ٻٻرلوءِ: نٽهڻ اُسَ ۾ گهاريل هڪ منجهند جي ڪهاڻي

0
59
ٻٻرلوءِ: نٽهڻ اُسَ ۾ گهاريل هڪ منجهند جي ڪهاڻي

اسان جي دوست عزيز سولنگيءَ جو سوشل ميڊيا تي پوسٽ ٿيل سٽن “ھاڻي ڌرڻو ختم ڪريو، ساھ پٽيو، توانائي گڏ ڪريو وري فيصلائتي وک کڻڻ لاءِ… ڪاميابي جو ذائقو ڪسارو نه ڪريو. اصل مجيري سندن شڪست جو بدلو وٺڻ لاءِ وجھ ڳولهيندا…” ۾ ڏاهپ جو ڏَسُ ڏسي سگهجي ٿو. خير سان سنڌ جي پرامن اتهاس جي پرامن مزاحمتي تحريڪ ڪاميابيءَ سان ساهه پٽڻ لاءِ بيٺي آهي. هن تحريڪ جو مرڪز محور ٻٻرلوءِ شهر رهيو. ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ ڪجهه ڏينهن اڳ دوست رياض موريي فون ڪري چيو ته پاڻ کي ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي هلڻو آهي. ٻٻرلوءِ باءِ پاس، سنڌ ۾ مزاحمت جو نئون استعارو بڻجي ديس جي آسمان تي گذريل ڪافي ڏينهن کان سج جيان پوري آب و تاب سان چمڪي، پنهنجا نقش ڇڏي ويو. هن  جاءِ حقيقي طور فيصلو ڪيو ته مستقبل جي سنڌ ڪيئن هوندي. دوست جي سڏ کي لبيڪ ڪندي، باقي ٻن سنگتين برڪت اڄڻ ۽ مظفر سهتي کي ساڻ وٺي طلسم سان ڀريل مقام جي ڏسڻ لاءِ روانا ٿيا هئاسين. هن سفر جي حوال کان اڳ اهو لکڻ لازمي آهي ته اسان جي شهر ٺاروشاه ۾ ڪجهه ڏينهن کان ماڻهو هڪ ٻئي کان اهي سوال پڻ ڪرڻ لڳا هئا ته ڇا توهان ٻٻرلوءِ ويا آهيو؟ نهڪر ۾ جواب تي ان ماڻهوءَ کي عجب سان تڪڻ جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي. ان حوالي سان پروفيسر عبدالستار ابڙي صاحب پڻ ٻڌايو ته آچر واري ڏينهن جڏهن ڪراچيءَ ۾ ذيشان آرائين نالي سان وڪيل تي تشدد ڪيو ويو ته ٻين شهرن سان گڏ ڪنڊياري جو باءِ پاس پڻ بند ٿي ويو. اتي نوجوان موجود هئا، جن ٻين سان گڏ مون کان سوال ڪيو ته “ڇا توهان ٻٻرلوءِ باءِ پاس جي ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيا آهيو؟” منهنجي هاڪاري جواب تي مرڪي نهارين ٿا.

ٻٻرلوءِ، اتر سنڌ جو قديم شهر آهي. اڳوڻي خيرپور رياست ۽ موجود ضلعي جو قديم شهر جيڪو کجيءَ جي باغن جي ڪري مشھور رهندو آيو آهي. هن شهر ۾ ٻٻر ذات جا ماڻهو. وڏي انگ ۾ رهن ٿا، جنهن ڪري ‘ٻٻرلوءِ’ سڏجڻ ۾ آيو. شهر جي ٻاهران ’شاه جي دونهين‘ واري پاسي موٽڻ شاه ۽ ابراهيم شاه جون درگاهون عام و خاص لاءِ زيارتن جو مسڪن آهن. تاريخي طور جڏهن سکر ۽ روهڙيءَ جا شهر ايترا مشهور نه هئا ته هن وسنديءَ جي هاڪ دهليءَ تائين پهتل هئي. سمن جي سلطنت ۾ هن شهر جو وڏو نالو هو. ارغونن جي عرصي ۾ شير شاه سوريءَ کان شڪست کائي همايون جو سنڌ ۾ اچڻ ۽ ٻٻرلوءِ ۾ ترسڻ تاريخ جي رڪارڊ ۾ محفوظ آهي. همايون سال 1540 ۾ ٻٻرلوءِ ۾ رهڻ پسند ڪيو. چار باغ چڱيءَ طرح سينگاريا ويو ۽ رھائش لاءِ عمديون جايون تيار ٿيون، جيئن همايون آرام سان رهي سگهي. شاه حسن ارغونَ، ڄام فيروز کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ ٻٻرلوءِ ۾ آيو،. جتي هن شڪار پڻ ڪيو هو. ارغونن پنهنجي دور ۾ هن شهر کي علمي طور چڱي ترقي وٺرائي. ايتري تائين جو ٻٻرلوءِ سنڌ جو ھڪ مشهور علمي مرڪز بڻجي ويو. ’مرزائي درسگاه‘ جي نالي سان هڪ وڏو عملي مرڪز قائم ڪيو ويو. همايون هن تعليمي اداري جي هاڪ ٻڌي ان کي گهمڻ چاهيو، ڀر واري مسجد ۾ نماز پڻ ادا ڪيائين. بعد ۾ 1558 ڌاري بکر جي حاڪم سلطان محمود اها عمارت پٽ ڪرائي ڇڏي.

