ڇاڇرو(ن پ ا) ڇاڇرو جي ڳوٺ مانٻائي جو تڙ جي رهواسي آچار پٽ بهاول سميجو جو شهر جي مشهور واپاري ڀمرومل راڌاڻي خلاف احتجاج ڪيو، هن دانهيندي چيو ته 62 تولا چاندي جا زيور گروي رکيل آهن، جنهن جي ٻيڻ تي رقم ڏيڻ باوجود به زيور نٿو ڏئي، ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، ايس ايس پي ٿرپارڪر کان اپيل ڪندي چيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي وياج خورکان چاندي جا زيور واپس ڪرائي ڏنا وڃن.