
سکر/خيرپور/روھڙي(بيورو رپورٽ/نمائندن وٽان) سنڌو درياءَ مان نڪرندڙ تڪراري ڇهن ڪئنالن خلاف ٻٻرلوء باء پاس تي لڳل ڌرڻي کي اڄ هفتو مڪمل ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪالهه ڇهين ڏينهن به وڪيلن جو ڌرڻو جاري رهيو، ڌرڻي کي هفتو مڪمل ٿيڻ تي اڄ وڪيلن جو اجلاس طلب ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ 72 ڪلاڪن جو الٽيميٽم پورو ٿيڻ بعد ريلوي ٽريڪ بند بابت ڏنل چتاءُ ۽ اڳتي جي حڪمتِ عملي بابت غور ويچار ڪيو ويندو، ٻٻرلوءِ تي لڳل وڪيلن جي ڌرڻي ۾ وڪيلن، سياسي، سماجي ڌرين واپارين، قوم پرست اڳواڻن، ڪارڪنن، مذهبي جماعتن، اسڪولي ٻارڙن، فنڪارن ۽ ملھ پهلوانن سميت سڄي سنڌ مان سول سوسائٽي جي ماڻهن جو سمنڊ اٿلي پيو، مختلف مڪتبه فڪر سنڌ ڌرتيءَ سان پيار ڪندڙ ڌرتي ڌڻين پاران ڌرڻي جي ٻنهي پاسن کان ميڊيڪل ڪيمپون ۽ پاڻيءَ جي سبيلن سان گڏ کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪيو ويو، مسلسل ڇهن ڏينهن کان نيشنل هاءِ وي روڊ بند هجڻ ڪري گاڏين جون ڊگهيون قطارون بيٺل رهيون لوڪل شهرن لاءِ ويندڙ گاڏين جا رستا کوليا ويا ته جيئن ٻارڙن جي اسڪولن، مريضن کي طبي امداد ۽ سرڪاري آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن توڙي مزدورن کي ڪنهن قسم جي جي ڏکيائي پيش نه اچي سگهي، ٻٻرلوءَ باءِ پاس تي لڳل ڌرڻي کي خطاب ڪندي ڪراچي بار جي صدر بئريسٽر عامر نواز وڙائچ، ڪراچي ھاء ڪورٽ بار جي صدر بئريسٽر سرفراز ميتلو ۽ ٻين پنهنجي چيو ته وفاق پاران ڇهن ڪئنالن جي اڏاوت خلاف سڄي سنڌ ۾ خطرناڪ تحريڪن زور ورتو آهي ڪمون شهيد، ڪراچي ۽ ڪشمور سميت سڄي سنڌ ۾ وڪيلن جا احتجاج جاري آهن پاڻيءَ زندگيءَ لاءِ ضروري آهي وفاق سنڌو درياھ تي ڌاڙو هڻي سنڌ سڪائڻ جي سازش ڪري رهيو آهي جيڪا ڳالھ وفاق کي ڳچيءَ ۾ پوندي اسين پاڪستان پيپلز پارٽي اڳيان کلي ڳالھ رکي آهي ته پ پ وفاق کان رستا الڳ ڪري هن ڏکي گهڙي ۾ سنڌ جي عوام سان گڏ بيهي اسان جي تحريڪ جو پهريون مرحلو ڇهن ڪئنالن خلاف آهي ۽ ٻئي مرحلي ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي ڏنل زمينون واپس ڪرائڻ هوندو سنڌ جي بربادي سوچيندڙن کي پتو پئجي ويو هوندو ۽ نتيجا هنن جي سامهون آهن اگر وفاق اڃان به ڇهن ڪئنالن وارو نوٽيفڪيشن واپس نه ورتو ته 72 ڪلاڪن وارو الٽيميٽم پورو ٿيڻ شرط ئي روڊ رستن سان گڏ ريلوي ٽريڪ بند ڪري پنجاب سان تجارتي بائيڪاٽ ڪيو ويندو.
ڪراچي(نمائندن وٽان) تڪراري ڪئنالن واري رٿا خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج جو سلسلو جاري آهي. ان ڏس ۾ ڪالهه به سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مظاهرا ڪري ڌرڻا هڻي اهم شاهراهون بلاڪ ڪيون ويون. حيدرآباد ۾ انڊس ڪاليج آف لا حيدرآباد جي شاگردن پاران ڪئنالن جي اڏاوت خلاف پريس ڪلب حيدرآباد آڏو تيمور، ارسلان ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، جڏهن ته عمرڪوٽ ۾ايس ٽي پي جي سڏ تي ڪامريڊ پمون ميگھواڙ، ڪريم منگريو باغي شاھد ساند ۽ ٻين جي اڳواڻي ڪئمپ لڳائي ڌرڻو هنيو ويو جنهن سبب ميرپورخاص عمرڪوٽ روڊ بلاڪ ٿي ويو ۽ ٽريفڪ معطل رھي. ڏيپلو ۾ڪاليجي شاگردن ۽ استادن احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو ھنيو، ڌرڻو وقار راهمون، شاگردن هنس راج، نصرالله، ونود، ڀيشم ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ لڳو. ٻئي پاسي ٽنڊوجان