انجام لاءِ تيار رهن. علامه راشد محمود سومرو اعلان ڪندي چيو ته 2 مئي تي ڪئنال رد ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيو ته 5 مئي تي پورٽ قاسم ۽ 6 مئي تي ڪي پي ٽي بند ڪنداسين. ڪو به سنڌ کان پنجاب ڪنٽينر نه وڃي سگهندو. 6 مئي واري ڌرڻي ۾ آئينده جو لائحه عمل جوڙيو ويندو. ڌرڻي کي خطاب ڪندي علامه ناصر محمود سومرو چيو ته جان ڏئي سنڌو درياهه کي بچايو ويندو، پيپلزپارٽي جشن ملهايو پر ڪهڙو جشن ملهايو آهي، اسان ڪئنالن جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ بعد جشن ملهائينداسين، بلاول ڀٽو زرداري اوهان جشن ملهايو، پر سي سي آءِ جي فيصلي کان اڳ جشن ملهايو ٿا، ايندڙ 2 مئي تي ڪيس هارائي واپس آيا ته عوام کي ڪهڙو منهن ڏيکاريندا، ايوان صدر سنڌ جو ڪيس هارايو آهي جي يو آءِ پنجاب کان حق کسي وٺندي اسان کي ڪمزو نه سمجهيو وڃي، 47 فارم تحت چورن کي اقتدار ڏنو ويو، زرداري سنڌ جو ڀاڳيو ناهي بلڪه سنڌ سان غداري ڪئي آهي. هن چيو ته 6 ڪئنالن جو نوٽيفڪيشن ايوان صدر کان جاري ٿيو، پنجاب غير آهي تہ پنهنجا غدار آهن، پنجاب ڀاءُ ناهي ۽ پنجاب جهڙي ڀاءُ کان کٽ خالي ڀلي آهي، پنجاب سان به دما دم مست قلندر ڪنداسين، پ پ ٻڌائي ايوان صدر اوهان وٽ، سنڌ جو وزير اعلي اوهان جو، سينٽ چيئرمين به اوهان جو، ٻن صوبن جا گورنر اوهان جا پوءِ به سنڌو ڌاڙو لڳو آهي. هن چيو ته جي يو آءِ سنڌ جي خوشحالي جي ضامن آهي سنڌو درياهه تي حق سنڌ جو آهي، سنڌ جي پاڻي چوري خلاف شرعي فتوي ڏني وئي آهي.
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي جا ڪئنال رٿا خلاف احتجاج ڪندڙ وڪيلن ۽ سياسي پارٽين سان رابطا ٿي رهيا آهن، کين قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون پيا ته جيئن ماڻهن جي تڪليف ختم ٿئي، آبپاشي وزير پاران ڪئنال رٿا خلاف احتجاج ڪندڙ وڪيل قيادت ۽ سياسي پارٽين سان رابطن جي تصديق، ڄام خان شورو چيو آهي ته وڪيل قيادت سان رابطا ڪري رهيا آهيون، کين قائل ڪريون پيا ته وزيراعظم جي اعلان کانپوءِ ڪئنال رٿا ختم ٿي وئي، سي سي آءِ ۾ نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي اِن ڳالهه تي عمل ڪرائينديون ته صوبن ۾ اتفاق راءِ کانسواءِ ڪوبه ڪئنال نه ٺهندو، سنڌ ۾ ڪئنال رٿا تي حقيقي طور احتجاج ڪن پيون، ڪجهه پارٽيون ڪئنال رٿا تي سياست ڪري رهيون آهن، ڪجهه پارٽيون وري رڳو پيپلز پارٽي خلاف احتجاج ڪري رهيون آهن، پيپلز پارٽي انهن سمورين سياسي پارٽين سان رابطا ڪري رهي آهي ٻئي طرف پ پ جي مرڪزي ترجمان ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر شازيه عطا مري ميڊيا سيل بلاول ھائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پ پ سسٽم ۾ آهي ته ڪئنالن کي روڪي سگهي ٿي، جيڪڏهن اسان سسٽم مان نڪري آياسين ته نگران سرڪار اچي غلط فيصلا ڪندي، هن چيو ته سنڌ ۾ زمينن واري مسئلي تي اسان کي به خدشا آهن، ان معاملي تي سنجيدگيءَ سان سوچي رهيا آهيون، اسلام آباد جي فورم تي خدشا رکنداسين. شازيا مري چيو ته سنڌو درياهه تي سنڌ واسين جو حق آهي، ڀارت جي سنڌ طاس معاهدي جي معطلي واري فيصلي جي مذمت ڪيون ٿا