ٻيلي ويجهو معمولي ڳالهه تان ٻن ڌرين ۾ جهيِڙو، نوجوان گوليون هڻي قتل

0
15
ٻيلي ويجهو معمولي ڳالهه تان ٻن ڌرين ۾ جهيِڙو، نوجوان گوليون هڻي قتل
ٻيلي ويجهو معمولي ڳالهه تان ٻن ڌرين ۾ جهيِڙو، نوجوان گوليون هڻي قتل

ٻيلو شهر(ن پ ا)ٻيلو ويجهو  ٻيلو ٿاڻي جي حد  دمدمون اسٽاف ڀرسان ٻاٻڙا برادري ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو، فائرنگ دوران گولي لڳڻ ڪري ڳوٺ يوسف ٻاٻڙو جو رهواسي  نوجوان خادم ٻاٻڙو  موقعي تي مارجي ويو، جنهن جو لاش مڪلي اسپتال نيو ويو، جتي اسپتال عملي ضلعو  الڳ هئڻ جو چئي جواب ڏنو، جتان ٻيلو پوليس لاش کڻائي سجاول اسپتال آندو، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي  ڪيو ويو ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ڌرين ۾ جهيڙو معمولي ڳالهه تان ٿيو  هوڏانهن  ڳوٺ ۾ خوف حراس ڇانيل، آهي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس  داخل نه ٿي سگهيو، جڏهن  ته هڪ ڄڻي  کي گرفتار ڪرڻ جا اطلاع مليا آهن.