ٺٽو/گهارو/ ميرپور ساڪرو (نمائندن وٽان) مڪلي ۽ ٺٽي پوليس هٿان کنڀي گم ڪيل ميرپورساڪرو ٽائون ڪميٽي جي چئيرمين ۽ مقامي صحافي جي گرفتاري ظاهر، ڊيوٽي اٽڪاءَ، فائرنگ ۽ غير قانوني هٿيار رکڻ جا ڪيس داخل، ٺٽي جي عدالت ٽنهي ڪيسن ۾ سندن ضمانت منظور ڪري ورتي آهي، ٺٽو ۽ مڪلي پوليس هٿان کنڀي گم ڪيل ميرپورساڪرو ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين اقبال احمد خاصخيلي ۽ پريس ڪلب ميرپورساڪرو جي جنرل سيڪريٽري صحافي يوسف شاهين کي گذريل ڏينهن ٺٽو ۽ مڪلي پوليس کنڀي گم ڪرن بعد مڪلي ٿاڻي تي رات دير سان ڊيوٽي اٽڪاءُ فائرنگ ۽ غير قانوني هٿيار رکڻ جي ٽن ڪيسن ۾ نامزد ڪندي سندن گرفتاري ظاهر ڪئي هئي، مڪلي پوليس پاران آن لائن ٻنهي ڄڻن کي رمانڊ لاءِ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي انھن شڪايت ڪندي عدالت کي آگاهي ڏني ته مٿن پوليس پاران سخت تشدد ڪيو ويو آھي، جنهن بعد عدالت سندن ميڍيڪل چيڪ اپ جو حڪم پڻ ڏنو، جڏهن ته ان موقعي تي پڻ سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج ٺٽو احمد رضا ابڙو جي عدالت ۾ سندن وڪيل سينيئر قانوندان اعجاز جماڻي سندن ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي، جنهن تي عدالت وڪيل اعجاز جماڻي جا دليل ٻڌڻ بعد مڪلي پوليس پاران ڊيوٽي اٽڪاءُ ۽ هٿيار رکڻ جي ٽن ڌار ڌار ڪيسن ۾ ٻنهي ڄڻن ٽائون ڪميٽي ميرپورساڪرو جي چيئرمين اقبال احمد خاصخيلي ۽ مقامي صحافي يوسف شاهين جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي، جڏهن ته ان کان اڳ صحافي يوسف شاهين کي پوليس جي نگراني ۾ علاج لاءِ سول اسپتال ٺٽو مڪلي آندو ويو، جتي پڻ وڏي انگ ۾ صحافين پهچي پوليس ڪارروائي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي پوليس ۽ ڪئنالن خلاف سخت نعري بازي ڪئي، ان موقعي تي پوليس هٿان گرفتار ڪيل صحافي يوسف شاهين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هو گذريل ڏهاڙي مڪلي آيل هئاسين جتان کين پوليس کنڀي سخت تشدد جو نشانو بڻايو، هن چيو ته پوليس جي ڪيل بي رحماڻي تشدد سبب سندس ٻانهن ۽ هٿ ۾ فريڪچر ٿي ويو آهي، هن چيو ته ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين اقبال احمد خاصخيلي کي پڻ سخت تشدد جو نشانو بڻائي سندن تذليل ڪئي وئي آهي، هن چيو ته سندن ڏوهه صرف اهو آهي جو ٻٻر لوءِ ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ ويا هيا ۽ هتان کان موٽڻ بعد مٿن نه رڳو جڙتو غيرقانوني هٿيار رکڻ ۽ ڊيوٽي اٽڪاءَ جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، ٻئي پاسي ساڪرو شهر ۾ واپارين پاران ڪاروبار بند ڪري ساڪرو، ڪيٽي بندر ڳاڙهو روڊ تي گذريل رات احتجاجي مظاهرو ڪيو هو، هوڏانهن ساڪرو جي سينيئر صحافي يوسف شاهين تي ڪيل پوليس تشدد ۽ داخل ڪوڙن ڪيسن خلاف حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس ٺٽي يونٽ پاران يونين جي صدر صحافي منصور جلالاڻي جي اڳواڻي ۾ پڻ پريس ڪلب ٺٽي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو احتجاجي مظاهري ۾ پريس ڪلب ٺٽي جي صدر اقبال جاکرو، سينيئر صحافين ڊاڪٽر شاهد صديقي، اسماعيل ميمڻ ، شبير ڀٽي، وهاب شيخ، خدا بخش بروهي، ڀورو سرڪي، نظير جاکرو، جاويد لطيف، يوسف دايو، ذهير علي، محمد ميمڻ، نزاڪت شاهه، حسن مرزا، سارنگ چانڊيو، عزيز جوڳي، عزيز سومرو، شيراز واريو، قادر جاکرو ۽ ٻين احتجاج ڪيو