خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي ٿرڊ سول جج عبدالحڪيم سانگي جي عدالت ۾ ٻٻرلوءِ ٿاڻي اندر گذريل سال مبينا پوليس تشدد ۾ مارجي ويل غلام ياسين بلوچ واري قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، پوليس طرفان ڪيس ۾ روپوش ڄاڻايل جوابدار ٻٻرلوءِ ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايچ او انسپيڪٽر سعيد احمد ڀيو کي پيش نه ٿيڻ تي ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي.