سکر(رپورٽ: فاروق سومرو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر جسٽس آفتاب احمد گورڙ ۽ جسٽس فهيم احمد صديقي تي مشتمل ٻه رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي، چيف ڪنزرويٽر سنڌ ڊاڪٽر عبدالجبار قاضي، سنڌ جي مختلف ضلعن جا فاريسٽ آفيسر، ڪنزرويٽر سميت مختلف کاتن جي آفيسرن عدالت ۾ پيش ٿي رپورٽ جمع ڪرائي. ايس ايس پي ٽنڊوالهيار پاران زميندار سرفراز نظاماڻي کي گرفتار ڪري پيش نه ڪرڻ تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايس ايس پي ٽنڊوالهيار کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي آءِ جي سنڌ کي کاتيوار ڪارروائي جو حڪم ڏيندي ايڊيشنل آءِ جي حيدرآباد ۽ ڊي آءِ جي کي حڪم جاري ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي سرفراز نظاماڻي کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. سرفراز نظاماڻي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سرفراز نظاماڻي اسلام آباد سپريم ڪورٽ ۾ درخواست ڏني آھي، جنھن تي عدالت چيو ته اسان هن کي هتي پيش ٿيڻ لاءِ چيو هو ۽ هو وري اسلام آباد ويو آهي کيس گرفتار ڪري پيش ڪيو وڃي، ٻڌڻي دوران هڪ وڪيل تحريڪ انصاف اڳواڻ جهانگير ترين سميت پوري سنڌ اندر بااثرن جي قبضن جي نشاندهي ڪئي، جنهن تي جسٽس آفتاب احمد گورڙ ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسان کي سڀ خبر آهي ته اصل ماڻهو ڪير آهن جيڪي سرڪاري ملڪيتن تي قبضا ڪرائي رهيا آهن پر بااثرن جا نالا فاريسٽ وارا لڪائي رھيا آھن، اسان هن ڌرتي جا ڄاوا آهيون پنهنجو فرض نڀائي رهيا آهيون، ڪير ڪيترو بااثر ڇو نه ھجي ان مٿان نيب کي ريفرنس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيون ٿا.عدالت نيب سکر کي اوٻاوڙي کان ڪراچي تائين ٻيلي کاتي جي زمين مٿان قبضو ڪندڙن ۽ انھن جي پشت پناهي ڪندڙن کي ظاهر ڪري مٿن ريفرنس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جنھن بعد عدالت رينجرس ۽ پوليس کي ٻيلي کاتي جي عملدارن جي مڪمل مدد ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي پھرين جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.