سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن اندر ٻيلي کاتي جي زمينن تي قبضن خلاف ڪيس جي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس ظفر احمد راجپوت ۽ جسٽس ذوالفقار خان تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي، ٻيلي کاتي جو ڪنزرويٽر محمد سليم وسطڙو، ڊي ايف او سکر هوش محمد شر، ڪنزرويٽر لاڙڪاڻو ظفر وساڻ، ڊي ايف او خيرپور ضياءُ الدين لغاري ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا. ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران جسٽس ظفر احمد راجپوت رمارڪس ڏيندي چيو ته ٻيلي کاتي جي زمين ڪنهن به خانگي ماڻهوءَ کي نه ڏني ويندي. ليز جي آڙ ۾ سمورا وڻ وڍيا وڃن ٿا. ڄامشوري ويجهو ٻيلي کاتي جي ليز تي ڏنل زمين ڪمرشل مقصدن لاءِ وڪرو ڪئي پئي وڃي. ٻيلي کاتي جي عملدارن عدالت کي آگاهي ڏني ته سرڪار 2023 ۾ نئين پاليسي ٺاهي آهي ته ٻيلي کاتي جي زمين فاريسٽ کانسواءِ ٻئي مقصد لاء نه ڏني ويندي. ان تي جسٽس ظفر احمد راجپوت رمارڪس ڏيندي چيو ته هيءَ پاليسي ٺاهيندڙن جي فرنٽ مئنن قبضا ڪيا آهن، انهن ئي پاليسي ٺاهي آهي، ڪچي جي هزارين ايڪڙ زمين ڪنهن جي قبضي ۾ آهي، انهن جا نالا ٻڌايا وڃن. وڪيل مطابق عدالت ٻيلي کاتي جي زمينن بابت سرڪار جي نئين پاليسي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 25 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.