اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سنڌ ۾ ٻوڌ سبب متاثر ٿيل اسڪولن جي بحالي جا فنڊ روڪڻ جي معاملي تي پاڪستان پيپلزپارٽي اليڪشن ڪميشن کي خط لکيو آهي، خط پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اليڪشن سيل جي انچارج سينيٽر تاج حيدر چيف اليڪشن ڪمشنر کي لکيو ، خط سان گڏ ضلعي ٽنڊو محمد خان جي ٻوڏ سبب تباهه ٿيل اسڪولن جون تصويرون به اماڻيون ويون آهن، پيپلز پارٽي پاران اليڪشن ڪميشن کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ ۾ ٻوڏ سبب تباهه ٿيل اسڪولن جي بحالي لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي، اهي فنڊ بجيٽ ۾ پهريان ئي منظور ٿيل آهن، نگران حڪومتن وٽ آئين مطابق اهو اختيار نه آهي ته اها جاري ترقياتي اسڪيمن ۽ چونڊيل حڪومتن جي جاري پاليسين کي روڪي سگهي، سنڌ ۾ نيون تعمير ٿيل اسڪولن جون عمارتون ايندڙ عام چونڊن ۾ پولنگ اسٽيشنن جي لاءِ ڪم اچي سگهن ٿيون.