سکر(رپورٽ: ممتاز بخاري+فاروق سومرو) ڪئنالن جو فيصلو واپس ٿيڻ جي سنڌ جي وڪيلن ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ آجيان ڪندي جشن ملهائڻ شروع ڪري ڇڏيو اڳواڻن چيو آهي ته هي ڏينهنرات جي محنت کانپوءِ ڪاميابي ملي آهي حڪومت تي واضح ٿا ڪريون ته ڪڏهن به ڪو ڪئنال ٺاهڻ نه ڏنو ويندو. سي سي آءِ جي فيصلي بعد ڌرڻي کي خطاب ڪندي وڪيل اڳواڻ عاشر کوکر چيو ته جيستائين ڪارپوريٽ فارمنگ وارو نوٽيفڪيشن جاري نٿو ٿئي ڌرڻو جاري رهندو. وڪيل ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر رحمان ڪورائي چيو ته زمين تان قبضو ختم ڪرائڻو آهي ته پوءِ هتي ويهڻو پوندو. ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ خطاب ڪندي چيو ته الحمد الله الله اوهان کي ڪاميابي ڏني آهي. هي ڪاميابي ڏينهن رات جي جدوجهد، ڌمڪين، گرمي، بک، اڃ، خاندان کان پري رهڻ بعد ملي آهي. وفاق اوهان جي سامهون گوڏا کوڙي ڇڏيا آهن ارسا جو پاڻي موجودگي جو ليٽر ڪينسل ڪيو ويو آهي حڪومت کي واضح ڪريون ٿا ته ڪڏهن به ڪو ڪئنال نه ٺاهيو ويندو اسان ڪڏهن به ڪئنال ٺاهڻ نه ڏينداسين واعدو ڪيو هو يا لاش ويندا يا ڪئنال ختم ٿيندا. الله اسان سڀني جي مدد ڪئي ۽ ڪئنال ختم ڪرڻ جو سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيو آهي. هي سنڌ جي عوام جي جدوجهد آهي اوهان کي اتحاد هميشه ياد رکندو مهمان نوازي جي ڪري. هن چيو ته اسان هتي ڪئنال ختم ڪرڻ، ڪارپوريٽ فارمنگ ۾ ڏنل زمينن جي واپسي سميت 4 مطالبا کڻي آيا هئاسين. ايڪشن ڪميٽي فيصلو ڪندي ڌرڻو جاري رکڻو آهي يا نه ڪميٽي جيڪو فيصلو ڪندي ان تي عمل ڪيو ويندو. اوهان کي هڪ ڀيرو ٻيهر دل جي گهراين سان مبارڪ هجي. سنڌ هاءِڪورٽ بار جو صدر سرفراز ميتلي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ڪئنالن کانپوءِ اسان جو ٻيو وڏو مطالبو ڪارپوريٽ فارمنگ جو خاتمو آهي. سنڌ حڪومت اسان کي خاطري ڪرائي تيستائين ڌرڻو جاري رهندو. ٻئي طرف ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي تڪراري سنڌ دشمن رٿا ختم ٿيڻ تي هزارين ماڻھن پاران جشن ملهايو ويو، جنهن دوران زبردست آتشبازي ڪري خوشي ۾ هوائي فائرنگ به ڪئي وئي. نوجوانن، بزرگن توڙي ٻارڙن پاران دهل شرنائين تي جهمريون هڻي خوشي جو اظهار ڪيو ويو. وڪيل اڳواڻ سيد جعفر شاهه، رحمان ڪورائي، سندر چاچڙ ۽ ٻين ڪيڪ ڪاٽيو. سي سي آءِ اجلاس جو فيصلو جاري ٿيڻ کان اڳ ئي ڌرڻي ۾ شريڪ نوجوانن پاران جشن شروع ڪيو ويو هو.
ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ڪئنالن خلاف احتجاج جو سلسلو ڪالهه به جاري رهيو. مٺي ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي شاهد رند، غمشاد جوڻيجو، دولت سکواڻي، ميرپورخاص ۾تاج بلوچ فائونڊيشن طرفان يوسف رند، علي گل رند، علي گوھر رند جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. ڪنڌڪوٽ ۾ انڊس هاءِ وي گولا موڙ وٽ اٺين ڏينهن به ڌرڻو جاري رهيو، ڌرڻي جي اڳواڻي عبدالغني بجاراڻي، اڪرم باجڪاڻي، دلمراد ڏاهاڻي، والي ڏنو سنڌي، ظريت بجاراڻي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ٺٽي ۾ ذوالفقار ساٽي، شاھزيم بلوچ، ارشاد سولنگي، عاصم صديقي، ملڪ منظور، بدين ۾قومي عوامي تحريڪ ۽ ايس يو پي طرفان گڏيل ڌرڻو هنيو ويو. تلهار ۾ مظفر حسين ڪھيري، وڪيل هيثم رضا ڪھيري، رتيديري ۾ حبيب سنڌي، همٿ جلباڻي، نئون دمبالو ۾ عوامي تحريڪ ايڊوڪيٽ وسند ٿري، اورنگزيب کوسو، ڪوٽڙيءَ ۾ نوجوانن ريلوي ٽريڪ تي علامه اقبال ايڪسپريس کي روڪي ڇڏيو، ان دوران پٿراءُ سبب 5 مسافر زخمي ٿي پيا. ڄامشورو ۾ خدا بخش ٿيٻو، شاهنواز برفت جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي انڊس هاءِ تي ڌرڻو هنيو ويو. دادو ۾ سجاد پنهور ۽ مجيب پنهور جي اڳواڻي ۾، مسوڀرڳڙي، ٽنڊوالھيار ۾ جسقم بشير خان قريشي پاران ڌرڻو هنيو ويو. سن ڀرسان انڊس ھاء وي روڊ بند ڪيو ويو. ھالا ۾ عدالتن جو مڪمل بائيڪاٽ ڪري پوليس جي انٽري بند ڪئي وئي. خيرپورناٿن شاھ ۾ غلام محمد گاڏھي، نثار لاکير ،سيوھڻ ۾ درياهه بچايو ڪاميٽي ۽ ايس يو پي جي سڏ تي انڊس ھاءِ وي بلاڪ ڪيو ويو. ڀان سيد آباد ۾ ريلي ڪڍي انڊس هاءِ وي بلاڪ ڪئي وئي. ملير ۾ وڪيل برادري ۽ سول سوسائٽي طرفان نيشنل هاءِ وي کي سپر هاءِ وي سان ملائيندڙ لنڪ روڊ تي اٺين ڏينھن به ڌرڻو جاري رهيو. ڳيريلي ۾ ، ڍورونارو، سکر، ڦل، قاضي احمد، مورو، دوڙ سڪرنڊ ۾ ايس يو پي جي ڪارڪنن مظاهرا ڪيا. فيض گنج ۾ جسقم ڪارڪنن ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنهل ساريو، صدام شر، ساجد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو، ميرپورماٿيلو ۾ ايس يو پي جي ڪارڪنن اڪرم علي ميتلو، فقير رمضان ڪلوڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، جڏهن ته نوجوان اتحاد جي سڏ تي مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وقاربوزدار، جنيد جلباڻي، اڪرم ميتلو، عمر ڀيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قومي شاهراهه تي ستين ڏينھن به ڌرڻو جاري رکيو، ٽنڊي محمد خان ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ڪارڪنن عمران لغاري، منير سنڌي ، امتياز نوناري ، مختيار خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهيد هوش محمد چوڪ کان احتجاجي جلوس ڪڍي پيادل مارچ ڪري پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. عمرڪوٽ ميڊيڪل ڪمپنين ۾ ڪم ڪندڙ نوجوانن رميش ڪمار، دليپ ڪمار، سنجئه ڪمار ڪيلاش ۽ اهتجاج ڪري ڪئنالن خلاف احتجاج ڪيو عمرڪوٽ۾ايس يو پي پاران عمرڪوٽ پريس ڪلب آڏواڳواڻ گل بجير، باغي شاھد مھر، علي سمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بک ھڙٿال ڪري احتجاج ڪيو نصيرآباد ۾ سنڌو درياءَ بچايو مشاورتي ڪاميٽي جي سڏ تي فقير علي گل ڪانڌڙو، عنايت تنيو، سرائي نياز ڪلهوڙو، امداد چانڊيو، زوار ڪاظم رضا جويو، ڪامريڊ رياض ڦلپوٽو، صوفي غفار چنا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. باڊھه ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي سڏ تي احمد بشير نوناري، مرتضيٰ گوپانگ، وقار پٺاڻ، محمد علي خشڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. قمبر ۾ پ پ شهيد ڀٽو ڪارڪنن ۽ شهرين طرفانپريس ڪلب اڳيان برڪت ميرجت،محمد جان بروهي، اعجاز بليدي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو. لاڙڪاڻي ۾ شهيد ڀڳت سنگهه اسٽيڊي سرڪل طرفان انيق انسان، ذاڪر سنڌي، لوڪيش ڪمار، عامر چانڊيو، سيد عمران شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. شهدادڪوٽ ۾ ايس يو پي جي سڏ تي حمل خشڪ، حسن ٻٻر، الھداد خشڪ، آصف مگسي ۽ٻين احتجاج ڪيو. ٺل ۾ ايس يو پي طرفان جمال جوش ٻرڙو ۽ وسيم قريشي،نفيس سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. مدئجي ۾ نوجوانن ڪامريڊ شعيب پنهور، نعيم آزاد، منيب پنهور، جميل پنهور ۽ ڪامران پنهور جي اڳواڻي ۾ جندوديرو وارھ پل مين سکر -لاڙڪاڻو روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ڳڙھي خيرو ۾ ھندو پنچائت طرفان پنچائت ھال کان ڊاڪٽر رميش لعل ، انوپ ڪمار ، جيپال داس ، دليپ ڪمار عرف پپو مل جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪڍي سنڌ – بلوچستان دنگ بيگاري پل وٽ ڌرڻو هنيو. قمبر ۾ نوجوانن بخت ڀٽو، لطيف گوپانگ، مھتاب شيخ، عامر تنيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.