ٻٻرلوءِ ڌرڻو: تڪراري ڪئنالن خلاف سگهاري جدوجهد

0
63
ٻٻرلوءِ ڌرڻو: تڪراري ڪئنالن خلاف سگهاري جدوجهد

 سنڌ دشمن ڪئنالن واري رٿا، ڪارپوريٽ فارمنگ وارن منصوبن کان هن وقت سنڌ جو هر ٻچو ٻچو چڱي ريت واقف ٿي ويو آهي. هي ڪو پهريون ڀيرو ناهي جو سنڌ جي وسيلن تي ڌارين جي يلغار آهي، پر اهو ورهين کان ٿيندو پيو اچي. سنڌ جي گئس، بجلي، ڪوئلو، معدني ذخيرا هجن توڙي قدرتي وسيلن سان مالا مال ڌرتيءَ جي ٻين وسيلن تي قبضو، يلغار ٿيندو رهيو آهي. اهڙي ريت  سنڌوءِ درياءَ تي ڌاڙي واري به ڪا نئين تاريخ ناهي، عرصي کان سنڌ جي حصي جو پاڻي چورايو ويندو آهي پر سنڌ جا حڪمران هميشه سنڌ جو مضبوط ڪيس ورهڻ، جوڳا قدم کڻڻ بجاءِ صرف اعلانن، ڳالهين تائين ئي محدود رهيا آهن. جيڪڏهن ائين چئجي ته سنڌوءَ جو ڪيس سنڌ جي عوام ۽ صحافين وڙهيو آهي ته منهنجي خيال ۾ غلط نه هوندو، جيتوڻيڪ اهو فرض ورهين کان اقتدار جي ڪُرسيءَ ويٺل حڪمرانن جو آهي. جنهن ۾ زميندار، جاگيردارن جو به وڏو انگ موجود آهي، جن وڏي هڪ وڏي زرعي ايراضي به موجود آهي. جن جي بنگلن، شهرن، روڊن رستن تي پڇڙيءَ جا آبادگار، هاري، ناري پنهنجي وس آهر احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا رهيا آهن پر اُنهن جي ڪَنن تي جونءِ ئي ناهي چُرندي. مختلف طريقن سان سنڌ جي وسيلن تي يلغار کي ورجائيندي سنڌوءَ مٿان تڪراري ڇهه نوان ڪئنال اڏڻ واري منصوبو جوڙيو ويو، جنهن متعلق چيو پيو وڃي ته صدر آصف علي زرداري اُن جي منظوري ڏني، جنهن بعد پنجاب جي وزير اعليٰ مريم نواز ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير اِن منصوبو جو افتتاح به ڪيو، اهڙي صورتحال دوران سنڌ ۾ هڪه هلچل شروع ٿي، سنڌ سان محبت رکندڙن سنڌوءَ تي ڌاڙي خلاف مستقبل ۾ پيش ايندڙ انتهائي دردناڪ لقاءَ جو سوچيندي روڊن تي نڪري آيا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي سنڌ جي ڳوٺن، شهرن، وستي واهڻ ۾ احتجاج شروع ٿي ويا. سنڌ دشمن تڪراري منصوبن نوان ڪئنال اڏڻ توڙي ڪارپوريٽ فارمنگ تي حڪمران جماعت کان سواءِ پوري سنڌ جون سياسي، سماجي، قومپرست، هاري آبادگارن توڙي سول سوسائٽيءَ جون تنظيمون هڪ آواز تي روڊن تي نڪري آيون. مستقبل ۾ غير يقيني واري صورتحال انساني توڙي آبي جيوت جون زندگيون خطري هيٺ ڏسي سنڌ جي وڪيل برادريءَ به عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ، بارز مان سنڌ دشمن منصوبن خلاف قرارداد منظور ڪري احتجاجي مظاهرا ڪرايا ويا. جيڪو سلسلو باهه جيان تيزيءَ سان وڌي ويو. ۽ ڪراچيءَ بار جي صدر عامر وڙائچ، هاءِ ڪورٽ بار جي صدر سرفراز ميتلو پاران ڪراچيءَ کان احتجاجي مارچ ڪري 18 اپريل تي ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڌرڻو هنيو. اهڙي فيصلي جي سکر هاءِ ڪورٽ بار جي صدر قربان علي ملاڻو، لاڙڪاڻو هاءِ ڪورٽ بار جي صدر اطهر عباس سولنگي، سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن جي بارز پاران ڀرپور آجيان ڪئي وئي. اهڙيءَ ريت ڪراچي کان ٻٻرلوءِ تائين وِک وِک تي وڪيلن جي قافلي جي آجيان ڪئي وئي. وڪيلن پاران اڳواٽ ٽرانسپورٽرن توڙي سنڌ پنجاب، بلوچستان سفر ڪندڙن کي آگاهه ڪيو ويو ته ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڌرڻو هنيو ويندو، تنهن ڪري تڪليف کان بچڻ لاءِ سفر کان پاسو ڪيو وڃي.

