ميلبرن (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ۽ آسٽريليا جون ڪرڪيٽ ٽيمون سڀاڻي ٻِي ون ڊي ميچ ۾ آمهون سامهون ٿينديون. ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ميچ 8 نومبر تي کيڏي ويندي. جنهن ۾ پاڪستان ٽيم پاران تبديلين جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. سيريز جي ٽين ميچ 10 نومبر تي ميلبرن ۾ رٿيل آهي. ياد رهي ته آسٽريليا کي ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ هڪ ٻڙيءَ جي سرسي حاصل آهي. پهرين ون ڊي ميچ ۾ آسٽريليا پاڪستان کي شڪست ڏئي سيريز ۾ سرسي حاصل ڪئي هئي.