ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ سرڪار پاران 25 ايڪڙ تائين جي آبادگارن کي ٻئي مرحلي ۾ ڪڻڪ جي ٻج جي مد ۾ سبسڊي واري رقم اڄ کان ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان سنڌ جي زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ چيو آهي ته ٻئي مرحلي ۾ هڪ لک کان وڌيڪ آبادگارن کي ڪڻڪ جي ٻِج جي مد ۾ اڄ کان رقم ڏني ويندي، هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ ساڍا 12 ايڪڙ تائين جي رهجي ويل آبادگارن کي به رقم ڏني ويندي. منظور وساڻ چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت ڪڻڪ جي آبادگارن کي في ايڪڙ 5 هزار رپيا سبسڊي ڏني پئي وڃي.