لاڙڪاڻو/ڏوڪري/باڊهه(نمائندن وٽان) ٻٻرلوءِ باءِ پاس وٽ گذريل هڪ هفتي کان وڪيلن جي اڳواڻيءَ ۾ تڪراري ڪئنالن خلاف جاري ڌرڻي ۾ شريڪ ماڻهن کي کاڌو پهچائڻ لاءِ ويل سماجي تنظيم جي ڪارڪنن سان ڀريل وين تيز رفتاريءَ سبب لاڙڪاڻو -خيرپور پل ڳوٺ انور آباد وٽ ڪلٽي ٿي پئي، اطلاع تي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيم پهچي ريسڪيو آپريشن شروع ڪري وين ۾ ڦاٿل سماجي ڪارڪنن کي ڪڍي زخمي حالت ۾ کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن 3 سماجي ڪارڪنن باڊهه واسي 11 ورهين جي نينگر امام بخش عرف بابر بروهي، باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ ڪوٽ مرزا ڪالو شاهاڻي سان واسطو رکندڙ سماجي ڪارڪن 18 ورهين جي محمد عظيم شاهاڻي ۽ 24 ورهين جو حبدار شاهاڻي جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي حادثي ۾ زخمي ٿيل ڏوڪري واسي شان شاهاڻي، اسلم شاهاڻي، ذوالفقار شاهاڻي، ڏوڪري تعلقي جي ڳوٺ مرزا ڪالو شاهاڻي واسي غلام قمبر شاهاڻي، توفيق علي شاهاڻي، شعيب شاهاڻي، شيراز شاهاڻي، ارشد شاهاڻي، باڊهه جي ڳوٺ انب پور واسي محرم علي سولنگي، احسان شاهاڻي، باسط شاهاڻي، لطيف شاهاڻي، آصف علي شاهاڻي، محمد يوسف شاهاڻي ۽ ٻين کي طبي امداد ڏني. سماجي اڳواڻ صداقت جوڻيجو ٻڌايو ته ٻٻرلوءِ ۾ کاڌو پهچائي ٻن وين ۽ هڪ ڪار تي واپس اچي رهيا هئاسين ته لاڙڪاڻو – خيرپور پل ڀرسان ڳوٺ انور آباد وٽ تيز رفتاريءَ سبب سماجي ڪارڪنن سان ڀريل وين ڪلٽي ٿي پئي. ٻئي پاسي حادثي جي فوتين جا مڙهه ضروري ڪارروائي بعد اباڻي ڳوٺ منتقل ڪيا ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي علائقي ۾ سوڳ ڇائنجي ويو ۽ هر اک آلي ٿي وئي بعد ۾ فوتين جي جنازي نماز ادا ڪري سندن مڙهه سوين آلين اکين سان اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيا ويا.