دنيا جي نقشي تي  Latitude : 27.650. Longitude : 68.833 تي موجود هن شهر اپريل جي آخر ۾ گرمي پد 45 ڪراس ڪري رهيو آهي، جيڪو مختلف اثرن جي ڪري 47  Feels Like تي پهچيو وڃي. سخت گرمي ۽ اُٻس ۾ ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي هزارين ماڻهن جي موجودگي شاهدي ڏيندي رهي ته ’اڃا رڃ مان رڙ اچي ٿي يا سنڌ گدڙن ناهي کاڌي..‘

سنڌ جي اتهاس ۾ لڳل احتجاجي ڌرڻي ۾ سڄي سنڌ کي ڏسي سگهجي ٿو. خيرپور کان ڪراس ڪندي ڪجهه نوجوان نظر آيو، جن جي هٿ ۾ لڪڻ هئا، اشارن سان وڏين گاڏين کي روڪي رهيا هئا. هڪ ننڍڙي نينگر جي هٿ ۾ پٿر هو. ماڻهن ۾ ڪروڌ ۽ ڪاوڙ جو پئمانو لبريز ٿي چڪو آهي. مسلسل زيادتين ماڻهن مان صبر ختم ڪري ڇڏيو آهي. صدين تائين شانتيءَ ۾ رهندڙ ديس واسي هاڻي مزاحمت جي دڳ تي نظر آيا. ٻٻرلوءِ ۾ اسان منجهند ٽاڪ جو پهتا هئاسين. موبائيل ۾ شهر جو گرمي پد 46 کي ڇهي پيو. نٽهڻ اس ۾ بيهڻ محال هو. ان باوجود ڪافي وڪيل ڪارا ڪوٽ پائي اس ۾ نظر آيا. ڀرسان بيٺل همراهه کان پڇان ٿو، “هي ڪوٽ ته لاهي سگهن ٿا. ڪاري ٽائي، ڪاري پينٽ هنن جي وڪيل جي سڃاڻپ لاءِ ڪافي آهي!” جواب ۾ وراڻي ٿو. “هي ڌرتيءَ سان عشق جو اظهار آهي. اهڙو عشق، جنهن ۾ ماڻهو موسمن جي پرواه ناهي ڪندو…!” مان هن جي چهري ڏي ڏسان ٿو. عجب اعتماد نظر اچي ٿو. ڌرڻي جي اسٽيج تي مزدا کي اسٽيج ڪري بيهاريو ويو آهي. ڪافي ماڻهو اتي بيهي پنهنجي تقرير جي واري جو انتظار ڪن پيا. هو ڪي پروفيشنل مقرر نه آهن، پر هر لفظ دل سان ادا ڪن ته هيٺ داد به ملين پيو. رکي رکي هيٺ بيٺل نوجوان شديد نعريبازي شروع ڪن ٿا. ماحول جيڪو اڳي ئي تپيو پيو آهي. ويتر گرم ٿي وڃي ٿو. ڌرڻي جي ٻنهي پاسي ڪافي سياسي، سماجي ۽ مذهبي پارٽين جا اسٽال لڳل آهن. هر اسٽال ۾ وافر مقدار ۾ ٿڌو پاڻي موجود آهي. ڪجهه دير ۾ هڪ پاسي ماڻهو ڊوڙون پائڻ لڳن ٿا. سڀني جو توجهه ان پاسي ٿيو وڃي. ڌرڻي جو سرواڻ عامر نواز وڙائچ بنگلي مان نڪري ٻاهر پنڊال طرف اچي پيو. ماڻهن جو وس نه پيو هلي نه ته وڪيل اڳواڻ کي ڪلهن تي کڻي اسٽيج تي پهچائين. ان جي وچ ۾ سوين اهڙا ماڻهو ظاهر ٿيو پون جن جي هٿن ۾ اجرڪ ۽ ٽوپيون آهن. سيڪيورٽي