ڄام نواز علي(رپورٽ: امداد علي بلوچ) ٻيراڻي ۾ واپڊا پاران بجلي ڪٽڻ تان سواڻي پاڙي ۾ راجپوت برادري جي ماڻھن ۽ واپڊا عملي ۾ جهيڙو ٿي پيو، لائين مين سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ لائين مين ڪريم بخش خاصخيلي، مير احمد ۽ شهري خالد راجپوت شامل آهن، زخمين کي اسپتال داخل ڪيو ويو. واقعي بعد وپڊا جي لائين مين اسلم راجپوت ۽ ايس ڊي اي سيد اصغر علي شاهه ٻيراڻي ٿاڻي تي پھچي سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو. ٻئي طرف راجپوت برادري پاران ڪيس داخل ڪرڻ ۽ بنا جواز بجلي ڪٽڻ خلاف حيسڪو عملدارن خلاف ٻيراڻي شهر ۾ ڄام نواز علي/ٽنڊوآدم مين روڊ تي ٽائرن کي باھيون ڏئي ڌرڻو هڻيحيسڪو عملدارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي يامين راجپوت، اختر راجپوت ۽ ٻين چيو ته اسان مٿان واپڊا انتظاميا ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آهي. واپڊا وارا خود بجلي چور آهن، جن جي خلاف بار بار احتجاج ڪيا ان تان هو مڇرجي پيا آهن بنا جواز شهر جي مختلف پاڙن جي بجلي ڪٽي ڇڏي آهي، اسان جي پاڙي ۾ ڪو به بجلي چور ناھي شھر ۾ 24ڪلاڪن ۾ صرف 6 ڪلاڪ بجلي ھلي ٿي مٿان وري ڳرا بل موڪليا ويندا آهن، اسان حيسڪو واپڊا جي ظلمن کان تنگ اچي ويا آھيون اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ٻئي طرف ايس ڊي او سيد اصفر علي شاهه چيو ته شھر جي ماڻھن تي لکين رپيا بقاياجات آھي انھن رھتن جي ادائيگي لاءِ بجلي جي باقيدارن ۽ بجلي چورن خلاف آپريشن شروع ڪيو آھي غيرقانوني طور لڳل ڪنيڪشن ڪٽڻ تان اسان جي عملي تي حملو ڪري ٻن ڄڻن کي زخمي ڪيو ويو آھي اسان سرڪاري فرياد تي 9 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪرايو آهي. ٻئي طرف ايس ايچ او ٻيراڻي مظاهرين وٽ پهچي ساڻن ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو.