سنڌوءَ تي اڏجندڙ ڇھن ڪينالن جي منصوبي خلاف ڪراچي بار جي وڪيلن پاران ٻٻرلوءِ تي لڳل تاريخي ڌرڻو، جيڪو مسلسل ٻارنھن ڏينھن ھليو، ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ وڪيلن جي سرواڻ عامر نواز وڙائچ مقصدن جي حاصلات بعد 29 اپريل 2025ع جي ڏينھن منجھند ڌاري ان جي خاتمي جو اعلان ڪيو ھو. تاريخ جي ورقن تي ڪي سال، ڪي مھينا، ڪي ڏھاڙا، ڪي گھڙيون ۽ ساعتون وڏي اھميت واريون ليکيون وينديون آھن. مثال طور ميرن جي لشڪر جي ھڪ گمنام سپاھي ھوش محمد شيدي جنگ ھلندي اھو نعرو بلند ڪيو ھو تـ، “مرسون مرسون، سنڌ نـه ڏيسون” تـه اھو تاريخ جي ورقن ۾ سورھيائي، وطن دوستيءَ جي عظيم نشانيءَ طور سدائين لاءِ رقم ٿي امر ٿي ويو ھو. ساڳي نموني سنڌ جي شھر ٻٻرلوءِ ۾ اپريل جي ساڙيندڙ گرم ڏينھن ۾ لڳل تاريخي ڌرڻو سنڌي ماڻھن جي مزاحمت، سورھيائي، امن دوستي جو ھڪ اھڃاڻ بڻجي ويو آھي. پنھنجي ڌرتي، پنھنجي وسيلن، پنھنجي درياءُ جي بچاءُ واري ھن معرڪي نام نھاد عوامي نمائندن، نام نھاد چونڊيل نمائندن جي مھانڊن تان اھي ماسڪ لاھي ڦٽي ڪري ڇڏيا آھن، جن تي ڪي خوبصورت نعرا تحرير ٿيل ھئا، انھن پنھنجو پاڻ کي لقب القاب ڏيئي سنڌ جي ماڻھن کي ڀنڀلائي رکيو ھو.
ڌرڻي جي شروعات کان آخري ڏينھن تائين مون ان ۾ شرڪت پئي ڪئي آھي، جتي مون سنڌي ماڻھن جي جوش جذبي ۽ ولولي کي اکئين پسيو آھي. ھي تاريخي ڌرڻو ھزارين ڪھاڻين کي جنم ڏيئي ڪاميابي ماڻي پنھنجي پڄاڻي تي پھچي چڪو آھي. ھي ڌرڻو ٻارنھن ڏينھن تائين جاري رھيو پر پرامن ايترو ھو جو ڪنھن ھڪ بـ گاڏي جو نه شيشو ڀڳو، نـه ئي ڪنھن ڊرائيور تي تشدد ٿيو. جيتوڻيڪ پوليس وارن ڪوشش ڪئي تـه ڌرڻي وارن ۾ اشتعال پيدا ڪري ان کي تشدد واري پاسي گھلي اچجي پر ڏاھي قيادت سندن اھڙين سازشن کي مڪمل نموني ناڪام بڻائي ڏيکاريو ھو. ھن ڌرڻي سنڌ کي مڪمل نموني ڳنڍي ڇڏيو آھي، جتي قومپرست، ترقي پسند، مختلف فرقن وارا مذھبي ماڻھو، اديب، اداڪار، ٽڪ ٽاڪر، ڪلاڪار، استاد، شاگرد، مزدور، ھاري، آبادگار، وڪيل، سول سوسائٽي سڀني جي نمائندگي ھئي. ٻٻرلوءِ جھڙوڪر سنڌ دوستي، دريا دوستي، ماحول دوستيءَ جو ھڪ اڻ مٽ اھڃاڻ ٿي اڀريو آھي. ھاڻي سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن جو تجزيو ڌرڻي کان اڳ ۽ ڌرڻي کان پوءِ واري شڪل ۾ ڪيو ويندو. مون کي اتي