محمد ۾ نوجوان اتحاد جي سڏ تي شٽر بند ھڙتال ڪئي وئي، شھر جون ڪاروباري مارڪيٽون بند رهيون، نوجوان اتحاد جي اڳواڻن باءِ پاس تي پھچي سرمد خالد خاصخيلي. مير مھدي ٽالپر، عوامي تحريڪ اڳواڻ رزاق جروار، جسقم اڳواڻ لالچند مالھي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري چڏيو، جنهن سبب روڊ جي ٻنھي پاسي گاڏين جون قطارون لڳي ويون. هوڏانهن ٺٽو ڀرسان ڪينجھر ڍنڍ ڪناري ڳوٺ يوسف ھيلايو جي پرائمري اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين احتجاج ڪيو. مٺي ۾ جسقم آريسر جي سڏ تي مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن مٺي ڀرسان ڦانگاريو اسٽاپ تي 24 ڪلاڪن لاءِ جسونت، فيروز، راجيش راگهاڻي، زاهد گل اوٺو، ڊاڪٽر غلام الله بچاڻي، ارشاد ڪنڀر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هڻي، ٿر ڪول ڏانهن ويندڙ روڊ بند ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي ٽنڊو محمد خان ۾ جماعت اسلامي جي عورت ونگ طرفان صوبائي ڊپٽي ناظم شگفته اعجاز ، ريحانه عشرت، طاهره رئوف نظاماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي پيادل مارچ ڪيو ويو. ان کان سواءِ ميھڙ ۾ انڊس ھاء وي اٽڪ پمپ ڀرسان سياسي سماجي ۽ قومپرست جماعتن جي نوجوانن پاران فقير فراز مھيسر ، باغي راھب سوڍر ، زرياب جانوري ، جميل کوسو ، مجيب سوڍر ، شيراز ڏيپر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو ھنيو ويو مظاھرين انڊس ھاء وي تي رڪاوٽون رکي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ کي بند ڪري ڇڏيو ھاء وي تي لڳل ڌرڻي سبب ڪراچي ، حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻو ڏانھن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ٻين شهرن جيان ڄامشورو ۾ سنڌ يونيورسٽي سوسائٽي جي رهواسين پاران سنڌ يونيورسٽي ھائوسنگ سوسائٽي مئنيجمينٽ ڪميٽي طرفان منور علي ناريجو، نثار سميجو, فقير فيروز، الطاف انصاري، دودو خان جاڳيراڻي، وڪيل اڳواڻ ايڊووڪيٽ حامد سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي انڊس هاءِ وي تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جتي مڇريل ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪري انڊس هاءِ وي کي ٻنهي طرفن ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي، جڏهن ته مسڻ ويجھو سلطان آباد جي هڪڙا مارڪيٽ کان سوين ڳوٺاڻن ۽ ٻارڙن پاران ننڍڙن ايڊوڪيٽ غلام نبي ھڪڙو عامر زمان ھڪڙو منظور بروھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. ڪنڊيارو ۾ قومي شاهراهه تي ڳوٺاڻن خورشيد سهتو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو، ٺاروشاهه ۾ فنڪارن سازن سميت روڊن تي نڪري اسد علي چنـا، لياقت سولنگي، بـاسط سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ڏهرڪي ۾ ٽئين ڏينهن به ڌرڻو جاري رهيو، جنهن ڪري سوين گاڏيون بيٺل رهيون، جڏهن ته وڪيل برادري طرفان اڄ سنڌ پنجاب بارڊر ڪمون شهيد وٽ ڌرڻي هڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، راڻيپور ۾ سنڌ ملاح فورم پاران مجاھد ملاح، اختيار ملاح، عابد ملاح، فرمان گوپانگ، نصرالله ڊومڪي، ڪاشف ڀٽي ۽ ذيشان گوپانگ جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، هوڏانهن مختلف شهرن ۾ ريلوي ٽريڪ بند ڪرڻ جا اطلاع مليا آهن.