جي ڪري ماڻهن کي عامر نواز جي ويجهو اچڻ نه پيو ڏنو وڃي. هو اسٽيج تي پهچي پنجابي لهجي ۾ اردو ڳالهائي ٿو. وچ وچ ۾ سنڌي نعرا پڻ هڻائي پيو. هن جي ڳالهائڻ دوران ڪنهن وقت اڀ ڏاريندڙ نعرا ته ڪنهن وقت بلڪل خاموشي ڇائنجي وڃي. هو سادگيءَ سان ماڻهن کي سمجهائي پيو ته “سنڌو درياهه، سنڌ لاءِ ساهه جي رڳ جيان آهي”. تقرير پوري ٿيڻ تي ڪيترائي نوجوان هن کي موبائيل ڏين ٿا. هو انهن کان وٺي سيلفي ڇڪي پيو. ان جي وچ تي اسان جو دوست برڪت خوش ٿي کلندي هجوم مان نڪري چئي ٿو: “توهان ڏٺو ته مان عامر نواز سان هٿ ملايو….!” هن جي اکين جي چمڪ ڏسڻ وٽان هئي. محسوس ڪريان ٿو ته ماڻهو هن سان عقيدت جي حد تائين پيار ڪرڻ لڳا آهن. هن جو والد پنجاب جي شهر گجرات مان لڏي ڪراچيءَ جي علائقي لياريءَ ۾ سڪونت اختيار ڪئي. گهر ۾ پنجابي ڳالهائيندڙ عامرَ ڪڏهن زندگيءَ ۾ اهو سوچيو به نه هوندو ته سنڌي ماڻهو هن سان ايترو پيار ڪندا. پنجاب ۾ ‘جاٽ’ نسل جو وڏو قبيلو ‘وڙائچ’ سڄي ملڪ ۾ سياسي توڻي سماجي اثر اسوخ رکي ٿو. تاريخي طور ‘جاٽ، جٽ ۽ جت’ فقط اچارن جي ڦيرن سان پر ساڳيو نسل آهي. سنڌي جت نسل مان عربيءَ جو هڪ مشهور شاعر ابو عطا سندي پڻ گذريو آهي. ابو عطا، غلام ٿي بنو اميه جي دور ۾ شام پهتو. هو قهر جو شاعر هو. اهڙو شاعر، جنهن ان وقت جي عربي شاعرن کي به ماٺ ڪرائي ڇڏي. ابو عطا، عباسين جي شروع واري عرصي تائين حيات رهيو. ڪافي عربي تذڪرن ۾ هن جو احوال ملي ٿو. عامر وڙائچ کي ڏسي ‘جاٽ’ جي حوالي سان مونکي ابو عطا ياد اچي ويو. ڪجهه دير ۾ ئي پنڊال ۾ “عامر سنڌي زنده باد” جا نعرا شروع ٿي وڃن ٿا. هن کي واپس بنگلي ڏانهن نيو ويو. اسان به ٻٻرلوءِ مان نڪري سکر واري پاسي ڏانهن وڃون ٿا. سکر بئراج جي ‘چوٽيهين در’ تي بيهي درياه ڏانهن نهاريون ٿا. سمنڊ جي نديءَ جي شهرت رکندڙ درياه ۾ پاڻيءَ جو وهڪرو نه هئڻ جي برابر آهي. پاتال تائين پهتل اداسائي ‘سپت سنڌوءَ’ ڏانهن نهاريان ٿو. ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ سنڌو ساگر ڳالهائيندو هجي چوندو هجي ته، “توهان ته منهنجو درد سمجهو ٿا نه…..!” اسان ٻيهر نٽهڻ اُسَ ۾ ٻٻرلوءِ پهچي وڃون ٿا.