هڪ ڀيري رسول بخش پليجو پنهنجي تقرير ۾ چيو هو آرام جي خاطر پنهنجي زندگي گند ۾ گذاري، هن دنيا ۾ بي نام و نشان ٿي وڃڻو ناهي. هن دنيا تي پنهنجي قدمن جا نشان ڇڏڻا آهن، پنهنجي پورهئي جا، پنهنجي پگهر جا، پنهنجي علم جا، پنهنجي عقل جا، پنهنجي وجود جا، دنيا ۾ ايئن گذاري وڃڻو آهي جو وقت جي واري جي مٿان، نشان هُجن ۽ ايندڙ نسل چون ته يار هتي ڪو مڙس ماڻهو هو، جو رهي ويو هو، فلاڻو فلاڻي جو هو، الائي ڪير هو! پر نشان بيٺا آهن ۽ بنا نشانن جي هن ڌرتي تان وڃڻو ناهي، مطلب ته هر ڪنهنجو ڪردار هن ڌرتي تي رهڻو آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري سنڌو درياءِ تي ڇهه نوان ڪئنال ٺاهڻ جي منظوري ڏني انکان پوءِ ڪئنالن جي خلاف شروع ٿيل سنڌ جي قومي مزاحمتي تحريڪ 18 اپريل کان وٺي هن مهل تائين ڏينهون ڏينهن عروج تي پهچندي پئي وڃي، هن تحريڪ ۾ سنڌ جي هر هڪ غيرتمند سياسي ڪارڪن، وڪيل، شاگرد، هاري، مزدور، ٻار توڙي عورتن پاڻ ملهايو آهي،قومپرست جماعتن جي اٿاريل آواز کانپوءِ ڪراچي بار جي وڪيلن جو ڪردار سڀ کان سگهارو رهيو آهي جن سموري سنڌ جي وڪيلن توڙي سول سوسائٽيءِ کي بيدار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.گذريل ڏينهن نوشهروفيروز کان پنهنجي موٽرسائيڪل تي سوار ٿي ٻٻرلوءِ ۾ سنڌوءِ مٿان ڪئنال ڪڍڻ واري عمل خلاف، لڳل ڌرڻي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ منجهند 12 وڳي نڪتس، نوشهروفيروز کان ٻٻرلوءِ تقريبن 122 ڪلوميٽرن جو مفاصلو آهي،ان سڄي مفاصلي ۾ رستن جي ٻنهي پاسي گاڏين جون قطارون نظر پئي آيون جڏهن ته رستي تي ننڍيون ڪارون موٽرسائيڪلون رڪشا ۽ ڪجهه وينون پڻ هلي رهيون هيون، ان سڄي مفاصلي ۾ هڪ اسٽاپ ڪري نماز ظهرين جو وقفو ڪيم ۽ لڳ ڀڳ اڍائي ڪلاڪن ۾ ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي لڳل ڌرڻي ۾ پهچي ويس،پارڪو پئٽرول تي موٽرسائيڪل کي تالو هڻي بناخوف خطري جي احتجاجي ڪئمپ ۾ داخل ٿيس، ھر طرف ماڻھن جا هجوم جن ۾ پوڙها جوان ٻارڙا ۽ عورتون نعري بازي ڪرڻ ۾ مصروف هئا، جڏهن ته قافلن جي اچ وڃ جو سلسلو به جاري ھو، جيڏانھن نظر ڦيرائجي پئي ته گرميءِ جي شدت هوندي به وڪيل پنهنجي ڊريس ڪاري ڪوٽ ۽ پينٽ شرٽ ۾ موجود هئا جيڪي عوام کي پاڻي شربت پيارڻ سان گڏ کاڌو کارائڻ ۾ مصروف هئا ائين لڳي رهيو هو ڄڻ سندن ذاتي ڪاڄ هجي، احتجاجي ڪئمپ ٻاهران مختلف جماعتن پاران پاڻيءِ ۽ شربت جون سبيلون ۽ ميڊيڪل ڪئمپون لڳل هيون جن تي موجود ورڪر ۽ رضاڪار وڏي پيار محبت،خلوص ۽ فراخدليءِ جي جذبي سان جلسي ۾ ايندڙ ماڻھن جي خدمت ڪري رھيا ھئا. جڏهن ته هڪ استقباليه ڪئمپ لڳل هئي جتي شرڪاءِ جي رجسٽريشن ٿي رهي هئي، مطلب ته ھر قسم جي قرباني جي جذبي سان سرشار ماڻهو پاڻ کي سنڌ ۽ سنڌوءِ مٿان قربان ڪرڻ لاءِ تيار هو ڪنهن کي به 48 سينٽي گريڊ گرميءِ جو احساس نه هو، اھي منظر ڏسي ائين لڳي رھيو ھيو ته سنڌ پنهنجي وڏن واري مهمان نوازيءِ واري روايت برقرار رکيو پئي اچي، مان سوڙهه مان نڪرندي نڪرندي 10 منٽن ۾ اسٽيج وٽ پهچي ويس جتي عورتون پرجوش انداز ۾ مردن سان گڏ نعرا لڳائڻ ۾ مصروف هيون، توڙي جو ايڪوسائونڊ تي تقريري سلسلو جاري هو پر عورتن ۽ مردن  جو آواز ايڪو جي آواز کان مٿي هو، احتجاجي ٽينٽ ۾ پھتل مختلف ذاتين ، قبيلن ۽ قومن جا ھزارين ماڻھو هڪٻئي سان پنهنجائپ جو احساس رکندڙ هئا، سندن زبان تي هڪ ئي نعرو هو ته ”ڪئنال سمورا نامنظور“ ”ڪئنال جا حامي، سڀ حرامي“ڪئنال ٺاهيندين پادر کائيندي“ وغيره، اهڙي سنجيدگيءِ کي ڏسي دل سوچيو پئي ته جيڪڏهن ائين مطالبن جي مڃتا لاءِ سڀ سنڌي اڳ گڏجي جستجو ڪن ها ته دشمن اسانجي وسيلن، جبلن، زمينن ۽ درياهه تي قابض ٿيڻ جي ڪوشش به نه ڪري ها، بهرحال ”دير آمد۔ درست آمد“ بس ان ڌرڻي ۾ نظم و ضبط جي کوٽ محسوس ٿي رهي آهي ،جنهن کي سنڀالڻ جي سخت ضرورت آهي ڇو ته ڌرڻي ۾ ”وڻ وڻ جي ڪاٺي“ آهي انهن کي ڇڙواڳيءِ کان بچائڻ لاءِ نگرانيءِ جي ضرورت آهي ڇو ته ان ماحول ۾ دشمن انتشار ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، هاڻي سنڌوءِ کي بچائڻ وارن ساٿين ھينئر اھو محسوس ڪري ورتو آھي ته پاڻي جو ھي مسئلو ڪو عام معاملو ناھي، ڪنھن پارٽيءِ جي انا ۽ ضد جو معاملو ناھي، ڪنھن ليڊرشپ جو معاملو ناھي، ھي ڪنھن ڌر ، سياسي گروپ ،ذاتي گروهه يا سياسي پنڊت جي چڱ مڙسي جو معاملو ناھي، بلڪه ھي  ھر ساهه واري جي جياپي جو معاملو آھي، ھي اسانجي زندگي ۽ موت جو معاملو آھي، جنهن تان ڪنھن به ريت پوئتي نه هٽنداسين. ھيءِ سنڌوءِ کي بچائڻ  جي جنگ آھي جيڪا هر حالت ۾ کٽڻي آهي، هيءِ جنگ سياسي، مذھبي، ذات پرستي ۽ فرقي پرستي کان بالاتر آھي،هيءِ تحريڪ مستقل مزاجي گهري ٿي، جيتوڻيڪ هينئر تائين وڪيل اڳواڻن سنجيدگيءِ سان ان تحريڪ سان نڀايو پيا اچن ۽ درياءِ بچايو تحريڪ مسلسل جدوجهد پئي ڪري تنهن هوندي به هن تحريڪ کي منظم ڪرڻ ۽ ثابت قدم رھڻ لازم آهي،ان سان گڏوگڏ وڏي ڏاھپ ۽ حڪمت ، دانائي ۽ دورانديشي سان، ھر پھلو تي نظر رکي اڳتي وڌڻو آھي،ڇوته دشمن اسانجي درياءِ سميت هر شيءِ تي نظر رکي ويٺو آهي، اسانجي ٿوري غلطي يا ڪوتاهي به دشمن کي وري موقعو ڏيئي سگهي ٿي ته اسانجي وسيلن زمينن  ۽ پاڻيءِ تي قابض ٿي وڃي هاڻي اسان کي مستقل مزاجي اختيار ڪرڻي پوندي، سياسي رواداري ۽ ھڪ ٻئي کي صبر و تحمل سان برداشت ڪرڻو پوندو، هن وقت ايوانن ۾ توهانجون جون پچارون پيون هلن، دشمن بوکلاهٽ جو شڪار بڻجي ويو آهي، هاڻي غلامي ۽ ذلت جي زنجيرن جا طوق پنهنجي ڳچيءِ مان ڪڍي دشمن جي ڳچيءِ ۾ وجهڻا آهن، وڪيلن توهانکي آزاد فضا ۾ اڏڻ لاءِ پر عطا ڪيا آهن،توهان پنهنجي وسيلن جا وارث آهيو، پنهنجي حفاظت پاڻ ڪريو. سکڻن ۽ پرجوش نعرن سان مسئلا حل نه ٿيندا آهن ان لاءِ قربانيءِ جو رستو اختيار ڪرڻو آهي، ڪربلا جو ميدان اسان لاءِ نمونو آهي جنهن ۾ قرباني به ڏيڻي آهي ته قيد جون صعوبتون به سهڻيون آهن پر مقصد تان پوئتي هٽڻو ناهي، ڪالهه ڌرڻي ۾ موجود هر ماڻهوءِ ۾ اهو جذبو عام ڏسڻ ۾ آيو، ھن وقت پاڻي تحريڪ کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ قومي درد رکندڙ ھر ماڻهوءِ کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي خاص طور تي سرنديءِ وارن کي ڌرڻي جي اڳواڻن جي مالي سهائتا ڪرڻي پوندي ته جيئن هو تحريڪ کي معنيٰ خيز بڻائي سگهن،ڇوته پاڻيءِ جي ڌاڙي کان وٺي، پئٽرول جي ڌاڙي ،قدرتي گئس جي ڌاڙي، سون جھڙي ڪوئلي جي ڌاڙي ،ڪارونجهر جهڙي خوبصورت جبل جي ڌاڙي معدني وسيلن جي ڌاڙي، ڪارپوريٽ فارمنگ نالي زمينن تي ڌاڙي، ٻيٽن ي ڌاڙي، قومي خزاني تي ڌاڙي، نوڪرين جي نيلامي ۽ ميرٽ تي ڌاڙي سميت هزارين ناانصافين جا حساب وٺڻا آهن، ان لاءِ مسلسل جدوجهد ڪرڻي آهي ان ڪري پنھنجي صفن ۾ اتحاد جي فضا قائم رکو ۽  حڪمت ۽ دانائي سان اڳتي وڌو يقينن ڪاميابي توهان جا قدم چمندي.