“سنڌوءَ تي ڪينال نامنظور” واري تحريڪ سان سنڌي عوام جي شاندار نموني سان جڙڻ ڪا حيرت جوڳي ڳالھ ڪانھي. ھن رياستي ۽ حڪومتي ادارن اندر سنڌي ماڻھن کي مسلسل نظرانداز ڪرڻ ۽ انھيءَ سبب پيدا ٿيل احساس محرومي جو ھي شديد ردعمل آھي. ٻٻرلوءِ واري پُر امن ڌرڻي ھڪ طرف گھڻين ڌرين کي ڇرڪائي وڌو آھي ته ٻئي طرف سنڌي ماڻھن کي اتساھ ڏنو آھي ۽ کين پاڪستان جي اندر، سندن جيو پوليٽيڪل اھميت سان روشناس ڪرايو آھي. ھاڻ ڪريڊٽ کڻڻ جو بحث ئي اجايو آھي. ھن پُر امن مزاحمتي تحريڪ  ۾  نه صرف اسان جي پاڻي ماھرن، ٽيڪنوڪريٽس، بار ڪائونسل جي وڪيلن، پر مختلف وفاقي ۽ صوبائي سياست ڪندڙ سياسي ڌرين جون محنتون پڻ شامل آھن،  جيڪي جولائي 24 کان مسلسل سياسي جدوجھد ۾ عوام سان ڳنڍيل رھيون  آھن.  سنڌ جي ننڍن وڏن شھرن ۽ واھڻ وستين ۾ وڃي عوام کي سنڌوءَ تي لڳندڙ ڌاڙي جي نقصان کان آگاھ ڪيو. عام ماڻھو کي جدوجھد جي ميدان تي متحرڪ ڪيو آھي. اسان کي سمجھڻ گھرجي ته سياسي توڙي عسڪري جدوجھدن ۾ ويساہ گھاتي ٿيڻ جا به امڪان موجود ھوندا آھن، تنھنڪري ھن تحريڪ جي ڪلائمڪس ۽ انھيءَ جي نتيجن جو انتظار ڪرڻو پوندو. اصل منزل جدوجھد جو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ ھوندو آھي. اھو ٽارگيٽ حاصل ٿيو يا نه؟ ھي ھڪ الڳ سوال آھي.

مون پنھنجي ھڪ ڪالم ۾ اڳ ئي اھا ڳالھ ڪئي ھئي ته اسان جي قومي مزاج ۾ عدم تشدد سان گڏ يڪ طرفي محبت پڻ شامل  آھي. انھيءَ ڪري اسان جي ھر تحريڪ تي رومانس جو دلپذير پھلو پڻ حاوي ٿي پوندو آھي. ھن رومانس جي ڪري جتي ھڪ طرف اسان جي قوم ۾ ولولو ۽ جوش  پيدا ٿئي ٿو، اتي ڪڏھن ڪڏھن اصل تحريڪي مقصد، پڻ شخصيتن جي سحر ۾ ڌنڌلائجي وڃن ٿا. ٻٻرلوءِ وارو شاندار ڌرڻو، جنھن کي اسان جا ڪجھ تجزئي نگار خودرو تحريڪ سڏين پيا، پڻ اھڙي قسم جي سياسي رومانس جو ڀرپور اظھار ھو. جنھن ۾ سنڌي سماج جي سمورن حصن شاندار نموني سان حصو ورتو آھي.

عدم تشدد جو شانائتو اظھار:

ھن ڌرڻي ذريعي سنڌي ماڻھو ملڪي ۽ عالمي برادري تائين ھي پيغام پھچائڻ ۾ ڪامياب ويا آھن ته، اسين سنڌو تھذيب جو تسلسل آھيون، جيڪا عدم تشدد، لبرل ۽ سيڪيولر سوچ جي علمبردار رھي آھي. اسين انتھاپسند ۽ نسل پرست نه آھيون، پر وطن پرست ضرور آھيون. اسان جي وطن پرستي نسلي تضادن کان آجي آھي. ثابت ٿيو آھي ته پاڪستان جي اندر وڌندڙ انتھاپسندي ۽ نسل پرستي خلاف سنڌ ڀرپور مزاحمت جي  قوت رکي ٿي. ھن طويل ڌرڻي دوران ڪٿي به ڪو تشدد نه ٿيو. انھيءَ ڪري ھن پُر امن ڌرڻي سبب سنڌين کي ملڪي ۽ عالمي سطح تي پذيرائي ملي رھي آھي.

