بيجنگ( انٽرسٽنگ نيوز) چين جي شهر گوانگشي ۾ ٻوڏ ۾ ڦاٿل هڪ شخص جي ڊرون ذريعي بچاءُ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيو ۾، اهو ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ شخص جيڪو ٻوڏ جي پاڻي ۾ فاٿل هو ، همراهه گهر جي ڇت تي مسيحا جو منتظر هو، جنهن کي هڪ منٽ ۾ هڪ هيوي لفٽ ڊرون ذريعي محفوظ هنڌ پهچايو ويو.مقامي ميڊيا جي رپورٽن موجب، چين تازي تباهي ڪندڙ ٻوڏ کان ماڻهن کي بچائڻ لاءِ ٽيڪنالاجي طور تي جديد سامان استعمال ڪري رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي ته ٻوڏ جي پاڻي ۾ ڦاٿل هڪ شخص کي بچائڻ لاءِ تقريبن 100 ڪلوگرام وزن کڻڻ جي صلاحيت رکندڙ ڊرون استعمال ڪيو ويو.ٽن دريائن جي وچ تي واقع رونگ جيانگ ڪائونٽي ۾، جتي 300,000 کان وڌيڪ گهر آهن، هن هفتي رڪارڊ برسات سبب 6 ماڻهو فوت ٿي ويا، جڏهن ته 80,000 کان وڌيڪ ماڻهو پنهنجا گهر ڇڏڻ تي مجبور ٿيا.