ٻٻرلوءِ ڌرڻو ۽ ڪينالن خلاف شاندار جدوجهد

0
30
ٻٻرلوءِ ڌرڻو ۽ ڪينالن خلاف شاندار جدوجهد

 ھن وقت سنڌ ۽ پوري ملڪ ۾ سنڌو درياءُ ۽ زمينون بچائڻ لاءِ ھڪ تاريخي سياسي جدوجھد ھلي رھي آھي. بلوچستان ۽ پختونخوا پنھنجي حقن جي ويڙھ وڙھي رھيا آھن. چولستان، روھي ۽ سرائڪي بيلٽ جا ماڻھو پنھنجي علائقن ۾ وس آھر آواز اٿارين پيا. پنجاب جو عوام دوست حلقو انھي معاملي تي آواز اٿاري پيو. سنڌي ماڻھو پنھنجي پوري سياسي شعور ۽ سگهه ست سان جاڳيو آھي. سنڌي قوم ھڪ قوم ھجڻ جو ثبوت ڏنو آھي. ماضي ۾ پڻ سنڌي ماڻھن ھر جدوجھد ۾ پاڻ مڃايو آھي. انھي روايت کي اڳتي وڌائيندي، پنھنجي زندگي ۽ موت جي مسئلي تي سنڌ آرس موڙي جاڳي آھي!

                 ھڪڙي ڳالھ سمجھڻ جي آھي ته ھاڻي ماڻھو سولائي سان حڪمران طبقن جي دوکي ۾ نه اچي سگھندا. انھن جي پردي پويان ھلندڙ سازشن کي جلدي سمجھي وڃن ٿا. ماڻھو ھاڻي ڳالھين کي سمجھڻ لاءِ تحقيق ڪن ٿا. اھو ئي ثبوت آھي انھي ڳالھ جو ته ملڪ جي مقتدر حلقن جي ڏھاڪن کان جيڪا ماڻھن کي سياست کان پري رکڻ جي سازش ھلي پئي، انھيءَ ۾ اُھي بري طرح ناڪام ويا آھن. اھا ڳالھ پڌري پٽ پيئي آھي ته انھن حڪمرانن جي غلط پاليسين جي ڪري ئي اسان جي ملڪ  جا اھي حال ٿيا آھن. اھا ڳالھ سمجھڻ کانپوءِ ماڻھو سولائي سان انھن وڏيرن جي فريب ۽ ڪوڙن نعرن ۾ ڪونه ٿا اچن.

موجوده صورتحال ۾ پ پ، سنڌ جا وسيلا، درياءَ، زمينون، جبل، ڍنڍون، ڍورا، بندر، ڪوئلا، گئسون، لوڻ ۽ چيني مٽي وغيرھ وڪڻي ۽ ڪرسي حاصل ڪرڻ واري عمل کانپوءِ ھاڻي پنھنجي انھيءَ تمام وڏي غلطيءَ کي ڌوئڻ واري پوزيشن ۾ آھي. سنڌ جو وڏيرو ڀانئي ٿو سنڌ جو عام ماڻھو سدائين مخصوص نعرن جي سحر ۾ غش رھندو! اھا انھن جي ڀُل آھي. وڏيرو اليڪشني سياست واري جوڙيل نظام ۾ ڦٻي ٿو، اھا ڳالھ  ڀلي ٺيڪ آھي پر ماضي ۾ ھر وڏي جدوجھد ۾ عوام سنڌ جي مجموعي مفاد سان گڏ بيٺي آھي. ھن وقت ھڪڙي ڳالھ ته ٻار به سمجھي ٿو ته سنڌ جي حڪمران جماعت اقتدار خاطر اصل ڌرين جي سهولتڪار بڻيل آھي ۽ انھن سان تيز ڳالھائڻ جي جرئت ته اها جماعت ڪري نٿي سگھي. پر عوام ھن وقت وڏي ڪاوڙ م آھي. خاص طور تي درياءَ جي مسئلي تي ھاڻي سنڌو تي ڪنھن به قسم جو ڪٽ ھڻڻ، ڊيم ٺاھڻ يا ڪينال ڪڍڻ نه ڏيندو ۽ نه ئي زمينون وڪڻڻ ڏيندو. صدر زرداري پھرين ته درياءَ تي چولستان ڪينال جو ڪم ڏيڍ سال م پورو ڪرڻ جي ھدايت ڪئي. انھي ۾ اھم ادارن جا سربراھ ويٺا آھن. انھي ميٽنگ جا منٽس ۽ تصويرون ميڊيا ۾ آيون آھن.

