سکر: ٻيلي کاتي سنڌ جي چيف ڪنزرويٽر ڊاڪٽر عبدالجبار قاضي موجب فاريسٽ ايڪٽ 1927ع جي سيڪشن 63، 26 ۾ ترميم لاءِ وڏي وزير کي سفارشون اماڻيون آھن، ٻيلي کاتي جي زمين تي قبضي کي ڏوھ قرار ڏئي نان بيل ايبل وارنٽ ھوندو، جنھن جي سزا وڌيڪ 7 کان 14 سال ۽ گھٽ ۾ گھٽ 50 ھزار في ايڪڙ وڌ ۾ وڌ اڍائي لک ڏنڊ تجويز ڪئي وئي آھي.