خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ ڪرمنل ٽرائل ماڊل ڪورٽ جي اسپيشل جج علي بخش ٿيٻو جي عدالت ٻٻرلوءِ ٿاڻي جي ايس ايڇ او طرفان ڏنل درخواست کي منظور ڪندي ٻٻرلوءِ نيشنل هاءِ وي لڳ پيٽرول پمپ ڀرسان سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ واري معاملي ۾ ويٺل وڪيلن جي ڌرڻي واري هنڌ ڀرسان 48000 ليٽر پيٽرول سان ڀريل ٽرالر هٽائڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي، واضح رهي ته 14 ڊسمبر 2024 تي نيشنل هاءِ وي تي ڪار سوارن کي پويان ايندڙ ٽرڪ ٽڪر هنيو ۽ ٽرڪ جي پويان ايندڙ ٽرالر پڻ اڳيان ويندڙ ٽرڪ کي ٽڪر هنيو هيو. جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار ڪار جو ڊرائيور محمد نواز مستوئي، 55 سالا مسمات روبينه ڌاريجو، سندس ننهن 25 سالا مسمات رخسانه ڌاريجو ۽ ٻن مهينن جو ٿڇ پياڪ ٻار محمد ارهام ڌاريجو ڪار اندر چيڀاٽجي فوت ٿي ويا هيا. ٻٻرلوءِ ٿاڻي جي ايس ايڇ او عدالت کي آگاهي ڏيندي درخواست ڏني ته وڪيلن طرفان سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ واري ٻٻرلوءِ ۾ قومي شاهراهه تي لڳل ڌرڻي جي ڀرسان 48000 ليٽر پيٽرول سان ڀريل ٽرالر بيٺل آهي جنهن کي هٽائڻ جي اجازت ڏني وڃي، جيڪا عدالت منظور ڪندي ٽرالر هٽائي محفوظ هنڌ تي بيهارڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.