سماج جي سڀني پرتن جو يڪمشت ٿي ميدان تي لھڻ:

ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ نوجوانن، بزرگن، ٽرانس جينڊرس، گونگن، معذورن، خاص ڪري عورتن ۽ ٻارڙن جي ڀرپور شرڪت پڻ حيران ڪن اتساھ جو سبب رھي آھي، جنھن ھن سياسي ميڙاڪي کي جدوجھد جا نوان رنگ ۽ نئين سگھ عطا ڪئي آھي. عوام ۾ اھو احساس پيدا ٿيو آھي ته، سماج جي انقلابي ڪاياپلٽ لاءِ ضروري آھي ته عورتن ۽ ٻارڙن کي جدوجھد جي ميدان ۾ لاٿو وڃي. جدوجھد جو ھي شاندار روپ ڪو اوچتو ظاھر نه ٿيو آھي پر ماضي جي اسان جي سياسي اڪابرن خاص ڪري سائين جي ايم سيد ۽ رسول بخش پليجي جي تربيت ۽ محنت جو نتيجو آھي. ھن ڌرڻي ۾ سنڌياڻي تحريڪ کانسواءِ ٻين  سياسي ۽ غير سياسي تنظيمن جي ڀينرن جو ڪردار ساراھ جوڳو آھي.

ھن تحريڪ گھڻن کي سڪتي واري ڪيفيت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آھي. تاريخ جي مطالعي مان خبر پئي ٿي ته رياستون پنھنجي مفادن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اڪثر ڪري نام نهاد مذھبي اسڪالرن ۽ مفادپرست دانشور طبقي  کي ميدان ۾ لاھينديون آھن ته جيئن عام ماڻھو جو برين واش ڪري، کين غير سياسي بنائي حڪومتي وھنوار کان پري رکيو وڃي ته جيئن مطلق العنان حڪمران آساني سان خلق خدا تي حڪمراني ڪندا رھن ۽ عوام جو استحصال آساني سان ڪري سگھن. سنڌ ۾ گذريل سترھن سالن جي حڪومتي دور ۾ پيدا ٿيل انھيءَ طبقي خوب مزا ماڻيا آھن. ھن  عوامي اڀار کين اھڙي ٻه واٽي تي آڻي بيھاري ڇڏيو، جو کين عوام جي ڪئمپ ۾ اچڻ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو نه پيو ملي ۽ کين سبق مليو آھي ته عوام ئي طاقت جو اصل سرچشمو آھي.

سوشل ميڊيا به واھ جو نڀايو:

ھن سموري تحريڪ ۽ ڌرڻي جي باري ۾ سوشل ميڊيا جو محاذ پڻ سرگرم رھيو. پل پل جي خبر کان عوام کي آگاھ ڪيو. جيڪي فرد ڪن اڻٽر مجبورين سبب ڌرڻي ۾ نه پھچي سگھيا، انھن گھر ۾ ويٺي به ھن تحريڪ ۾ پنھنجو شاندار ڪردار ادا ڪيو. تاريخ جي قرطاس ۾ قوم انھن کي به ياد ڪندي رھندي. ڌرڻي ۾ مذھبي اسڪالرن جو شاندار ڪردار رهيون. سنڌ جي مذھبي اسڪالرن جنھن شاندار مذھبي ھم آھنگي جو مظاھرو ڪيو، ان کي نه ساراھڻ زيادتي ٿيندي. سندن ڀرپور شرڪت دنيا کي ٻڌايو ته فروعي اختلاف، قومي بقا جي سوال اڳيان پنھنجي اھميت وڃائي ڇڏين ٿا. ھن ڏکئي وقت ۾ محمود و اياز جو ھڪ ئي صف ۾ بيھڻ، سنڌ دشمن گروھن لاءِ پيغام آھي ته سنڌ نظرين ۽ مفادن کان گھڻو اتم آھي.

