ڄام نواز علي(ن پ ا) ٻيراڻي ويجهو گهرن کي باهه لڳڻ سبب معصوم ٻالڪ سڙي فوت، گهرن ۾ پيل سامان رک، خبر موجب ڳوٺ الله وسايو ڪٽوھر ۾ ڀيل برادري جي گهرن کي باهه لڳي وئي، جنهن ۾ چئن ڄڻن جا گهر سڙي رک ٿي ويا، جڏهن ته 7 سالا ٻالڪ امروٽي ڀيل سڙي سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال نيو ويو، جتي هن دم ڏئي ڇڏيو، معصوم ٻالڪ جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، متاثرن ٻڌايو ته باهه لڳڻ سبب گهرن ۾ پيل سوين مڻ اناج، هنڌ، بسترا سڙي رک ٿي ويا، جڏهن ته 3 ٻڪريون پڻ سڙي مري ويون، متاثرن سرڪار ۽ سرنديوارن کي سهائتا جي اپيل ڪئي آهي.