ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ الائنس ۽ يونائيٽڊ گڊز ٽرانسپورٽ الائنس جي اڳواڻن نثار جعفري ۽ ياسين نيازي چتاءُ ڏنو آھي ته اڄ منجھند 12 وڳي تائين ڌرڻن سبب روڊن تي بيٺل گاڏيون منزل طرف روانيون نه ٿيون ته روڊن جي پاسي تي بيٺل سموريون بار کڻندڙ گاڏيون روڊ جي وچ تي بيھاري ھڙتال ڪنداسين، ڪالهه پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هنن چيو ته وفاق پاران اعلانيل 6 ڪئنالن واري منصوبي سبب سنڌ واسي پريشان آھن، اسان به حڪومتي جي اهڙي فيصلي جي مذمت ڪندي گهر ڪريون ٿا ته اهو فيصلو واپس ورتو وڃي، هنن چيو ته ٻٻرلوءِ وٽ 7 ڏينهن کان جاري ڌرڻي سبب 30 هزار گاڏيون ڦاٿل آهن، جنهن ۾اربين رپين جو کاڌي پيتي ۽ دوائن جو سامان خراب ٿي رهيو آهي، گهڻي بار سبب گاڏين جا ٽائر ۽ ٻي مشنري پڻ خراب ٿي رهي آهي، هنن چيو ته روڊ کولرائي سامان سان ڀريل گاڏيون منزل طرف روانيون ڪيون وڃن.