عوام خوف کي شڪست ڏني آھي:

ايم آر ڊي جي تحريڪن کان پوءِ پھريون ڀيرو سنڌ جو عام ماڻھو ھٿين خالي رياستي ادارن سان ٽڪراءَ جي موڊ ۾ اچي ويو. حڪومت به انھيءَ حساس صورت حال کي محسوس ڪندي دفاعي پوزيشن تي ھلي وئي ته جيئن حالتون وڌيڪ خراب نه ٿين. ھن تحريڪ ڪيترن ئي  گمنام ڪردارن کي پڻ جنم ڏنو آھي، جن ھڙان وڙان خرچ ڪري ڌرڻي وارن لاءِ آسائشون مھيا ڪيون. سندن نالا تاريخ ۾ سونھري لفظن سان لکيا ويندا. ھي فرد، (معلوم توڙي نامعلوم) اسان جي تاريخ جا ھيروز آھن.

ھن تحريڪ جي قيادت عام ماڻھو پنھنجي ھٿ ھيٺ رکي:

ھي تحريڪ شروع ته سنڌ جي قومپرست سياسي ڌرين ڪئي ھئي پر اڳتي ھلي بار ڪائونسل جي وڪيلن اڳڀرائي ڪئي. عوام ٻه قدم اڳتي وڌي جنھن جوش جذبي ۽ ولولي سان شرڪت ڪئي، تنھن جو ڪريڊٽ بار جي وڪيلن سان گڏ انھن سمورين پارٽين ڏانھن وڃي ٿو، جن گذريل اٺن مھينن کان گراس روٽ ليول تائين عوام ۾ ڪم ڪيو ھو. عوامي دٻاءَ جو نتيجو ھو جو ھي ڌرڻو مسلسل ٻن هفتن تائين جاري رھيو ۽ حڪومت کي ڪجھ حد تائين پوئتي ھٽڻو پيو.

ھن سموري وقت دوران سنڌ جي شھرن ۾ رھندڙ عام اردو ڳالھائيندڙ ماڻھو پنھنجي سابقه روايت کي برقرار رکندي تحريڪ کان لاتعلق رھيو. جڏھن ته تاريخ کين ھڪ بھترين موقعو مھيا ڪيو ھو ته ھو سنڌ جي عوام سان جڙي ڌرتي جا پٽ ھئڻ جو ثبوت ڏين. (ھتي به اسان جون ڪجھ ڌريون يڪ طرفي محبت جون  قائل آھن).

نيٺ ھاڻ ڇا ڪجي؟

ھن تحريڪ ۽ انھيءَ جي آيل عوامي موٽ سنڌ جي سياسي ڌرين جي لاءِ پيغام آھي ته،  ھي ھن اڀار کي انارڪي/تشدد کان بچائي مثبت رخ طرف کڻي وڃن. سنڌي ماڻھن اڳيان ڪيترائي مسئلا اڄ به ڪر کڻيو بيٺا آھن. خاص ڪري ڌاري آبادي جو دٻاءُ، اھڙو مسئلو آھي، جنھن جو تعلق به سئنون سڌو قومي بقا سان ڳنڍيل آھي.  ضرورت آھي ته قومي بقا جي ھن جنگ ۾ نئين سر صف بندي سان  ميدان تي لھجي. اسان کي ھن ڌرڻي جي نتيجي ۾، پاور ڪاريڊور جي اندر آيل زلزلي کان پوءِ ان طبقي جي غليظ رٿابندي کي منهن ڏيڻ لاءِ به ذھني طور تيار رھڻ گھرجي ۽ مستقل مفاد رکندڙ ڌريون جيڪي سنڌ جي رت تي پلجي رھيون آھن، سي ايترو آساني سان ھٿ نه ڪڍنديون. ۽ سمجھڻ گھرجي ته ڪڏھن ڪڏھن سياسي قيادتن کان وانجھيل تحريڪن جي ناڪامي جو خدشو وڌيڪ ھوندو آھي. سنڌ ھميشه سورمن کي جنم ڏنو آھي. اسين پر اميد آھيون ته سنڌي ماڻھو اڳتي به مايوس نه ڪندا.