خيرپور (رپورٽر) ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ٽرالر جو ڪار کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ ٽيڪسي سوار ٽي عورتون مسمات روبينه زال جاويد ڌاريجو، مسمات طاهره، مسمات رخسار، ٻن مهينن جو ٻارڙو ۽ ڪار ڊرائيور محمد نواز عرف بابو مستوئي ٿڏي تي فوت ٿي ويا. حادثي جو اطلاع ملڻ بعد موٽروي پوليس ۽ مقامي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش ايمبولنس ذريعي سکر جي اسپتال ڏانهن منتقل ڪيا جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. هڪ ئي وقت هڪ ئي گهر جي 5 ڀاتين جا لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ علائقي ۾ سوڳ واري صورتحال ڇانئجي وئي. هوڏانهن حادثي بعد ٽرالر ڊرائيور ٽرالر ڇڏي فرار ٿي ويو جيڪو پوليس پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. ٻڌايو پيو وڃي ته ٻٻرلوءِ شهر جون رهواسڻ ڌاريجا برادريءَ جون عورتون ٻٻرلوءِ کان سکر شاديءَ تي وڃي رهيون هيون ته ساڻن حادثو پيش آيو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.