حيدرآباد( بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سيوهڻ ۾ قائم رليف ڪئمپ ۾ ترسيل متاثرين کي جنريٽر ذريعي بجلي ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ آر او پلانٽ کي فعال بڻائڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي ڄام شورو واسي وڪيل ثناءِالله ڀنگر پاران داخل درخواست تي ٻڌڻي دوران اي ڊي سي ڄام شورو ۽ ڊي ايس پي سميت لاڳاپيل عملدار عدالت ۾ پيش ٿيا، ٻڌڻي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ۽ جسٽس امجد علي سهتو ڪئي، وڪيل آگاهي ڏني ته صحت کاتي پاران ڄام شورو ۾ قائم ٽينٽ سٽي ۾ ميڊيڪل ڪئمپ قائم ڪئي وئي آهي پر سيوهڻ ۾ متاثرين جو بهتر نموني علاج نه پيو ٿئي. حيسڪو پاران گلشن شهباز ڪالوني ۾ ته بجلي فراهم ڪئي وئي آهي پر سيوهڻ سميت ٻين علائقن ۾ ترسيل ٻوڏ متاثر اڃا تائين بجلي کان محروم آهن. عدالت ريمارڪس ڏنا ته اسان پاڻ ڪنهن به وقت ڪئمپن جو دورو ڪنداسين جيڪڏهن متاثرين کي سهولتون نه مليل هونديون ته لاڳاپيل عملدارن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي،عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.