وڏيرن اقتدار جي لالچ ۾ سنڌ جا سمورا وسيلا داءُ تي لڳائي ڇڏيا آھن. ڪارپوريٽ فارمنگ تحت اھي بين الاقوامي ڪمپنين ۽ عالمي قوتن جي پئسي تي دنيا جي ٻين ملڪن ۾ جيڪا کاڌ خوراڪ جي کوٽ آھي، انھيءَ جو پورائو ڪرڻ لاءِ ھتي چولستان جي بنجر زمينن کي آباد  ڪرڻ جو منصوبو ٺاھيو آھي. سنڌ جي سياسي ڪارڪنن ۽ انھن معاملن تي گھرائي سان اک رکندڙ ڌُرين ٻه سال پھرين ئي انھي مسئلي خلاف آواز اٿاريو.  تنھن کانپوءِ سنڌ ۾ ھڪ احتجاجي تحريڪ اٿي. انھي تحريڪ جي دٻاءِ ۾ اچي پ پ جي قيادت پريشان ٿي ته ھاڻي انھي مسئلي تي ڇا ڪجي. جڏھن صحافين سوال ڪيا ته پھرين وڏي وزير  مراد علي شاھ چيو ته ڪو به ڪينال ڪونه پيو ٺھي. پوءِ جڏھن ماڻھن وڃي چولستان مان بيھي لائيو ھلايا ۽ ميڊيا جون ٽيمون ويون، تڏھن وري وڏي وزير چيو ته اھو صرف ھڪ ماڊل ٺاھيو ويو آھي. جڏھن سنڌ جو عوام روڊن تي صفا  مزاحمت جي پوزيشن ۾ آيو، تڏھن انھي ساڳي پ پ جي قيادت يو ٽرن ورتو ته ڪينال ٺاھڻ نه ڏينداسين احتجاج ڪنداسين. وري روڊن تي آيا ۽ سنڌ ۾ احتجاج ڪيائون. انھي احتجاج ۾ انھن جي صفا پت وائکي ٿي ويئي. نثار کھڙو ۽ مولابخش چانڊيي وارا پريس ڪانفرنس ۾ صحافين جي سوالن تي پاڻ ۾ وڙھي پيا! اھا صورتحال وڃي بيٺي جو ھڪڙي سوال جي جواب ۾ چيائون ته صدارتي ھائوس مان پريس رليز غلط نڪتي آھي. صدر زرداري اھا منظوري ناھي ڏني! انھي تي وري صحافين چيو ته اٺ مھينا انھيءَ پريس رليز جي غلط نڪرڻ جي ترديد ڇو نه ھلائي وئي؟! ۽ ملڪ جي ھيڏي وڏي عھدي تي فائز ماڻھو جي نالي ۾ غلط پريس رليز ڪيئن ٿي نڪري سگھي؟! اھڙي قسم جي صورتحال مان اھا ڳالھ صاف ظاھر ٿي آھي ۽ ميڊيا تي مباحثن جو مرڪز بڻيل آھي ته پ پ وزارت عظميٰ جو منصب وٺڻ لاءِ انتھائي ڳرا شرط مڃيا آھن پر عوام نڪري آيو آھي ۽ ھن واري عوام جا تيور ڏاڍا خطرناڪ آھن.

انھي سڄي صورتحال ۾ ڪراچي بار توڙي سنڌ جي ٻين بارز جي وڪيل اڳواڻن درياءِ جي حوالي سان بھترين موقف پئي رکيو آھي. ھن جدوجھد ۾ وڪيلن جو ھڪ سٺو ڪردار جڙيو آھي. ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي صدر وڪيل عامر وڙائچ ۽ رحمان ڪورائي جيڪي سنڌ جا سپوٽ فرزند آھن. جن جون سرگرميون سنڌ دوست رھيون آھن. سڀ کان پھرين جڏھن سنڌياڻي تحريڪ ڪينالن جي مسئلي تي ريلي ڪڍي تڏھن ڪراچي ۾ عامر وڙائچ سڄو ڏينھن قافلي ۾ گڏ رھيو. آخر ۾ سٺي تقرير ڪيائين. حيدراباد ۾ پوليس گردي واري ڌرڻي ۾ پڻ ھن پاڻ ملھايو. سنڌو درياءِ تي ٺھندڙ 6 ڪينالن خلاف ھن پنجاب جو بارڊر بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو. تنھن کانپوءِ ڪراچي ۾ ھن تي حملو ٿيو تڏھن سنڌي ماڻھن عامر وڙائچ تي ٿيل حملي جي ڀرپور مذمت ڪئي ۽ سنڌ جي وڪيلن ۾ ھڪ وڏي غصي جي لھر آئي. انھيءَ کانپوءِ ڪراچي ۾ وڏي ڪنوينشن ٿي انھي کانپوءِ وڪيلن ڪينالن جو نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ جي ڊيڊلائين ڏني. بقول وڪلاءُ جي ته جي نوٽيفڪيشن واپس نه ورتو ويو ته ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڌرڻو ھنيو ويندو. ٽائيم گذري ويو پر وفاق پنھنجي ھوڏ تان نه ھٽيو. تنھن تي وڪيلن پنھنجي اعلانيل جدوجھد تي عمل ڪندي ڪراچي مان قافلو روانو ڪيو. ھزارين وڪيل عورتون ۽ مرد گاڏين ۾ پنھنجو سفر ٻٻرلوءِ طرف شروع ڪيائون. سنڌ جي چپي چپي تي وڪيلن جي ھن تاريخي قافلي جا شاندار استقبال ٿيا. انھن استقبالن دوران لڳندڙ نعرن ھوڏ تي بيٺل حڪمرانن جو وايون بتال ڪري ڇڏيون آھن. سموريون سياسي ڌُريون انھيءَ قافلي سان گڏ بيٺيون آھن. سنڌ کان پنجاب ويندڙ سمورا رستا بند آھن. شڪارپور واري پاسي کان ويندڙ ھڪ رستو آھي اھو پڻ بند آھي. ھي جدوجھد جام ڊگھي آھي. وڪيل دوستن کي جس ڏيون ٿا، اسين انھن سان گڏ آھيون. ڪنھن به قسم جي اٻھرائي کان پاسو ڪرڻو پوندو. جدوجھدن جي علم جا ماھر ۽ رھبر چون ٿا ته ڊگھي ۽ پرامن جدوجهد شھنشاھتن ۽ آمريتن کي به بيزار ڪري ۽ پوئتي ھٽڻ تي مجبور ڪندي آھي. تنھن ڪري  انھي جدوجھد کي ماضي وانگر پرامن ھلائجي. سڄي سنڌ ۾ وڪيلن جي ھاڻوڪي جدوجھد وڏو اتساھ بخشيو آھي. اميد آھي ته اسين درياءُ ۽ زمنيون بچائي وينداسين.