اي وقت جا حڪمرانؤ! توهان جي مرضي ڪشڪول کڻي سعودي عرب وڃو يا آءِ ايم ايف جي اڳيان هر شرط مڃي ليٽي پئو. ماڻهن جي ڀلائيءَ لاءِ ڀلي ڪو به نظريو نه رکو. ملڪ کي بي لغام گهوڙي جيان رڻ ۾ رولي ڇڏيو. ڪرپشن جو خاتمو به نه ڪريو؛ هر سرڪاري ننڍي فرعون کي ڇڏي ڏيو ته ڀلي سامهون واري سائل، ويچاري مجبور ماڻهوءَ جي ابتي کَلَ لاهي. سول- ملٽري تعلقات ڪيئن رکڻا آهن، توهان پنهنجي مرضي هلايو. صوبن جي وچ ۾ وسيلن جي بنياد تي اختلاف وڌائيندا رهو. صوبن جا مرڪز سان مامرا تڪراري رکندا رهو. سڀئي وزير مشير سفارشن تي لڳايو. قومي راندين جو پنهنجا نوازيءَ جي بنياد تي پرچيون ڏئي ٻيڙو ٻوڙيو. ميڊياکي وڌيڪ سنگهرن ۾ سُڪ ڪريو. ڀلي ماڻهن کان ڳالهائڻ جو حق به کسي وٺو….. بس ايتري گذارش آهي ته هن ملڪ ۾ انصاف جو ڪو اهڙو نظام آڻيو، جو ماڻهن کي دربدر ڌڪا نه کائڻا پون. ڪيڏي شرم جهڙي ڳالهه آهي، جو دنيا جي انهن ملڪن، جن کي انصاف جي آڌار ريٽنگ ۾ رکيو ويو، انهن 142 ملڪن مان مملڪت ِ خداداد جو نمبر 129 آهي! ڇا توهان تاريخ مان سبق حاصل ناهن ڪيا؟ ڇا توهان حضرت علي عليه السلام جو اهو قول وساري ويٺا آهيو ته، “معاشرو ڪفر تي زنده رهي سگهي ٿو، ظلم تي نه..” نتيجي ۾ اهڙا فيصلا ڪري هن خوشحال خطي کي بدحاليءَ طرف ڌڪيو پيا. ايتري حد تائين جو پاڻيءَ جي وسيلن سان ڀرپور علائقي کي ريگستان ۾ تبديل ڪرڻ جا سانباها ڪريو پيا. اهو ڇا پيا ڪريو…!؟
تاريخ ۾ جهاتي پائڻ سان پتو پوي ٿو ته سنڌو ماٿري، جتي سر رچرڊ برٽن جي نظر ۾ ڀلي Scinde or the Unhappy Valley هجي پر ننڍي کنڊ جو سدا کان خوشحال خطو رهيو آهي. هي اهو ئي علائقو آهي، جنهن ما قبل تاريخ ۽ اتهاس سانڍڻ کانپوءِ سڄي دنيا کي کاڌ خوراڪ جون جنسون، جنهن ۾ ڪڻڪ، چانور، مختلف قسم جا ميوا، جڙي ٻوٽيون، عمارتي ڪاٺ، مصالحا، ڪپڙا، ڪپهه مان جڙيل ٻيون شيون پئي فراهم ڪيون آهن. هاڻي به ڪري پيو. دنيا جو اهو شاندار خطو جنهن ۾ ٻارنهن مندون آهن. (ٻارنهن مندن جي باري ۾ منظور سولنگي جي تحقيقي ڪهاڻي موجود آهي.) هر موسم جون الڳ شيون، جدا قسم … ان لاءِ ته ‘سنڌ سوني جهرڪي’ جي نانءَ سان سڄي جهان ۾ مشهور هئي. هن جي اها شهرت ضرور مسئلن جو ڪارڻ رهي، ڪڏهن ايراني ته ڪڏهن يوناني ته ڪڏهن عرب، مغل، تاتاري، ترخان، ارغون، افشار، ابدالي حملا ڪندا رهيا، پر سنڌ سون هئي، سون