رانوتيءَ ويجهو روڊ حادثي ۾ ٽائيم نيوز ٻٻرلوءِ جي رپورٽر حيدر مستوئي جي فوت ٿيل 8 گهر ڀاتين جي جنازي نماز بعد تدفين ڪئي وئي آهي
حيدر مستوئي جي امڙ، گهر واري ۽ ٻن ڀائرن جي جنازي نماز سکر بس ٽرمينل تي ادا ڪئي وئي، چارئي مڙهه روهڙي ويجهو ڳوٺ فيض مستوئي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا ويا
حيدر مستوئي جي مامَي سلطان ۽ سندس گهر واري سميت وڌيڪ 4 ڄڻن جي پنجاب جي ڳوٺ ماهي چوڪ ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد تدفين ڪئي وئي
جنازي نماز ۽ آخري رسمن ۾ سياسي، سماجي ڪارڪنن، اڳواڻن، صحافين ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي
گذريل شام رانوتي ڀرسان ايم 9 موٽر وي تي ٽائيم نيوز جي رپورٽر حيدر مستوئيءَ جي ڪُٽنب جي ڪار تيز رفتار ٽرڪ سان ٽڪرائجڻ سبب حادثو پيش آيو
حيدر مستوئي ڪُٽنب سوڌو ڪار ۾ ستاوڙي تي پنجاب وڃي رهيو هو ته سندن ڪار ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي
فوتين ۾ حيدر جي امڙ بي بي حسنا، ڪنوار سويرا، ڀائر نظام الدين، عزيز مصطفيٰ، مامو سلطان ۽ مامِي فرزانه شامل آهن
نينگري جانُل ۽ نينگر شاهزيب به حادثي ۾ حياتي وڃائي ويٺا، حيدر مستوئي ۽ نينگري سُميرا زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل آهن
ٽائيم نيوز ٻٻرلوءِ جي رپورٽر حيدر مستوئي جي 3 ڏينهن اڳ فوتڻ سويرا سان شادي ٿي هئي