زمانو ٿيو هُو ڌاڙيلن ۽ قبيلائي جهيڙن کان سر بچائي، اباڻا پکا پڊ ڇڏي، سنها ٻچا ساڻ ڪري قاسم آباد ۾ مسواڙ تي گهر وٺي اچي ويٺو هو. جڏهن به منهن ۾ پوندو ته چوندو؛ مزو ڪونه ٿو اچي پر جهيڙن کان بچيا پيا آهيون. شُکر آهي مون جي رب جو، ويندو وکت گذري.
ڪلھه ڏسان ته هڪڙي سوزوڪيءَ تي لڏو پيو اٿس ۽ هڪڙي ڪار ۾ سوڙها سانڪڙا ويٺل سندس پوٽا، زال ۽ پٽ. مون ٻار ويٺل ڏٺا ته ڪنڌ هيٺ ڪري، پاسو ڏئي بنا دعا سلام ڪرڻ جي گذري ويس ته پويان ٻانهن ۾ هٿ وجهي وڏي اوڇنگار ڏئي کڻي ڀاڪر وڌائين. مون پريشان ٿيندي چيو؛ خير ته آهي ڳوٺ ڏانهن ڪا فوتگي ٿي آهي ڇا جو هيڏي تياري ڪري نڪرو پيا؟
چيائين؛ ادا! هميشه لاءِ حيدراد ڇڏيو، منهن واءُ ڪيو، لڏيو پيو وڃان، توکان موڪلايان ٿو، چيو چايو معاڦ ڪج…
پر وري لڏي وڃڻ جو ڪو سبب؟
اُهي ئي قبيلائي جهيڙا يار… بس مون مشڪين جا نصيب…
پر حيدرآباد ۾ وري ڪهڙا قبيلائي جهيڙا؟ مونکي حيرت ٿي.
يار! هي خطرناڪ ادبي قبيلا هڪٻئي سان ٽڪرايا آهن، فيس بڪ گجيو، راڙو ٿيو.. ڌريون مورچا بند، اسان بي ادب ماڻهن جو ساهه مُٺ ۾. پاڻي پيو ٻري… هاڻ پنهنجي موڪلاڻي.
مون مطمئين ٿيندي چيو؛ اهڙي ڪا ڳالهه ناهي، هروڀرو هراسجي ويو آهين، تون هاڻ مرڻ ڪنڌيءَ ماڻهو، خانصاحب معشوق علي خان شر وانگر ڪنهن جي ٽن، تيرهن کان ويندي هڪ سو تائين، ڪنهن جي ۾ ڪونه آهين، توکي خطرناڪ ادبي سردارن ۽ سندن قبيلن جي ويڙهه مان ڪھڙو خطرو! باقي پٽ جوان مڙس آهي تنھن کي چئو ته ڪٿان اديب ايندي ڏسي ته ٽارو ڪري گذري وڃي يا هيلميٽ پائي هلي… باقي پوٽن جي هلندڙ پڙهائي روڪي، هنن کي ڇو ٿو وٺي وڃي رولين .. هنن کي ڪهڙو ڊپ ڊاءُ؟
اڙي يار! انهن جي ڪري ته لڏيان پيو. هن روئندي چيو.
پر هنن ٻارن کي ادبي سردار ڇا ته ڪندا؟ مون ڪجهه تلخ انداز ۾ چيو.
ادا! نقصان آهي ئي ٻارن کي، ادبي سردارن جي ٻولي ٻڌي، پوسٽون پڙهي سندن اخلاق تباھه ڪونه ٿيندو؟ منهجو ته نسل ئي برباد .
ان مهل گاڏي واري هارن ڏنو ۽ هن مونکي آخري ڀيرو هٿ ڏنو.
قبيلائي تڪرار سبب هي سندس ٻي لڏپلاڻ هئي… (فيس بوڪ تان ورتل)