عوامي تحريڪ جو پراڻو ڪامريڊ دوست زاھد گھلو وھيل چيئر تي ويٺل مليو ھو، جيڪو شڪارپور کان اتي ڪَھي آيو ھو. ياد رھي تـ ھڪ حادثي ۾ سندس ٻنهي ٽَنگن کي نقصان پهتو آهي. زاھد تڪليف ۾ ھوندي بـه اھو ضروري ڄاتو تـه ڌرڻي ۾ پنھنجي حاضري لڳرائي. مون کي اتي سانگھڙ واسي، قومي عوامي تحريڪ جا ڪارڪن حسين بخش شر، جاويد شر ۽ امان اللھ شر مليا ھئا، جيڪي پنھنجي شھر کان پيرين پنڌ پھتا ھئا ۽ کين ڌرڻي ۾ پھچڻ لاءِ ٻـه ڏينھن ۽ ھڪ رات جو وقت لڳو ھو، سندن پير ڀٿون ٿي پيا ھئا. سندن ھٿن ۾ جھنڊا ھئا ۽ مھانڊن تي مرڪون ھيون. مون سوشل ميڊيا تي ڏٺو پئي تـه ھڪ سنڌ دوست ميرپورخاص کان پيرين پنڌ نڪتو ھو، جيڪو منزلون طئي ڪندو، رستي ۾ ملندڙ ماڻھن کي پيغام پھچائيندو ٻٻرلوءِ طرف روان دوان ھو. مان ھتي ولاگر نذير ميمڻ ۽ سندس ساٿين جو ذڪر ضرور ڪندس، جيڪي ڪراچيءَ مان موٽر سائيڪلن تي سوار ٿي ساڙيندڙ گرم ڏينھن ۾ ٻٻرلوءِ ڌرڻي ڏانھن روان دوان ھئا ۽ قاضي احمد ڀرسان کين جڏھن ھڪ ٽيوب ويل نظر آيو ھو تـه ان ۾ تڙڳي جسم ٺاري وري پنڌ کي ڇڪيو ھئائون ۽ رات جو ٻٻرلوءِ پھچي پنھنجو قومي فرض ادا ڪيو ھئائون. مون پنھنجي پياري دوست شوڪت نوناريءَ جي ھڪ وڊيو ڏٺي، جنھن ۾ ھو چئن پنجن معصوم نياڻين سان ڳالھائي رھيو ھو ۽ اھي معصوم نياڻيون لاڙڪاڻي کان پيرين پنڌ اتي پھتيون ھيون. سنڌ دوست، دريا دوست، ماحول دوست، انسان دوست، حق پرست ھئڻ لاءِ لازمي ھو تـه ھو ٻٻرلوءِ پھچن. ڪجھ ماڻھو بھرحال ھئا، جيڪي ھِن ۽ ھُن پاسي وچ ۾ ڦٿڪندي نظر آيا ھئا، سندن ماضي کين ڌرڻي پاسي گھلڻ جي ڪوششن ۾ ھو پر سندن حال ۽ حال ۾ امڪاني ملندڙ مال کين ھُن پاسي وڃڻ تي مجبور پئي ڪيو پر ٻنھي ٻانھن کان معذور، پ پ پ جو پراڻو جيالو خيرپور جو ڳوٺاڻو جاگيراڻي ان معاملي ۾ صفا واضح ۽ چٽو ھو. ھو بلاول ڀُٽي جي جلسي ۾ شريڪ ٿيڻ آيو ھو پر درياءَ جي وارثيءَ ڪرڻ تي ڌرڻي وارن جي ڌر ٿي بيٺل ھو ۽ ڌرڻي وارن جي ساراھ سان گڏ ساڳيا نعرا اتي بلند پئي ڪيائين. ھن ڌرڻي ۾ بس ٻن گروھن اچڻ جي تڪليف گوارا نـه ڪئي، ھڪ حاڪم پ پ پ وارن ۽ ٻيو ايم ڪيو ايم جي لساني گروهه. باقي تـه سڀ اتي پھتا ھئا. شيعن جو عالم اياز قمي، سني طريقي ديوبندين جي نمائنده تنظيم جميعت علماءِ اسلام جو راشد محمود سومرو مسلڪي فرق ميساري ڳراٽڙيون پائي ھڪ ٻئي سان مليا