چوٽياريون(رپورٽ: اعجاز راڄڙ) اڇڙو ٿر جي مختلف علائقن مان کٻڙ (ڄار) جا ناياب وڻ تيزيءَ سان ختم ٿيڻ لڳا آهن، جڏهن ته ضلعي انتظاميا، ٻيلي کاتي، ماحولياتي ادارن، پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين جي خاموشي هن معاملي کي وڌيڪ سنگين بڻائي ڇڏيو آهي. مقامي ماڻهن ۽ ماحولياتي ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن واڍي جو هي سلسلو جاري رهيو ته اڇڙو ٿر جلد ئي پنهنجون قدرتي خاصيتون وڃائي ويهندو، جيڪو نه رڳو علائقي جي ماحولياتي توازن لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندو، پر چوپائي مال ۽ مقامي حياتيات لاءِ به وڏو خطرو بڻجي سگهي ٿو. ذريعن موجب، ڪاٺ جي واپار سان جڙيل بااثر ڌريون وڏي پيماني تي وڻن جي واڍي ڪرائي رهيون آهن، جڏهن ته انتظاميا ڳرين رشوتن عيوض اک ٻوٽي ويٺي آهي. روزانو سوين ٽريڪٽر ٽراليون قيمتي ڪاٺ سان ڀريل علائقي مان نڪري رهيون آهن، پر ڪنهن به سرڪاري اداري طرفان ان کي روڪڻ لاءِ ڪو به اثرائتو قدم نه کنيو ويو آهي. مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته سندن احتجاج باوجود اختيارين وڻن جي واڍي تي ڪن لاٽار ڪئي آهي، جنهن سبب علائقي مان وڻ مڪمل طور ختم ٿيڻ جو امڪان وڌي رهيو آهي ماحولياتي ماهرن جو چوڻ آهي ته کٻڙ جو وڻ نه صرف هن علائقي جي قدرتي حسن جو اهم حصو آهي، پر اهو چوپائي مال لاءِ خوراڪ جو هڪ اهم ذريعو به آهي. جيڪڏهن واڍي جو هي سلسلو بند نه ٿيو ته ايندڙ ڪجهه سالن ۾ نه رڳو صحراڪاري وڌي ويندي، پر چوپائي مال لاءِ به خوراڪ جي کوٽ پيدا ٿي سگهي ٿي، جنهن جو سڌو اثر هتان جي مالوند طبقي تي پوندو.اڇڙو ٿر سميت سانگهڙ ضلعي جي مختلف علائقن، جن ۾ کپرو، سانگهڙ، چوٽياريون، ۽ ٻين هنڌن تي ناياب وڻن جي واڍي سالن کان جاري آهي. نم، ٽالهي، ٻٻر، سرنهن ۽ خاص طور تي کٻڙ جا وڻ هاڻي ناياب ٿيڻ لڳا آهن. چوٽياريون ڊيم ۽ ٻين سرڪاري زمينن تان وڻ ڪٽي وڪرو ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته ضلعي انتظاميا ۽ ٻيلي کاتي جا عملدار انهن غيرقانوني سرگرمين تي اکيون ٻوٽي ويٺا آهن.
واڍي روڪي ٻيلي کاتي کي فعال بڻايو وڃي: مقامي رهواسي
چوٽياريون: مقامي ماڻهن جو مطالبو آهي ته حڪومت فوري طور تي ڪارروائي ڪندي غيرقانوني وڻن جي واڍي کي روڪي، ٻيلي کاتي کي فعال بڻائي، ۽ انهن عملدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪري، جيڪي رشوت وٺي ماحولياتي تباهي ۾ برابر جا شريڪ ٿي رهيا آهن. علائقي واسين خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن جلد قدم نه کنيا ويا ته اڇڙو ٿر پنهنجي قدرتي سونهن وڃائي ڇڏيندو ۽ مقامي مالوند ۽ زرعي معيشت تباهه ٿي سگهي ٿي.
وڻ واڍي کي روڪڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن: ساڃاهه وند
چوٽياريون: علائقي جي ساڃاهه وند طبقي، ماحولياتي ماهرن، صحافين ۽ مقامي ماڻهن سرڪار کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي ان غير قانوني وڻ واڍي کي روڪڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن. مقامي ماڻهو وس وارن کان سوال ڪري رهيا آهن ته آخر ڇو پوليس، ٻيلي کاتو، ايريگيشن کاتو، ماحولياتي ادارا ۽ انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمون هن معاملي تي خاموش آهن؟