جنهن وقت ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ٽينٽ لڳي رهيا هئا، شديد گرميءَ کي نظر ۾ رکندي پکن جو بندوبست پئي ڪيو ويو، اُن وقت ڪنهن کي خبر نه هئي ته هي ڌرڻو تاريخ جي ورقن ۾ رقم ٿي ويندو. وڪيل اڳواڻن سنڌوءَ مٿان تڪراري ڪئنالن واري رٿا ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي ڏنل مهلت تائين وفاقي حڪومت پاران نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيڻ جي صورت ۾ حڪومت کان الڳ ٿيڻ جو مطالبو ڪيو. ٻي صورت ۾ ڌرڻي کي وڌائڻ  توڙي ريلوي ٽريڪ بلاڪ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. نيشنل هاءِ وي مڪمل طور تي بند ٿي ويو، موٽروي پوليس توڙي اُتان جي مقامي پوليس پاران مختلف مختلف لنڪس روڊ جو متبادل پلان جاري ڪري اڻ سڌي طرح ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن توڙي مقامي باشعور عوام کي ٻڌايو ته اوهان هڪ رستو بند ڪيو آهي ته اسان ٻيو متبادل رستو استعمال ڪري رهيا آهيون. جنهن تي چونڊڪو، خيرپور، ڪنڌرا سميت ٻين علائقن جي باشعور عوام لنڪس روڊ تان هيوي ٽريفڪ، مسافر ڪوچن جي آمدرفت بند ڪرائي. ان دوران پوليس ۽ ڳوٺاڻن ۾ منهن ماري پڻ ٿي. پر جرئتمند ڳوٺاڻا پوليس جي ڌمڪين کان ڊڄڻ بجاءِ مضبوطيءَ سان بيٺل رهيا، ۽ هر نوجوان توڙي ٻار به پوليس جي لاءِ مضبوط ديوار بڻيل رهيو. ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڌرڻي کان اڳ سنڌوءِ تي ڌاڙي خلاف احتجاج ڪرڻ تي مختلف ضلعن ۾ ايف آءِ آرز پڻ مظاهرين مٿان داخل ڪيون ويون.

احتجاجن حڪومت کي ڏنل مهلت ختم ٿيڻ کان پوءِ وڪيلن جي ڪور ڪميٽيءَ جو اجلاس ٻٻرلوءِ ۾ وڪيل اڳواڻ سيد جعفر شاهه جي رهائش گاهه تي منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ پوري سنڌ جي بارز جي صدر، جنرل سيڪريٽريز توڙي نامور قانوندانن شرڪت ڪئي، جنهن ۾ متفقه طور تي اعلان ڪيو ويو ته جيستائين سنڌ دشمن ڪئنال رد ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن نه ملندو، تيستائين هتان ڌرڻو ختم نه ڪيو ويندو. حڪومت کي 72 ڪلاڪن جي ٻيون ڀيرو مهلت ڏيندي پوري سنڌ ۾ عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ تيستائين جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جيستائين نوٽيفڪيشن نٿو ڏنو وڃي. اهڙي ريت حڪومت جي غيرسنجيدگيءَ کي ڏسندي احتجاج جو دائرو وڌائيندي ڪمون شهيد، ڊيرا موڙ ڪشمور ۽ ڪراچيءَ ۾ ڌرڻا هڻڻ جو به اعلان ڪيو ويو. اڳواڻن چيو ته اِن باوجود جيڪڏهن حڪومت غير سنجيدگي ڏيکاري ته ڏنل مهلت ختم ٿيڻ بعد ريلوي ٽريڪ کي به بلاڪ ڪيو ويندو. روڊن تي ته ڌرڻي واري ڏينهن ئي عوام نڪتل هو پر اعلان کان پوءِ پنجاب ويندڙ دنگ ڪمون شهيد ۽ ڊيرا موڙ ڪشمور وٽ به ڌرڻا هنيا ويا. اسپتالن ۾ ٽوڪن هڙتال ڪئي وئي. اهڙي صورتحال کي ڏسندي وزير اعظم شهباز شريف جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ سان هڪ کان وڌيڪ ڀيرا رابطو ڪيو ۽ معاملي کي گڏجي ويهي حل ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اِن بعد وزير اعظم جي هدايتن