ھئا، ڪلھو ڪلھي سان ملائي ڌرڻي وارن کي خطاب ڪيا ھئائون. پير سائين پاڳاري جا مريد پنھنجي منفرد انداز سان ڳائي وڄائي رھيا ھئا ۽ انھن پنھنجي پير جي حڪم تي ڌرڻي جي حفاظت جو ذمو کنيو ھو. ڌرڻي ۾ پارٽين جا ڪارڪن اڪيلي سر يا وفدن، ٽولين يا ريلين سان پھچي رھيا ھئا، اتي سنڌياڻي تحريڪ جي ادڙين جي پرجوش نعرن ڌرڻي ۾ وڏو جوش خروش پيدا پئي ڪري رکيو ھو. سکر جي ادي شائستا کوسو، خيرپور جي شھناز شيخ سان گڏ سوين سنڌياڻيون، جن جو تعلق شھرن، ڳوٺن سان ھو، اتي پھتيون ھيون. اتي مختلف برادرين جون تنظيمون ريليون ڪڍي پھچي رھيون هيون. ڪاليجي پروفيسرن جي تنظيم سپلا، اديبن جي نمائنده تنظيم سنڌي ادبي سنگت جا وفد اتي پھتا ھئا. سائين ڊاڪٽر ادل سومرو، سائين اياز گل، حبيب ساجد، بدين جو سانول جمالي، صدرالدين سامي، وحيد انصاري، سجاد ميراڻي سان گڏ سوين لکاري روزانو اتي پھچي پنھنجو قومي فرض ادا ڪري رھيا ھئا. يونيورسٽين ۽ ڪاليجن جي حاضر سروس يا رٽائر ٿيل پروفيسرن جي اچ وڃ جاري ھئي. صحافي پنھنجن ادارن پاران مقرر ٿيل ھئا پر لڳي نـه پيو تـه ھو ڪو روائتي صحافي جو ڪردار پيا ادا ڪن پر سندن رپورٽنگ جي اکر اکر مان وطن دوستي ٽمندي نظر پئي آئي. ڌرڻي جي آس پاس وارن رھندڙ ٻٻرلوءِ واسين پنھنجا گھر، پنھنجون اوطاقون ۽ دل جا دروازا ڌرڻي ۾ شرڪت ڪرڻ وارن لاءِ مڪمل نموني کولي ڇڏيا ھئا. ڪيئي سخي دل انسان سوين ماڻھن جي کاڌي پيتي جو ٽي ويلا انتظام ڪري رھيا ھئا. ٿڌي پاڻيءَ ۽ شربت جون سبيلون عام جام ھيون، مختلف اسٽالن تان ماڻھن کي منرل واٽر جون بوتلون ملي رھيون ھيون. ڌرڻي جي چئني پاسي مختلف پارٽين يا ادارن پاران ڪيمپون لڳايون ويون ھيون، سنڌ سڀاءَ جي دوستن ڪتابن جو اسٽال لڳائي ڇڏيو ھو. ٿورن لفظن ۾ تـه ٻٻرلوءِ جي ڌرڻي سنڌ اندر ھڪ نئون سھپ وارو، امن وارو، مدد ڪرڻ وارو، ساٿ ڏيڻ وارو سڀاويڪ ڪلچر متعارف ڪرايو ھو. جنھن ۾ ڪو وڏو يا ننڍو نـ ھو، جتي ڪنھن بـه قسم جي ذات پات، مذھب، مسلڪ، رنگ نسل جي ڪا ديوار نـه ھئي. سائنڻ نورالھده شاھ ان سڄاڳيءَ جي لھر کي ڏسندي ئي اھو چيو ھو تـج اھڙي سڄاڳ سنڌ ھن پنھنجي اکين سان پھريون ڀيرو ڏٺي آھي، اھڙي سنڌ جنھن جي خواھش سندس دل ۾ ھوندي ھئي ۽ اھي ڳالھيون ڪندي جذبات ۾ سندس آواز ڳرو ٿي پيو ھو ۽ سندس اکين ۾ ميگھ ملھار جي موسم لھي آئي ھئي.
