ٻوڏ متاثرن کي جيئڻ ڏيو، بکيو ۽ بيمار مرڻ کان بچايو

0
88
اڳ ئي کوٽ وري اربين رپين جي سرڪاري ڪڻڪ بھ خراب

جڏهن سنڌ ۾ برساتون شروع ٿيون ۽ ٻوڏ جا خطرا ظاهر ڪيا ويا هئا تڏهن به اسان چيو هو ته حڪومت اهڙا قدم کڻي جو ماڻهو زنده رهي سگهن. انهن کي حفاظت وارن هنڌن تي منتقل ڪيو وڃي، سندن خيال رکڻ لاءِ انتظام ڪيا وڃن، پر ان تي ڪنهن به ڌيان نه ڏنو هو. وري جڏهن ماڻهو بي گهر ٿيا، انهن جا ڳوٺ ٻڏي ويا، گهر رهڻ جهڙا نه رهيا، انهن کي اباڻا پڊ ۽ علائقا ڇڏي پناهگير بڻجي ڪئمپن ۾ ۽ ڪن کي ته پنهنجو علائقو ئي ڇڏي وڏن شهرن ۾ وڃڻو پيو ته به چيو ويو ته انهن ماڻهن جي مدد ڪئي وڃي. انهن جا اهنج گهٽايا وڃن پر ان وقت به ڪجهه نه ٿيو. هاڻ انهن اپيلن تي عمل نه ڪرڻ جا اثار ظاهر ٿي رهيا آهن جو ماڻهن وٽ ماني ڳڀو کائڻ لاءِ ناهي ۽ اهي بک وگهي مري رهيا آهن. هڪ هفتي کان به وڌيڪ وقت اڳ اهڙيون خبرون اچڻ شروع ٿيون ته ٻوڏ متاثرن کي بک مارڻ شروع ڪيو آهي. ان وقت به 2 ڄڻا فوت ٿيا هئا ۽ ٻه پيرسن بکن ۾ پاهه ٿي بيهوش ٿيا هئا. ان بعد ڪو اهڙو ڏينهن خالي نه ويو آهي جو بک وگهي ماڻهو مرڻ جا اطلاع نه مليا هجن. وري اطلاع آهن ته ملڪ کي معدنيات جي دولت ڏيندڙ ۽ سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڏيندڙ سنڌ جي هڪ نه پر ٻن علائقن ۾  هڪ ٻه نه پر 4 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن انهن ۾ 2 ته معصوم ٻارڙا آهن. اطلاعن موجب ميھڙ انڊس ھاءِ وي تي کليل آسمان ھيٺ ويٺل کھڙا ڳوٺ جا رھواسي ٻوڏ متاثر پيرسن علي حسن پاھي ۽ سندس نوجوان ڌيءُ حضوران پاھي بک، بدحالي ۽ بروقت علاج نه ٿيڻ سبب تڙپي تڙپي فوت ٿي ويا، جنھن سبب گھر ۾ ڪھرام مچي ويو، جڏھن ته ٻوڏ جي پاڻي ھجڻ سبب فوتين جو لاش کڻڻ به مشڪل بڻجي ويو ۽ فوتين جا لاش اباڻي ڳوٺ کڻائي وڃڻ بدران وارثن پاران  ميھڙ جي قبرستان ۾ دفنايا ويا. سنڌي ٻٽڙا ڀرسان راجا سولنگي جو 8 ڏينھن جو ڄاول معصوم ٻارڙو غذائي قلت سبب فوت ٿي ويو. ٻارڙي جي والد ٻڌايو ته گھرن ڀرسان پاڻي اچڻ بعد رستا بند ٿيڻ سبب خوراڪ جي کوٽ ٿي، جنهن سبب ٻارڙو فوت ٿيو. ڀان سيدآباد ڪچي جي دريديرو واري علائقي ۾ صحت جي سهولت نه ملڻ ڪري پيرسن محمد هاليپوٽو ٻيڙيءَ ۾ ئي فوت ٿي ويو. ڪوٽڏيجي جي خيما وسندي ۾ 2 سالن جي آسيه بک سبب تڙپي تڙپي دم ڏئي ڇڏيو.

هي واقعا لڱ ڪانڊاريندڙ آهن. جيڪڏهن ڪنهن کي دل ۾ احساس آهي ته اهو انهن خبرن کي پڙهي پنهنجي زندگي نارمل طريقي سان گذاري نه ٿو سگهي. ڇاڪاڻ ته جتي ماڻهو کاڌو نه ملڻ ۽ بيمارن جو علاج نه ٿيڻ ڪري مري رهيا هجن اتي ڪنهن کي ڪيئن ٿو آرام اچي سگهي؟ پر اسان وٽ شايد احساس اغوا ٿي ويا آهن ۽ اسان جي دل درد سهڻ جي ايتري عادي ٿي وئي آهي جو ان کي اهڙي ڪنهن واقعي تي ڪو جهٻو ئي نه ٿو اچي! حڪومت کي ته اپيلون ڪرڻ اجايو آهي پر حڪومت کانسواءِ ٻيو آهي ئي ڪير جنهن کي هن ڏکئي وقت ۾ سڏي سگهجي. بيمار ته هميشه ڊاڪٽر وٽ ئي ويندو پوءِ چاهي هو ان جو علاج ڪري يا نه ڪري ۽ بکيو هميشه ڀانڊار وٽ ويندو چاهي هو اَن جو ڪڻو ڏئي يا نه ڏئي! ان ڪري اسان وري به حڪومت کي اپيل ٿا ڪريون ته خدارا ماڻهن جو احساس ڪريو انهن کي بک ۽ بيمارين جي ڪري مرڻ نه ڏيو. انهن لاءِ کاڌي پيتي، علاج معالجي جو بندوبست ڪريو خاص ڪري انهن عورتن لاءِ جيڪي ٻارن کي ٿڃ پياري رهيون آهن. ٻيو ٻارن لاءِ جيڪي بک برداشت ڪري نه ٿا سگهن. وري انهن پيرسنن لاءِ جن وٽ هاڻ ڪا سختي برداشت ڪرڻ جي سگهه نه رهي آهي. اسان ان سان گڏ سمورين اين جي اوز، سرندي وارن ۽ انهن ماڻهن کي به اپيل ڪنداسين جن وٽ ڪنهن کي ڪجهه نه ڪجهه ڏيڻ جي طاقت آهي ته اڳتي وڌو، اٿو هي وقت آهي پنهنجي ماڻهن کي جيارڻ جو. هي وقت ته گذري ويندو پر اها ڳالهه ياد رهندي ته ڪير ڪنهن جي ڏکئي وقت ۾ ڪم آيو.