تي 48 ڪلاڪن کانپوءِ ن ليگ سنڌ جو صدر بشير ميمڻ پنهنجي وفد سان گڏ ٻٻرلوءِ پهچي وڪيل اڳواڻن وٽ پهتو. وڪيل اڳواڻن واضع چيو ته جيسيتائين تڪراري سنڌ دشمن ڪئنالن واري منصوبو کي رد ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن هٿ ۾ نه ملندو، تيستائين نه اُٿنداسين. البته ڪارپوريٽ فارمنگ، پيڪا ايڪٽ توڙي 26هين آئيني ترميم وارن مطالبن تي ويهي ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيون. پر ڪئنالن واري منصوبي متعلق نه ڳالهائينداسين. فقط اسان کي ڪئنالن واري رٿا رد ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن ڏنو وڃي ته اسان ڌرڻو ختم ڪنداسين. مسلم ليگ ن سنڌ جي صدر پاران وڪيل اڳواڻن کي وزير اعظم سان ملاقات ڪرائڻ جو واعدو ڪيو، جنهن تي وڪيل اڳواڻن چيو ته جيڪڏهن وزير اعظم ٻٻرلوءِ ڳالهين لاءِ ايندو ته بهتر هوندو. جنهن تي حڪومتي وفد وڪيلن جي مطالبن کي وزير اعظم آڏو رکڻ جو چئي واپس روانو ٿي ويو. اهڙي طرح پيپلز پارٽيءَ پاران اعلانيل 25 اپريل تي ڪئنالن خلاف ڌرڻي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ پ پ اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه ۽ پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو ٻٻرلوءِ پهچي ڌرڻي جي اڳواڻن کي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ دعوت ڏني. حڪومت کي ڏنل ٻيهر ڏنل 72 ڪلاڪ جي مهلت ۾ ختم ٿيڻ بعد وڪيلن جي ڪور ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو. جنهن بعد وڪيل عامر نواز وڙائچ، بئريسٽر محمد سرفراز ميتلو ۽ ٻين 6 ڪئنالن وارو منصوبو رد ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيڻ تائين ڌرڻو جاري رکڻ ۽ پيپلزپارٽي جي تڪراري ڪئنالن خلاف منعقد ٿيندڙ جلسي ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڪئنالن رد ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيڻ تي 72 ڪلاڪن بعد ريلوي ٽريڪ بند ڪرڻ جي ڏنل الٽيميٽم کي پڻ وڌيڪ 48 ڪلاڪن تائين معطل ڪيو ويو. اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪراچي بار ڪائونسل جي صدر عامر نواز وڙائچ چيو ته اسان وفاقي سرڪار کي وڌيڪ 48 ڪلاڪ ڏنا آهن، وفاقي سرڪار سان اسان جون ڳالهيون هلي رهيون آهن. اسان سرڪار اڳيان 6 ڪئنالن وارو مطالبو رکيو هو ۽ هي ڌرڻو به 6 ڪئنالن واري منصوبي خلاف آهي. جيستائين اِن منصوبي کي رد ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو ويندو، تيستائين ڌرڻو جاري رهندو. جڏهن ته ٻين مطالبن بابت ڳالهيون جاري رکي سگهجن ٿيون. ھن چيو ته سرڪار اڳيان ڪارپوريٽ فارمنگ، 26 هين ترميم ۽ پيڪا ايڪٽ جا پڻ مطالبا رکيا آهن. پيپلز پارٽي هن وقت تائين وفاقي حڪومت کان عليحدگي ناهي ڪئي، اِن ڪري پ پ واري جلسي ۾ شرڪت نه ڪئي ويندي. وڪيل اڳواڻ عامر نواز وڙائچ چيو ته ڌرڻو ختم ڪرڻ جا ٻه ئي رستا آهن يا سان کي ماريو وڃي يا ڪئنالن وارو نوٽيفڪيشن واپس ورتو وڃي. اسان ڪو به غيراخلاقي ڪم نه ڪنداسين. اسان مٿان فائرنگ به ٿي پر اِن باوجود اسان پر امن آهيون.