رهي… سنڌ جي ٻهراڙيءَ ۾ هڪ پهاڪو آهي ته، “ڪراچيءَ کي ڌاڙو ڇا ڪندو؟” سو سنڌو وهندو رهيو، سڄي زمين سونَ سان سيراب ڪندو رهيو. سنڌ ماٿريءَ مان جڏهن انگريز ويا ته هڪ اندازي موجب، ٽرلين ڊالرز کڻي ويا. ان کان اڳ به هي علائقو دنيا جي خوشحال ملڪن منجهه شامل هو. شاهه ڀٽائيءَ جو ‘سر کاهوڙي’ انهن سڀني ڳالهين جي شاهدي ڏئي ٿو. وري جي گڏيل هندستان جي تاريخ ڦلهورجي ٿي ته ان جي عظيم دور جي شروعات چندر گپت موريا کان ٿي. سڪندر اعظم جي مرڻ کانپوءِ لڳ ڀڳ ٻه سؤ سال قبل مسيح ۾ گپتا فيملي جي حڪومت جو بنياد وڌو ويو. هن ئي خاندان ٻه وڏا بادشاه، جن جي سرڪار ڪابل کان بنگال، ڪشمير کان ڪنيا ڪماريءَ تائين هئي. هڪ اشوڪ ٻيو ڪشنڪ؛ انهن ٻنهي راجائن کانپوءِ هندستان تي صرف اڪبر ۽ اورنگزيب کي ايڏو وڏو علائقو حڪومت ڪرڻ لاءِ مليو. اشوڪ ۽ ڪشنڪ کانپوءِ هڪ هزار سالن تائين هي پورو علائقو ننڍين رياستن ۾ ورهايل رهيو. اها ورهاست فقط سياسي هئي، جڏهن ته واپار جي حوالي سان ڪنهن کي به سرحدن جي رنڊ روڪ نه هئي، ٻين لفظن ۾ ڪوبه ويزا نه هو. ائين ئي جيئن هاڻي يورپ جي ملڪن جا ماڻهو هڪ ٻئي جي ملڪن ۾ پيا گهمندا آهن.
سال 711ع ۾ عربن سنڌ ۾ داخل ٿي باقي هندستان لاءِ دُوار کولي ڇڏيا، جنهن ۾ وچ ايشيا جا حملي آور، صوفي ۽ مذهبي مبلغ پڻ ايندا رهيا. ابن قاسم کانپوءِ وچ ۾ پوڻا پنج سؤ سالن تائين تاريخ خاموش رهي ٿي. 1192ع ۾ شهاب الدين محمد غوري ترائن جي ٻين جنگ ۾ پرٿوي راج چوهاڻ کي شڪست ڏئي دهليءَ تي قبضو ڪيو. ان کانپوءِ غلام، تغلق، خلجي گهراڻن جون حڪومتون رهن ٿيون. وچ تي امير تيمور لنگ جو حملو، جنهن بعد سيد، لوڌي گهراڻا حڪومت ڪن ٿا. اپريل 1521ع ۾ بابر ۽ ابراهيم لوڌي پاڻيپٽ جي ميدان ۾ آمهون سامهون ٿين ٿا. لوڌين جي شڪست کانپوءِ هندستان تي مغل دور شروع ٿئي ٿو. هندستان تي انهن بادشاهن جي حڪومتن ۾ ‘غلام گهراڻي’ جو هڪ بادشاه سڀ کان نمايان ٿي بيهي ٿو. ان جو نالو غياث الدين بَلبَن آهي. هي بادشاه پنهنجي اندر ڪمال جون خوبيون رکندو هو. 1266ع ۾ حڪومت ملڻ بعد هن ڪافي سڌارا آندا. مثال طور جاسوسيءَ جي نظام کي سلطنت ۾ رهندڙ اميرن جي گهرن تائين کڻي ويو. ان جو سبب بغاوت کي شروع ۾ ئي دٻائڻ، ٻيو بدعنواني کي گهٽائڻ هو. هو ڄاڻي پيو ته معاشري ۾ خرابيون اميرن جي گهرن کان شروع ٿينديون آهن. غريب