ٻٻرلوءِ ۾ رات هڪڙي نئين سنڌ سان ملي آيو آهيان، حالانڪ 90ع کان وٺي سنڌ اندر جيڪي به سياسي،سماجي ادبي، مذهبي تحريڪون ھليون آهن، اهي سڀ پنهنجي اکين سان ڏٺيون اٿم، اٺين ڪلاس کان پهرين سياسي ڪارڪن ۽ پوءِ صحافي جي حيثيت ۾ لانگ مارچ، مظاهرا، ڌرڻا، بک هڙتالون ، ڪالاباغ ڊيم خلاف به سڄي تحريڪ، بينظير جي شهادت، ڌماڪا، 12 مئي، اڪبر بگٽي جي شهادت، 18 آڪٽوبر، فاضل، بشير خان قريشي جون شهادتون ۽ ٻين تحريڪن سميت هزارين واقعا احتجاج، سڀ ڪجهه اکين سان ڏٺا اٿم، پنهنجي دور جون اهي سڀ تحريڪون به عظيم جدوجهدون هيون، اهي احتجاج به تاريخي هئا، هي ڪئنالن واري جدوجهد به انهن جدوجهدن جو تسلسل آهي پر هن وقت اگر سنڌ کي ھڪ جسم قرار ڏئي اهو چئون ته جسم جو هڪ هڪ حصو ويندي، هڪ هڪ وار جي زبان تي درياءَتي ڌاڙو نامنظور جو نعرو هو ته اهو ٻٻرلوءِ ۾ هو، جدوجهد جي ميدان ۾ جيڪي به رنگ ٿين ٿا، سي سڀ ٻٻرلوءِ ۾ پنهنجي اکين سان ڏٺم، مثال طور جذبو، اهو به ڪمال جي حد تائين، ڪاوڙ ته اها به آخري حد تائين، مزاحمت، شاعري، گيت، نعرا للڪارون، ڇا ڇا نه هو، وري اهي سڀ شيون، سڀني ماڻهن ۾، کدڙن فقيرن جنهن پٽ تي ويهي نعرا پئي هنيا ته ڀر ۾ ويٺل ڪچي جي ناريجن، وساڻن، جاگير جي چانڊين به انهن نعرن جا جواب پي ڏنا، عورتن، ٻارن، شاگردن، وڪيلن، هارين، مزدورن، صحافين، شاعرن، اديبن، سميت سوائي مٿئين طبقي جي وڏيرن جي، باقي سڄي سنڌ گڏ نظر آئي، هڪ آواز هئي، ٻڌي ۽ اتحاد به اهڙو جو سن ۽ جنگشاهي هڪ ٻئي سان ڀاڪرن ۾ پئي هليا، وري جهنڊن جا به سڀ رنگ هڪڙي ٿالهي ۾ پيل هئا، پنهنجي منهن ماڻهو پي نعرا هڻندا، للڪارون ڪندا پي هليا، گھميا ،ڌرڻي ۾ شريڪ مهمان نوازي جي حد اها هئي جو اگر ڪو ماڻهو رخي ماني ۽ لسي افورڊ ڪري ٿي سگهيو ته اهو رخي ماني ۽ لسي جي جڳ سوڌو ڌرڻي ۾ نظر ٿي آيو، مون اهڙا منظر نائين ڏهين محرم تي به ڪڏهن ناهن ڏٺا، ڪاوڙ به اهڙي جو مون کي ڌرڻي ۾ موجود هڪ دوست چيو، اگر هنن ماڻهن خلاف طاقت استعمال ٿي ته هي ماڻهو 27 ڊسمبر کان به ڏھوڻون وڌيڪ ري ايڪشن ڪندا، ڪراچي مان سکر تائين روڊ تي ويندي سنڌ جون اکيون ڳاڙهيون هيون، پنجاب ويندڙ هزارين ڪنٽينر، ٽرالا، ٽرڪون روڊن جي ڪنڊن پاسن تي بيٺل هيون، ڪنهن ماڻهو انهن کي پٿر به نه ٿئي هنيو، پر اتي بيهي پنجاب جي حڪمرانن ۽ سنڌ جي حڪمرانن خلاف نعرا پئي هنيا، مون کي اتي ڪيٽي بندر، ڪاسبي، عمرڪوٽ ۽ ٽنڊو باگو کان وٺي ڪشمور تائين جا سڄي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل ماڻهو مليا، ڪچهرين، ڳالهين، جو موضوع رڳو ڌريا هو، ٻئي وائي نه وات، قومن جي تحريڪن جا جيڪي قصا اسان ڪتابن ۾ پڙهيا هئا، ڪهاڻين ۾، ناولن ۾، فلمن ۾، لوڪ داستانن ۾، نانين ۽ ڏاڏين جي واتان رات جي آکاڻين ۾ ٻڌا هئا، اهي سڀ ٻٻرلوءِ ۾ پنهنجي اکين سان ڏٺم، ڪيترن نوجوان کان پڇم ڪڏهن آيا آهيو، ڪٿي پيا رهو ته هڪ ئي جواب هو بس اتي ئي روڊ تي ستا پيا آهيون، پاٺن تي ماني پيا کائون، پر خوش نصيب آهيون جو هتي پهچڻ ۽ احتجاج ۾ شريڪ ٿيڻ جو موقعو مليو آهي، هڪ به ماڻهو اهڙو نه مليو، جنهن ڪنهن گرمي، ڏک يا تڪليف جو ذڪر ڪيو هجي، ڪنهن رڳو اهيو چيو هجي ته روز ڏهاڙي ڪمائي کائڻ وارا آهيون، پنجن ڏينهن کان هتي آهيون، پٺيان ٻار بک مرندا هوندا، پر هر ڪنهن ائين ٿي چيو، ڌريا بنا جيئڻ ڪهڙو،!!! کوڙ سکيا، ستابا، ڪيئي اسان جا نازڪ نفيس دوست اتي روڊ تي ستل ڏٺم، هر ڪنهن آهيو ٿئي چيو يار! هتان وڃڻ تي دل ئي نه ٿي چئي، پليجو صاحب چوندو هو، ڏکن، تڪليفن ۽ آزمائشن جو به هڪڙو پنهنجو مزو ۽ پنهنجو نشو آهي، پليجي صاحب جي ان ڳالھه جو جيڪو مزلو ٻٻرلوءِ ۾ هو اهو ٻئي ڪنهن هنڌ مون ڪڏهن به نه ڏٺو، نوڪري سبب موٽي ته آيس پر سچ پنهنجو روح اتي ڇڏي آيس، سوچيم اگر ڪو اديب رڳو هن ڌرڻي جي هنن ڏهن ڏينهن تي ناول لکي ته اهو ناول ” دنیا کو جھنجھوڑ دینے والے دس دن” جو نئين جنم ۽ هڪ نئون ڪتاب اچي عالمي ادب ۾ زلزلو آڻي سگهي ٿو، هن ڌرڻي جي هڪ هڪ ماڻهو، عورت، مرد، ٻار، ويندي اتي موجود ماڻهن جي کنيل هڪ هڪ ساهه کي مون دودي چانڊئي طرفان سلام، شاباسون ۽ جس هجي،