ان ڏس ۾ ڀرياروڊ ريلوي ٽريڪ تي مختلف تنظيمن جي ڪارڪنن ڌرڻو ھنيو، جنهن ڪري پنجاب کان ڪراچي ويندڙ ڪراچي ايڪسپريس کي روڪيو ويو، اڌ ڪلاڪ بعد پوليس پھچي ريلوي ٽريڪ کولرائي ٽرين کي روانو ڪيو، نوابشاهه ۾ سنڌ يونائٽيڊ پارٽي (ايس يو پي ۽ جيئي سنڌ قومي محاذ (جسقم) جا ڪارڪن ريلوي ٽريڪ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. ڌرڻي سبب پاڪستان ايڪسپريس ۽ هزاره ايڪسپريس کي روڪيو ويو. راولپنڊي ويندڙ پاڪستان ايڪسپريس کي سرهاري ويجھوروڪيو ويو. ٺري ميرواهه ۾ مهراڻ هاءِ وي ننگريجا چودڳي وٽ جسقم ڪارڪنن پاران مير حسن بوزدار، سليم رضا مھر، مير عارف ٽالپر، رياض خاصخيلي، حيدر چانڊيو، ڪامريڊ فراز مھر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 3 ڏينهن کان روڊ بلاڪ ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري سکر، نواب شاهه ۽ راڻيپور ڏانھن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل آهي، ڪنڊيارو ۾ قومي شاهراهه تي ڀرپاسي جي ڳوٺن جا رهواسي روڊن تي نڪري آيا، جن روڊ جا ٻئي پاسا بلاڪ ڪري ڇڏيا، جنهن سبب سوين گاڏيون بيهجي ويون، کپرو ۾ شر برادري جي ماڻھن، جسقم ڪارڪنن ۽ ڳوٺاڻن ڳوٺ ڪڻڇاري کان ڪريم شر، وحيد شر، ڌڻي بخش شر، آزاد ڪنڀر، شوڪت بڙدي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهيد چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي، ٽنڊوآدم ۾ شاگردن، شاگردياڻين ۽ استادن هيڊ ماستر لکاڏنو خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، واهي پانڌي ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ طرفان عطا الله مستوئي، اڪبر سومرو، فرحان رستماڻي ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ المريضي چونڪ کان ريلي ڪڍي گورک چونڪ تي ڌرڻو هنيو ويو . ڦلجي اسٽيشن ڀرسان ڳوٺ دين محمد شاھاڻي جي ڳوٺاڻن پاران سردار چاڪر خان شاهاڻي جي سڏ تي نور احمد شاھاڻي، ظفر حسين شاهاڻي، مولوي نعيم نور شاهاڻي، صابر حسين شاهاڻي، امتياز شاهاڻي، صحبت خان شاهاڻي، عبدالله خان شاهاڻي، سميع الله شاهاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. سجاول جوڻيجو ۾ وڪيل عبدالنبي ڀٽي ،اسد علي ڀٽي، ايس ٽي پي اڳواڻ عمران خان بليدي، پ پ شھيد ڀٽو اڳواڻ رياض حسين ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽاور چوڪ تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. هوڏانهن رتيديري ۾ وڪيل برادري سان اظهار يڪجهتي طور سول سوسائٽي طرفان حبيب سنڌي ، اڪبر طاهري ، ڪمانڊو گلبهار جلباڻي، عبدالرزاق جلباڻي ۽ ٻين چوٿين ڏينهن به انڊس هاءِ تي احتجاجي ڌرڻو جاري رهيو. ڪچي پل ۾ رڪشا يونين جي طرفان تاجل علي جاگيراڻي، محمد گلڻ، علي شير چنو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ وادر موٽروي باءِ پاس تي احتجاج ڪيو ويو. ٻئي پاسي ٺل ۾ جيئي سنڌ محاذ پاران پنجاب ۽ بلوچستان کي ملائيندڙ قومي شاهراهه بائي روڊ تي خيما اڏي احتجاجي ڪئمپ قائم ڪئي وئي، احتجاج ۾ برڪت لاشاري، شعيب نوناري، بشير سرڪي، جمال جوش ٻرڙو، وسيم قريشي، سرواڻ لاشاري، جاويد بروهي، عبدالوهاب ڪنراڻي، اعجاز ڪنراڻي، نفيس سومرو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. جڏهن ته اکين کان محروم شهري به ڪئنالن خلاف تحريڪ ۾ شامل ٿي ويا آهن. لاڙڪاڻي ۾ نابين جي تنظيم پاڪستان ايسوسئيشن آف دي بلائنڊ طرفان پريس ڪلب اڳيان رياض ميمڻ، اختيار