گذريل ڏينهن ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي لڳل ڌرڻي ۾ ويٺل وڪيل برادري پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جي جلسي ۾ شرڪت نه ڪئي، جڏهن ته جلسي ۾ ويندڙ پ پ جي قافلي ۽ وڪيلن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران پٿراءُ ڪرڻ سان گڏ فائرنگ پڻ ڪئي وئي، نتيجي ۾ هڪ وڪيل زخمي پڻ ٿيو، جنهن ڪري علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو. پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو سکر سينٽرل جيل روڊ ڀرسان قائم ٽول پلازه وٽان گذريو، اِن دوران جهيڙو ٿي پيو. مظاهرين پاران سخت نعريبازي ڪئي وئي ۽ گاڏيءَ جو پڻ  گهيراءُ ڪيو. گاڏيءَ ۾ صوبائي سيڪريٽري وقار مهدي، رابطه سيڪريٽري نعمان شيخ، ترجمان شڪيل ميمڻ، جڏهن ته گاڏي سکر ضلعي جو جنرل سيڪريٽري ويرم خان مهر هلائي رهيو هو. اِن دوران سامهون آيل وڊيو مطابق هڪ ٻه هٿياربندن فائرنگ ڪئي، جن جو تعلق پيپلز پارٽيءَ سان ٻڌايو پيو وڃي. شديد فائرنگ، پٿراءُ، لٺبازيءَ سبب علائقو ڪجهه دير لاءِ ميدان جنگ بڻيل رهيو. اِن سموري صورتحال جو هن وقت تائين ٻنهي ڌرين پاران ڪو به رد عمل ظاهر ناهي ٿيو.

سنڌوءَ درياءَ تي سنڌ دشمن نوان ڪئنال اڏڻ واري منصوبو وڪيلن سان مک سياسي، قومپرست، مذهبي، سول سوسائٽيءَ جي قيادت اياز لطيف پليجو، سيد زين شاهه، علامه راشد محمود سومرو، نياز ڪالاڻي، جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد توڙي ٻين به ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي آهي. جڏهن ته هاري، ناري، پورهيت، شاگرد، استاد، ڊاڪٽر، پيرا ميڊيڪل، ڪلارڪ، آفيسر سميت هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن به ڀرپور نموني هن ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي آهي. ڌرڻي ۾ نوجوانن جو وڏو تعداد آهي، جڏهن ته پيرسن، عورتون توڙي ٻارڙا به هن ڌرڻي ۾ وڏي انگ جوش ۽ جذبي سان ۾ شريڪ آهن. جيڪي بنا ڪنهن لالچ لوڀ جي پنهنجي ڌرتي، سنڌوءَ جي مالڪي لاءِ پهتل آهن. هن ڌرڻي ۾ دل کي وڻندڙ سنڌ جي سڃاڻپ مهمان نوازيءَ جا منظر پوري دنيا جي سامهون نروار ٿي ويا آهن. کير وڪرو ڪندڙ، ڏهاڙي مزدور کان وٺي هر طبقي جي ماڻهن پاران دل کولي ڌرڻي ۾ پنهنجو حصو شامل ڪيو آهي. کير وڪرو ڪندڙ پورهيت روزانو موٽر سائيڪلن تي کير کڻي ڌرڻي ۾ پهچن ٿا، لڳ ڀڳ 30 کان وڌيڪ موٽر سائيڪلن تي کير جون گهاگهرون کڻي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ مفت ورهايون وڃن ٿيون. ڌرڻي ۾ رهندڙن جي لاءِ سوين بسترا، ڀلوڙ نسل جا ٻڪر، منزل واٽر، بريانيءَ جون ديڳيون توڙي روزانو جي بنياد تي کاڌ خوراڪ جو سامان ماڻهو پنهنجي وس آهر پهچائين ٿا. سومرا برادريءَ پاران ڌرڻي جي اڳواڻ عامر نواز وڙائچ کي سنڌوءَ جي مالڪي لاءِ اڳيان ٿيڻ تي سونو تاج پارايو ويو. جڏهن ته هزارن جي تعداد ۾ سنڌ جي ثقافت سنڌي ٽوپي، اُجرڪ، لُنگي توڙي پٽڪن جا تحفا پڻ وڪيل اڳواڻن کي ڏنا ويا آهن. ڪراچي، سکر، حيدرآباد، لارڪاڻو، شهيد بينظير آباد، ميرپور خاص ڊويزنن جي لڳ ڀڳ سمورن ضلعن مان وڪيل توڙي مختلف مڪب فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهو روزانو جي بنياد تي پهچي پنهنجي ڌرتي ۽ سنڌوءِ سان محبت ۽ وفا جو وچن ڪن ٿا.