ٻيلو شهر(ن پ ا ) ٻيلو شهر ڀرسان دڙو بئراج مان نڪرندڙ راڄ واهه جي ڪيترن ئي سالن کان کاٽي ۽ صفائي نه ٿي ۽ هڪ سال کان پاڻي نه وھڻ ڪري يوسي کيرال ديهه ڪوٽ عالمون، ديهه رانٽا ۽ ديهه کيرال جون هزارين ايڪڙ زمينون بنجر بنجي ويون آهن، جڏهن ته ڳوٺ رانٽا، ڳوٺ محمد حسن جاکرو، جعفر ملاح، عثمان مهندو پليجا ڳوٺ ۽ ٻين ڳوٺن ۾ زرعي آبادي توڙي پيئڻ ۽ عام استعمال لاءِ پاڻي جي کوٽ ٿي وئي آهي، جر کارو ٿيڻ ڪري رهواسي موٽرسائيڪل، گڏهه گاڏين توڙي پيادل پنج کان ڇهه ڪلو ميٽر پنڌ ڪري پيئڻ جو پاڻي ڀرڻ تي مجبور آهن، پاڻي نه هجڻ سبب علائقي ۾ ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، پاڻي جي قلت سبب مقامي رهواسي سخت پريشان آهن، ڳوٺاڻن متارو جاکرو، ستار جاکرو، عاشق علي رانٽو، اسلم پليجو ۽ ٻين احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته راڄ واهه نالي ۾ پاڻي نه اچڻ ڪري اسان وٺ پاڻي جي وڏي قلت ٿي وئي آهي، زمينون بنجر بڻجي ويون آهن، اسان فاقاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجڀور آهيون، هنن وڌيڪ چيو ته پاڻي نه اچڻ جون شڪايتون مختلف سياسي سماجي ڌرين توڙي آبپاشي کاتي جي اعليٰ اختيارين کي بار بار ڏنيون آهن، پر ڪير به ٻڌي نه ٿو، انهن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته دڙو بئراج مان نڪرندڙ راڄ واهه جي کاٽي ڪرائي واهه ۾ پاڻي جي فراهمي بحال ڪئي وڃي. ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.