مگسي، طارق حسين عباسي، اعجاز احمد کيڙو، شفيق جوڻيجو، فرمان ميراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ٻي طرف شهر جي ڪوثر مل پاڙي جي رهواسي نوجوان شاگردن طرفان ذوالفقار علي جروار، نادر جروار، ڪامران جروار، ڪامران ڪنڀر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. هوڏانهن نئون ديرو ۾ سول سوسائٽي پاران لڳايل ڌرڻو ٻئي ڏينهن به مسلسل جاري رهيو. ٻن ڏينهن کان مسلسل سکر – لاڙڪاڻو روڊ بند آهي، ڌرڻي جي اڳواڻي خالد ڪوري، راحيل ڪلهوڙو، جعفر شاھ، شبير ڪلهوڙو، عبدالله کوکر، فياض ابڙو، عيسيٰ جتوئي، ساجد کهڙو، سرتاج شيخ، مقصود ميراڻي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا.هوڏانهن گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج نئون ديرو جي شاگردن بسم الله ناريجو، ظاهر علي، محمد حاتم ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ريلي ڪڍي وئي. ٻئي پاسي ڪنڌڪوٽ کان پنجاب جا رستا مڪمل بند آهن، ٻئي ڏينهن به وڪيل اتحاد ۽ آل پارٽيز موومينٽ جو ڌرڻو جاري رهيو، انڊس هاءِ وي گولا موڙ وٽ گذريل ڏينهن کان وڪيل اتحاد ۽ آل پارٽيز موومينٽ جي اڳواڻن ۽ وڏي تعداد ۾ شهرين احتجاجي ڌرڻو جاري رکيو، ڌرڻي واري هنڌ شھرين انسانيت ناتي برياني چانھه، پاڻي جو پڻ بندوبست ڪري مھمان نوازي جي مثال قائم ڪري ڇڏي،ڌرڻي واري هنڌ جسم چيئرمين رياض چانڊيو پڻ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي رياض چانڊيو جو چوڻ هو ته سنڌو درياءَ تي صرف سنڌين جو حق آهي، سنڌ سراپا احتجاج آهي، سنڌ جو شعور جاڳي پيو آهي، جيڪي سنڌ دشمن ڪينالن جي روڊ رستن تي اچي نڪتا آهن سنڌين حڪمرانن کي واضع پيغام ڏنو آهي ته سنڌو درياءَ مان ڪو به ڪينال نه ڪڍڻ نه ڏينداسين. هوڏانهن شھدادڪوٽ ۾آبادگارن ۽ هارين پاران شھدادڪوٽ ۽ رتوديرو ايم 8 موٽروي روڊ تي شاهه جو لئو موڙ وٽ منظور ڏيٿو ، اياز لهر ، عبدالله بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. ٺل ۾ جي يو آءِ طرفان ڊاڪٽر اي جي انصاري جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو. غوثپور ۾ جي يو آءِ ۽ سول سوسائٽي طرفان سھيل شاھ اسدالله اوڳاھي ابراهيم شيخ نارائڻ ناز ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.
ڪراچي(نمائندن وٽان) ڪئنالن خلاف سڄي سنڌ ۾ وڪيلن جو احتجاج جاري آهي، جنهن دوران احتجاجي مظاهرن ۽ ڌرڻ سان گڏ عدالتي ڪارروائين جو بائڪاٽ پڻ ڪيو ويو، جڏهن ته اڄ ڪمون شهيد وٽ ڌرڻي جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ ڪراچي بار جي سڏ تي سٽي ڪورٽ ۾ مڪمل هڙتال ڪئي وئي، وڪيلن ڪئنالن خلاف نعري بازي ڪندي ايم جناح روڊ بند ڪري ڌرڻو هنيو، هوڏانهن ڪراچي بار پاران ٻٻرلوءِ باءِ پاس ڌرڻي سبب سٽي ڪورٽ ۾ اڻ ڄاڻايل مدي تائين عدالتي ڪاررواين جي بائڪاٽ جو اعلان ڪيو ويو، هوڏانهن ملير جي وڪيلن ۽ سول سوسائٽي گلشن حديد ويجهو ايم 9 موٽروي ۽ نيشنل ھاءِ وي کي ملائيندڙ لنڪ روڊ تي ڌرڻو هنيو، جنهن ۾ قومي عوامي تحريڪ، عوامي تحريڪ، جيئي سنڌ قومي محاذ، سنڌ ترقي پسند پارٽي سميت مختلف تنظيمن جي ڪارڪنن حصو ورتو، ڌرڻي سبب ڪراچي ٺٽو شاھراھه ذريعي ملڪ جي مختلف حصن ڏانھن ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي ملير بار جي جنرل سيڪريٽري اياز چانڊيو، سرفراز سنڌو، ا ماجد شر ۽ ٻين چيو ته ڪئنالن وارو نوٽيفڪيشن واپس ٿيڻ تائين عدالتي