ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ سنڌ سرڪار پاران ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ کنيل مثالي قدم پاڪستان سميت سڄي دُنيا لاءِ مثال بڻجي چُڪا آھن، 21 لک ٻوڏ متاثر خاندانن لاءِ 8 لک کان وڌيڪ گھر تعمير ٿي چُڪا آھن، ھي ڪارنامو گنيز بوڪ آف ورلڊ ريڪارڊ ۾ درج ڪرڻ جھڙو آھي. ھڪ بيان ۾ هن چيو ته انهن گھرن ۾ صاف پاڻي، باٿ روم ۽ ٻين بنيادي سھولتن کي بھ شامل ڪيو پيو وڃي ھن چيو ته توانائي واري کاتي پاران ھزارين غريب ۽ وچولي طبقي جي خاندانن کي سولر پينل ڏنا پيا وڃن، ھن چيو تھ سنڌ سرڪار پرعزم آھي تھ باقي متاثرن کي بھ جلد گھر ڏنا ويندا