ميهڙ (ن پ  ا) ميھڙ جي گھنٽا گھر چوڪ وچ شھر ۾ ٻير کپائيندڙ پورھيت عبدالستار ڪمانگر تي جوابدارن تشدد ڪيو. پورھيت زخمي حالت ۾ تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جنهن بعد زخمي پورھيت عبدالستار ڪمانگر نيشنل پريس ڪلب ميھڙ جي صحافين سان ڳالھائيندي ۽ الزام هنيو ته سولنگي برادري جي جوابدارن صادق سولنگي ، ڪامريڊ سولنگي ۽ ٻين چونڊ ٻير نه ڏيڻ تان مون مٿان ڏمرجي تشدد ڪيو آھي ھن چيو ته مان پورھيت مسڪين مزدور آھيان بلا وجه جي جوابدارن تشدد ڪري ٻانھن ڀڃي ڇڏي آھي جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.