ڪاررواين جو بائڪاٽ جاري رهندو . ٻئي پاسي حيدرآباد ۾ سنڌ بار پاران ڪالهه ٻئي ڏينھن به عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ رهيو، ھاءِ ڪورٽ بينچ ۽ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو. ٻئي ڏينھن به وڪيل عدالتن ۾ پيش نه ٿيا، سائلين تاريخون وٺي واپس روانا ٿي ويا، حيدرآباد جي وڪيلن ايڊووڪيٽ ظھيرالدين سھتو، ايڊووڪيٽ آيت الله خواجه، بئريسٽر جواد قريشي، ايڊووڪيٽ بختيار پنھور، ايڊووڪيٽ محمد علي ڪولاچي، ايڊووڪيٽ مرتضي شيخ ۽ ٻين وڪيلن پاران بائيڪاٽ ڪرايو ويو، اڳواڻن چيو ته سنڌو جي عاشقن کي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ٻٻرلوءِ ڌرڻي تي ويگو مان فائرنگ ڪئي وئي پر ڪفن ٻڌي نڪتا آهيون، پوئتي نه هٽبو سنڌ تڪراري ڪئنال نامنظور جو فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي، گذريل ڏينهن مڪمل شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ھئي، مظاھرين ۽ ڌرڻن ۾ ويٺل ماڻھن تي فائرنگ ڪري ڪئنالن جي ڪاز کان ڪير به نٿو ھٽائي سگھي سنڌ جي حقن لاءِ ايئرپورٽ، بندرگاھه ۽ ٽرينون به بند ڪرڻ بابت وڪيلن جي ڪور ڪميٽي لائحه عمل جو اعلان ڪندي اسين وڪيل لبيڪ ڪنداسين. هوڏانهن ڏهرڪي ۾ ٽئين ڏينهن به ڌرڻو جاري رهيو، جنهن ڪري سوين گاڏيون بيٺل رهيون، جڏهن ته وڪيل برادري طرفان اڄ سنڌ پنجاب بارڊر ڪمون شهيد وٽ ڌرڻي هڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، خيرپور ۾ ڊسٽرڪٽ بار طرفان خيرپور، ڪوٽڏيجي، ميرواهه، فيض گنج، نارا، گمبٽ، راڻيپور، سوڀوديرو، ڪنگري ۽ پيرڳوٺ ۾ وڪيلن طرفان عدالتي ڪاررواين جو مڪمل بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ٽنڊو آدم بار پاران عبدالله خٽڪ، شيخ جاويد جي اڳواڻي ۾ ٻئي ڏينهن به عدالتي ڪارواين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، سانگهڙ ڀرسان ٽن ضلعن جي سنگم سانگهڙ چونڊڪو روڊ تي وڪيلن شريف مصراڻي جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري پنجاب کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، شهدادپور ۾ وڪيلن طارق محمود آرائين ۽ ڪشور ڪمار جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪرڻ بعد ٻٻرلوءَ باءِ پاس تي لڳل ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ روانو ٿي ويو، ميھڙ ڪورٽ ۾ ميھڙ بار ايسوسيئشن پاران جنرل سيڪريٽريءَ منور جتوئي، سعيد پنھور، محمد علي ڪانڌڙو ۽ ٻين وڪيلن پاران 24 ڏينھن به مڪمل عدالتي ڪارواين جو بائڪاٽ ڪري ميھڙ ڪورٽ اندر احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. مٽياري ۾ سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن پاران ضلعي سمورين عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري پيرل مجيداڻو، عارف ميمڻ ۽ شاهد ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي. قمبر ۾ ڊسٽرڪٽ بار جي سڏ تي ٻٻرلو ۾ لڳل ڌرڻي جي حمايت ۾ قمبر ضلعي سمورن تعلقن ۾ وڪيلن عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪيو، بارجي صدر شفيع محمد کوسو، فراز هڪڙو،ماجد خاصخيلي ۽ ٻيا اڳواڻي ڪري رهيا هئا. ٺٽو ۾ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسئيشن ٺٽو پاران عدالتي ڪاررواين جي بائيڪاٽ، ٺٽو ڊسٽرڪٽ بار ائسوسيئيشن جي صدر اعجاز شاھ، جنرل سيڪريٽري صدام عباسي ۽ ٻين چيو ويو آهي سنڌ مان بيچيني ختم ڪيو وڃي.