اسلام آباد: ٻيڙي حادثي ۾ ملوث ايف آءِ اي جا 35 ملازم برطرف ڪيا ويا، برطرف ٿيل ۾ ايف آءِ اي جا 4 انسپيڪٽر، 10 سب انسپيڪٽر، 2 اي ايس آءِ، 5 هيڊ ڪانسٽيبل ۽ 14 ڪانسٽيبل شامل آهن، ايف آءِ اي ترجمان موجب انساني اسمگلنگ ۾ ملوث ايف آءِ اي جي 13 اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، ڊي جي ايف آءِ اي احمد اسحاق چيو آهي ته غفلت جو مظاهرو ڪندڙ اهلڪارن جي اداري ۾ ڪا به جاءِ نه آهي، ٻيڙي حادثي ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪارروائي کي يقيني بڻايو ويندو، اداري کي ڪرپشن ۽ ٻين بي ضابطگين ۾ ملوث ڪارين رڍن کان پاڪ ڪيو ويندو، اداري ۾ احتساب جو عمل ئي انساني اسمگلنگ جو خاتمو آڻي سگهي ٿو.