ماڻهو ته هڪ ويلي جي مانيءَ لاءِ پريشان آهي. هن ڪوشش ڪئي ته ملڪ جي اميرن کي احتساب هيٺ آڻجي، جنهن لاءِ سرِ عام سزائن جو انتظام پڻ ڪيو ويو. هڪ عجيب قانون پاس ڪيو ويو ته جيڪڏهن ملڪ جو ڪو شاهوڪار ماڻهو مري ويندو ته ان جي ملڪيت جي صرف ٽين پتي ان جي خاندان کي ملندي، باقي رياست کڻندي. ان سان ڪافي ماڻهن ۾ دولت گڏ ڪرڻ جي حوس گهٽجي وئي. سلطنت ۾ هڪ ٻيو زبرست ڪم ٿيو جو سڄي ملڪ جي يتيمن ۽ لاوارث ٻارن جي ڪفالت جو ذمو سرڪار کنيو. انهن ٻارن جي تعليم ۽ تربيت، جنگي فن کان واقفيت تي ڌيان ڏنو ويو. اڳتي هلي انهن ٻارن کي سلطنت جي اهم عهدن تي مقرر ڪيو ويو. بادشاه، انهن ٻارن جي باري ۾ چوندو هو ته، “هي ٻار ڪڏهن به ملڪ سان غداري نه ڪندا. سلطنت انهن جي ماءَ ۽ پيءُ آهي ۽ هي ڪڏهن به رنگ، نسل ۽ مذهب جي نالي تي ڪنهن به دوکي ۾ نه ايندا”. ۽ پوءِ ائين ئي ٿيندو هو. ان خيال کي وٺي عثماني سلطنت جي پهرئين بادشاه عثمان ‘يني چري’ جي نالي سان فوج تشڪيل ڏني، جيڪا مخالفن لاءِ ڊيڄاريندڙ خواب جيان هئي. اهڙا جانثار فوجي، جيڪي سر تريءَ تي رکي دشمن سان وڙهندا هئا.
انصاف جي حصول جي حوالي سان غياث الدين هڪ حڪم جاري ڪيو ته عوامي عدالتون قائم ڪيون وڃن ۽ فيصلو پنجن کان ستن ڏينهن ۾ اچڻ گهرجي، اڳتي هلي جيڪڏهن اهو ثابت ٿيو ته قاضيءَ ڪنهن سبب جي ڪري غلط فيصلو ڏنو آهي ته سرِ عام ان جي سسي ڌڙ کان ڌار ڪئي وڃي. امن و امان جي حوالي سان حڪم جاري ٿيا ته جنهن صوبيدار جي حد ۾ ڏوهه ٿيندو، اهو ئي ان جو پهريون ذميدار هوندو. ڏوهاري نه پڪڙڻ جي صورت ۾ صوبيدار کي معطل ڪري ان جي مٿان ڏنڊ وڌو ويندو هو. قتل جي ڪيس ۾ ته صوبيدار جي زندگي به ختم ٿي سگهي ٿي. ٽيڪس جو نظام ڪجهه اهڙي ريت جوڙيو ويو جو ڪو به ان کان بچيل نه هو. هر ڪو شهري پنهنجي ملڪيت جي حساب سان ضرور ٽيڪس ڀريندو هو. ان لاءِ به گهڻو ڪري جاسوسي نظام تي ڀاڙيو ويو، جيئن ڪوبه شخص ٽيڪس چوري نه ڪري سگهي.
غياث الدين بلبن انهن ڪمن لاءِ اهڙن ماڻهن جي چونڊ ڪئي، جيڪي نج رياست جا فرزند هئا. انهن کي رياست پالي وڏو ڪيو هو. اهو تاريخ جو سبق هو. ها، اهو ضرور ته ڪير به تاريخ مان سبق سکڻ لاءِ تيار ناهي، پر هر ماڻهو خاص ڪري حڪمرانن کي پنهنجي ڌرتيءَ جو اتهاس ضرور پڙهڻ گهرجي. اتهاس پڙهڻ گهرجي ته انصاف کانسواءِ ڪوبه معاشرو قائم نه رهي سگهندو آهي.