ھن ڌرڻي ڪيترن نام نھاد عوامي اڳواڻن جي پت وائکي ڪري ڇڏي ھئي. سنڌ جي وزير اعلى منڍ ۾ اھو مڃڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو ھو تـه ڪي ڪينال ٺھن پيا، جڏھن سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي اڳواڻ سيد زين شاھ ۽ ان کان پوءِ صحافي ممتاز بخاري ڪينالن تي ھلندڙ ڪمن جي وڊيو گرافي ڪري سڄي جڳ جھان کي ڏيکاريو ھو تـه ڏسو ھي ڪينالن جو ڪم ھلي پيو تـه سنڌ جي وزير اعلى ھڪ دفعو وري پلٽو کاڌو تـه زين شاھ ڪينال منصوبن لاءِ جڙيل ماڊل ڏيکاريا آھن پر ڪجھ ڏينھن بعد حيدرآباد ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي جلسي ۾ اھو ساڳيو وزير اعلى مراد شاھ “ڪينال سمورا نامنظور” جا نعرا پاڻ ھڻائي رھيو ھو. ڪن پ پ پ جي بزرگ سياستدانن تـ سڀ حدون ڪراس ڪري ڇڏيون ھيون، جڏھن انھن ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن کي “ڪتا ٻلا” سڏي پنھنجي اندر جي ڪاراڻ کي ظاھر ڪيو ھو. پنھنجي ڌرتيءَ جي حقن جي حفاظت لاءِ روڊن تي ويٺل امر انسانن لاءِ ان قسم جا توھين آميز لفظ ڪو سالم دماغ انسان تـه چئي نـٿو سگھي. شل ڪو اھڙو ڏينھن اچي تـه اھڙن ماڻھن جي پنجاھ سالن جي سياسي بازيگري، ڦرلٽ جو حساب ڪتاب ٿئي تـه دنيا کي خبر پئجي ويندي تـه انھن ڪيئن نـ ڌرتي ڌڻين جي مال ملڪيتن کي ڦريو ۽ لٽيو آھي.
ھي ڌرڻو سنڌ جي مزاحمتي ۽ ملامتي تاريخ تحرير ڪري چڪو آھي. ھن ۾ جن حصو ورتو، جن ان جي حمايت ڪئي ۽ جن حصو نـه ورتو ۽ ان کي ناڪام ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون، انھن ٻنھي ڌرين جي مھانڊن کي عام اڳيان نروار ڪري ڇڏيو آھي. تاريخ جا تمام وڏا فيصلا وقتي ناھن ٿيندا پر انھن جا پڙاڏا صدين تائين گونجندا رھندا آھن. پنجابي نسل جي عظيم انسان عامر وڙائچ ۽ ملير جو آرائين وڪيل سنڌ جي بھادر جوڌن جي صفن ۾ اچي بيٺا آھن، جن تي سنڌ وارا قربان قربان پيا ٿين ۽ باقي جيڪي ڌرڻي واري اڻ ڏٺل ڀت کان ٻاھر بيٺل ماڻھو ھئا، انھن لاءِ ڌرڻي اندر ئي نعرن جي صورت ۾ ڪروڙين لعنتون وسي رھيون ھيون.