ٻيٽي جتوئي ۾ گهرن کي باهه، 10 اجها سڙي رک ٿي ويا، 2 ٻارڙا به زخمي

0
27
ٻيٽي جتوئي ۾ گهرن کي باهه، 10 اجها سڙي رک ٿي ويا، 2 ٻارڙا به زخمي
ٻيٽي جتوئي ۾ گهرن کي باهه، 10 اجها سڙي رک ٿي ويا، 2 ٻارڙا به زخمي

ميهڙ(ن پ ا) ميھڙ ڀرسان ٻيٽو جتوئي ۾ 10 کان وڌيڪ گھرن کي باهه،گھرن ۾ پيل سامان، اناج، نياڻين جو ڏاج سڙي ويو، باهه سبب ٻه معصوم ٻارڙا به زخمي ٿي پيا. پورھيت امتياز بروھي، بلاول بروھي، يعقوب بروھي، محمد اسحاق بروھي، سرور بروھي، حنيف بروھي، مولابخش بروھي ، الاھي بخش بروھي ۽ ٻين جي ڪکائن گھرن کي اوچتو باھ وڪوڙي وئي باهه جو اطلاع ملندي ئي وڏي تعداد ۾ ڳوٺاڻن پھچي باهه کي وسائڻ جي ڪوشش ڪئي جڏھن ته باه جي اطلاع باوجود به فائر برگيڊ گاڏي نه پھچي سگھي جنھن سبب گھرن ۾ پيل لکين رپين جو سمورو سامان سڙي ويو متاثرين احتجاج ڪندي نيشنل پريس ڪلب ميھڙ جي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته اسان جي ھڪ گھر کي اوچتو باه لڳي جيڪا باهه سموري پاڙي کي وڪوڙي وئي، جنھن سبب اسان جا 10 کان وڌيڪ جيڪي گھر باهه جي وڪڙ ۾ اچي سڙي ويا آھن. ھنن چيو ته اسان جي گھرن ۾ پيل اناج، ھنڌ بسترا، ٿانو ۽ نياڻين جو ڏاج ۽ ھزارين رپيا روڪ پيسا به سڙي ويا آھن، ھنن چيو ته باهه سبب گھرن ۾ روڄ راڙو مچي ويو ۽ ڀاڄ پئجي وئي جڏھن ته باهه ۾ ٻه معصوم ٻارڙا زين العابدين ۽ اسحاق بروھي پڻ زخمي ٿي پيا، جن کي مقامي اسپتال پھچايو ھنن چيو ته اسين مسڪين پورھيت آھيون، اسان جو لکين رپين جو نقصان ٿيو آھي اسين کلي آسمان ھيٺ ويٺا آھيون خدارا اسان جي واھر ڪئي وڃي.