اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ايڪسٽينشن وٺڻ لاءِ راضپو ظاهر ڪرڻ جي ترديد ڪري ڇڏي، نئين عدالتي سال جي شروعات تي سپريم ڪورٽ ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران چيف جسٽس چيو ته قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ هڪ ملاقات دوران چيو ته سمورن چيف ججز جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ ڪري رهيا آهيون، مون چيو ته باقي سڀني جي ڪيو پر مان ايڪسٽينشن قبول نه ڪندس، ان ملاقات ۾ جسٽس منصور علي شاهه ۽ اٽارني جنرل به موجود هئا، هڪ صحافي سوال ڪيو ته رانا ثناءُ الله چوي ٿو ته سمورن ججز جي عمر واري حد وڌائي وڃي ته پوءِ توهان به ايڪسٽينشن وٺڻ تي متفق آهيو؟ چيف جسٽس چيو ته رانا ثناءُ الله صاحب کي منهنجي سامهون آڻيو، رانا ثناءُ الله ته ان ملاقات ۾ به موجود نه هو، منهنجي رانا ثناءُ الله سان ته ڪا ملاقات به نه ٿي آهي، ان بابت رانا ثناءُ الله کان پڇو، مون کي ته اها به خبر ناهي ته سڀاڻي زنده هوندس يا نه، صحافي سوال ڪيو ته 6 ججز جي خط وارو معاملو ٻڌڻيءَ لاءِ مقرر ڇو نه پيو ٿئي؟ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته خط جي ٻڌڻي ججز ڪميٽي کي مقرر ڪرڻي آهي، جسٽس مسرت هلالي طبيعت خراب هئڻ سبب نه پئي اچي ته ان ڪري بينچ نه پئي ٺهي. هوڏانهن نئين عدالتي سال جي شروعات تي فل ڪورٽ اجلاس کي خطاب ڪندي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته هر جج جو ڪجهه نه ڪجهه رجحان هوندو آهي، پهرين بينچ ڏسڻ سان ئي ٻڌايو ويندو هو ته ڪيس جو فيصلو ڪهڙو ايندو، هاڻي ته مون کي پاڻ به خبر نه هوندي آهي ته منهنجي ساڄي کاٻي پاسي ويٺل جج ڪهڙو فيصلو ڏيندا، مون سپريم ڪورٽ جي ڪارروائي سڌي نشر ڪرڻ جي شروعات ڪئي، پريڪٽس اينڊ پروسيجر جو پهريون ڪيس سڌو ڏيکاريو ويو، ان ڪيس جي فيصلي بعد ئي اختيار چيف جسٽس کان وٺي 3 ججز کي سونپيا ويا، چيف جسٽس چيو ته پهرين ڪاز لسٽ منظوري لاءِ چيف جسٽس وٽ ويندي هئي، هاڻي ائين نه ٿو ٿئي، هر جج جو ڪو نه ڪو رجحان هوندو آهي، هر وڪيل اهو چاهيندو هو ته سندس ڪيس فلاڻي جج وٽ لڳي، اسان اهو سسٽم ختم ڪري ڇڏيو، هاڻي بينچز جوڙڻ جو اختيار رڳو چيف جسٽس جو نه آهي، ڪيس هاڻي چيف جسٽس نه پر 3 ججز جي ڪاميٽي لڳائي ٿي، هاڻ ڪنهن جي قسمت ته ڪيس ڪٿي لڳي ويو، منهنجو 9 ڏينهن بعد چيف جسٽس طور هڪ سال پورو ٿيندو، مان جڏهن چيف جسٽس ٿيس ته 4 سالن دوران پهريون ڀيرو فل ڪورٽ اجلاس سڏايو، چيف جسٽس چيو ته ٻين جي شفافيت ۽ احتساب ڪريو ۽ پنهنجو نه ڪريو ته قدر ناهي ڪيو ويندو، سڀني ماڻهن جا بنيادي حق برابر آهن، پنهنجي ذات تائين ڪڏهن توهين عدالت جو نوٽيس ناهي ورتو، هڪ ڀيرو توهين عدالت جو ڪيس ڪيو جنهن تي معافي ورتي وئي، دليل ڏيو، تنقيد ڪريو، گاريون ڏيندي سٺا ناهيو لڳندا، اداري جي ڳالهه الڳ هوندي آهي، چيف جسٽس چيو ته پارليامينٽ قانون ٺاهيندي آهي سپريم ڪورٽ جو ڪم تشريح ڪرڻ آهي، قانون چوي ٿو ته سپريم ڪورٽ 16 ججز ۽ هڪ چيف جسٽس تي مشتمل آهي، سپريم ڪورٽ ڪيترن ئي سالن کان مڪمل نه هئي، جوڊيشل ڪميشن سمورن ججز جو انگ پورو ڪيو، هن چيو ته ججز اڪيلي ڪجهه ڪم نٿا ڪري سگهن انهن کي وڪيلن ۽ صحافين جي مدد جي ضرورت هوندي آهي، صحافي تنقيد ڪن پر ڪوڙي خبر نه هلائن. چيف جسٽس چيو ته سپريم ڪورٽ جي جج تي الزام لڳو. ان کي برطرف ڪيو ويو، بحال ته نه ڪري سگهياسين پر ان کي رٽائرڊ جج جو درجو ڏنو ويو. سپريم ڪورٽ به غلطيون ڪيون آهن. هميشه دعا ڪندو آهيان ته غلطيون نه ٿين. چيف جسٽس پاڪستان چيو ته آئين ٽوڙڻ جو ڪيس پرويز مشرف تي هلايو ويو، پرويز مشرف کي ڏوهي قرار ڏنو ويو. ذوالفقار علي ڀٽو جو ڪيس صدارتي ريفرنس جي ذريعي ٻيهر ٻڌو ويو. سپريم ڪورٽ فيصلو ڏنو ته ذوالفقار علي ڀٽو جو ڪيس فيئر ٽرائل نه هيو. ان موقعي تي اٽارني جنرل منصور عثمان فل ڪورٽ ريفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته نئين عدالتي سال جي تقريب ماضي مان سبق سکڻ جو موقعو به فراهم ڪري ٿي، ڪيترائي ڀيرا جوابدارن جي ڪيسن جو وارو اچڻ ۾ ڏهاڪا لڳي وڃن ٿا، بي گناهه ماڻهن جو ڏهاڪن تائين جيلن ۾ رهڻ ڪنهن سانحي کان گهٽ نه ٿو هجي.